وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري)

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    حصو پهريون

    جڏهن ماڻهو اڪيلو ٿيندو آهي ته اُنهي وقت پنهنجي ماضي جي ورقن کي اٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪندو آهي ۽ ماضي جي شاهاڪار گهڙين کي ياد ڪندي، پنهنجي پاڻ کي اطمنان ڏيندو آهي. مون سوچيو آهي ته آئون به اوهان سان پنهنجي پڙهائي جي دور جا ڪجھ اولڙا ونڊ ڪريان ته جئين مون کي به سُرهائي ٿي. ٻه هزار ڏھ عيسوي ۾ مون سکر جي پيراميڊيڪل ايڊ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي، هيلٿ ٽيڪنيشن جي ڊپلومه ڪرڻ لاءِ، تڏهن مسلسل هر هفتي منهنجو گذر خيرپور کان سکر ويندي يونيورسٽي جي مين گيٽ وٽان ٿيندو هو، منهنجون نگاهون حسين آباد اسٽاپ ڪراس ڪندي ئي يونيورسٽي جي جهلڪ پسڻ لاءِ بي چين ٿي وينديون هيون، يونيورسٽي ڀرسان پهچندي ئي اکيون ساڄي پاسي پاڻهي ڄاڻ مُڙي پونديون هيون، منهنجا نيڻ تيستائين پنهنجو رخ تبديل نہ ڪندا هئا.

    جيستائين يونيورسٽي جي ٻاهرين ڀت ختم نه ٿيندي ٿئي، يونيورسٽي جي ٻاهرين ڀت ختم ٿيندي ئي نگاهون واپس پنهنجي معمول تي اچي وينديون هيون ۽ ويگن ۾ ويٺي آس پاس نهارڻ شروع ڪنديون هيون. تن ڏينهن ۾ مون کي نہ يونيورسٽي جي مڪمل ڄاڻ هئي، نہ ئي مان يونيورسٽي گهميل ڦريل هيس، نہ ئي يونيورسٽي جي مڪمل شعبن جي خبر هئي ۽ نہ ئي يونيورسٽي جي دلڪش نظارن توڙي نينهن جي ناتن جي جڙڻ جي سُڌ هئي، ها باقي ايتري معلومات ضرور هئي تہ يونيورسٽي جي زندگي ڏاڍي حسين زندگي هوندي آهي، هن ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪا روڪ ٽوڪ ڪونہ هوندي آهي، ڪلاس وٺو يا نہ وٺو يا وري هلندي ڪلاس ۾ پاڻي جو بهانو ڪري استاد کي چڪمو ڏئي آساني سان جاڏي وڻي تاڏي وڃي سگهجي ٿو، اهڙي ريت منهنجي محبت يونيورسٽي سان هر روز وڌنڌي ويندي هئي ۽ منهنجا نيڻ تڏهن ٺري پوندا هئا جڏهن يونيورسٽي جي ٻاهران لڳل بورڊ تي” شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس“ لکيل پڙهندو هيس. اِهي لفظ ظاهري طور تہ انگريزي لفظن ۾ لکيل هوندا هيا پر مون کي هنن لفظن مان هڪ سرور ۽ سڪون ملندو هو، ڇو تہ هي يونيورسٽي منهنجي ڌرتي جي عظيم مفڪر لطيف سرڪار جي نالي سان منسوب آهي،

    هن ورسٽي سان منهنجي محبت جو پهريون ۽ اهم عنصر اِهو بہ آهي تہ هن ورسٽي سان مون لطيف سرڪار جي نالي جي ڪري عشق ڪرڻ شروع ڪيو هو، هر هفتي سکر ويندي يا سکر کان ايندي جڏهن بہ يونيورسٽي ڀرسان لنگهائون ٿيندو هيس تہ اُن مهل نگاهون پنهنجو مرڪز عام حالتن کان موڙي وٺنديون هيون، روڊ تان ويگن ۾ ويٺي پري کان ئي ورسٽي ۾ گهمندڙ جوڙڻ کي ڏسندي، گلن ۽ ڦلن جي مهڪ کي تڪيندي، توڙي جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ گهمندي ڦرندي ڏسندي اهو يقين اڃا پختو ٿيندو هو تہ واقعي يونيورسٽي جي زندگي انتهائي خوبصورت ۽ آزاد زندگي آهي. سکر پڙهڻ دوران مون اڃا مئٽرڪ تائين تعليم مڪمل ڪئي هئي ۽ ڪاليج سائيڊ فرسٽ ائير ۾ داخلا وٺي چڪو هيس، هيڏان سکر ۾ هيلٿ ٽيڪنيشن وارو ڏيڍ سالا ڊپلوما پورو ٿيو ته هوڏانهن ذري گهٽ انٽر مڪمل ٿيڻ تي هئي، ٿوري ئي عرصي گذرڻ کان پوءِ انٽر جا پيپر ٿيا اهڙي ريت هڪ ئي وقت ۾ مون ٻہ تعليمي لياقتون حاصل ڪري ورتيون هيون، انٽر ۾ بي گريڊ آيو. جنهن جو مکيه سبب ڪاليج هڪ ڏينهن بہ نہ وڃڻ هو، وڃجي بہ ڪئين ها؟ اَن دوران مون پنهنجو مڪمل وقت ۽ ڌيان هيلٿ ٽيڪنيشن جي ڊپلوما کي جو ڏنو هو. پوءِ ڪاليج ڪئين وڃجي ها، بس مڙئي پاس ٿي ويا هئاسين.

    اِها ئي خوشي ڪافي هئي تہ ڪٿي ڪا سپلي نه لڳي نہ تہ وري هڪ سال انتظار ڪرڻو پوي ها، تيستائين ماڻهو الائي ڪٿي وڃي پهچن ها. ڳالھ هلي پئي ماڻهن جي الائي ڪٿي پهچڻ جي، مان انٽر ڪرڻ کان پوءِ ڪٿي وڃي پهتو هيم، اُن جو اوهان گمان بہ نہ ٿا ڪري سگهو، مون جئين ئي انٽر بي گريڊ ۾ پاس ڪيو تہ بابا کي شوق جاڳيو مون کي انجنئير ڪرڻ جو، مڪمل وقت ميڊيڪل جي شعبي کي ڏنل وري مٿان سگهو ئي انجنئير ٿيڻ، وڏو چڱو خاصو اتفاق هو وري اتفاق بہ اِهڙي برڪت ڏيکاري جو منهنجا پاڙ پاڪستان مان پٽي ڪري سڌو وڃي آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ کوڙيائين. جتي آئون سول انجنئرينگ شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوٽا تحت چونڊڃي وڃي پهتو هيس، شهر تہ ڀلو هو، ماڻهو بہ ڪنهن قدر محبتي ۽ باقي ضدي هئا، ان شهر کي مِني انگلنڊ چوندا آهن. ڇو تہ هتان جا تقريبن ست ڀاتين مان سراسري طور ڇھ ڀاتي انگلنڊ ۾ ڪمائڻ لاءِ ويل هوندا آهن. جنهن ڪري اُتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي توڙي اُٿڻي ويهڻي ۾ چڱو خاصو اثر انگلنڊ ڪلچر جو هوندو آهي، هتان جو سڄو شهر صبح جو اٺ بجہ کلندو آهي ۽ وري رات جو اٺ بجہ بند ٿي ويندو آهي، پڇڻ تي چوندا هئا تہ اسان وٽ پيسو جام آهي. اسان ڪمائڻ لاءِ دڪان ناهيون کوليندا، اسان دڪان تہ اِن لاءِ کوليندا آهيون تہ جئين وقت جو گذارن ڪري سگهون.

    هلندڙ…
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو