• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

فياض منصور

سينيئر رڪن
خوشي منهجي ويجهو اچي ئي نه ٿي،
پري درد مون کان ٿئي ئي نه ٿو۔

سڪل وڻ جيان ٿو مان سڙندو وڃان،
اچي ڪير پاڻي ڏيي ئي نه ٿو۔

وڃي روز تصور ملي ٿو اچي،
ڪڏهن ساڻ مون کي نيي ئي نه ٿو

ٻڌان ڪاش هي سنڌ وارن وٽان،
ڏکيو ڪير هاڻي جيي ئي نه ٿو

چون شال ٿر جا هي مارو فياض
ته پٽ هاڻِ پاڻي پئي ئي نه ٿو
 
Back
Top