حصو ٻيو مون کي سندن اهڙا احوال ٻڌي ڪري هڪ چوڻي ياد ايندي هئي تہ ڪٿي چور سُڃا ته وري ڪٿي ڍور سُڃا. مٽن مائٽن گهڻيون ئي دعائو ڪيون تہ جئين آئون اُتان سول انجنئير ٿي ڪري نڪران، پر قسمت کي اِهو سڄو ڪٿي منظور هيو، گهڻي ئي محنت توڙي اٽڪل بازين ڪرڻ جي باوجود بہ پورو سيمسٽر پاس ڪو نہ ٿي سگهندو هو، ڪڏهن ڪنهن سيمسٽر جي پنجن پيپرن مان ٽي پيپر فيل ٿيندا هيا تہ وري ڪڏهن پنجن مان ٻہ پيپر فيل ٿي پوندا هئا، ادا پيپر فيل بہ ڪئين نہ ٿين ها مئٽرڪ کان پو۽ انٽر تائين پڙهيو هڪ لفظ بہ ڪو نہ هيو، اڄ تائين يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي هڪ بہ سبجيڪٽ جو نالو نہ ٿو اچي. پوءِ فيل ڪئين نہ ٿيا ها، برحال اُتي منهنجا پير گهڻو وقت ٽِڪي ڪو نہ سگهيا ڇو تہ بلڊنگ پيڙھ جي آڌار تي وڌنڌي آهي، پورا ٻہ سال پيڙاھ مان ريگهندي ريگهندي نيٺ هڪ ڏينهن اچي ڪري گهر ڀيڙو ٿيس، گهر واپس اچڻ شرط هڪ نئي راھ ۽ منزل جي متلاشي رهيس، نصيبن نيٺ پنهنجي شهر خيرپور ڏي واپس رُخ ڪرايو. ڪجھ مهينا گهر ڀيڙو ٿيس، مٽ مائٽن توڙي لاڳاپيل هر شخص مون کي پنهنجي تجربي آڌار منهنجي مستقبل جي اونداه هجڻ جون اڳڪٿيون ٻڌايون، پر مون کي هڪ تہ پاڻ تي ڪنهن حد تائين اعتماد ۽ ڀرسو هيو ٻيو اِهو تہ مون کي خبر هئي تہ انجنئرينگ شعبو دنيا جو واحد يا آخري شعبو ڪو نہ آهي. جنهن کان سواءِ منهنجي تعليم اڳتي جاري نہ ٿي سگهندي، جيترا انساني ڪرت توڙي معاملا آهن انهن جيترا ئي دنيا ۾ شعبا وجود ۾ آيل آهن. مون کي يقين هو تہ جيڪڏهن هڪ دروازو بند ٿيو آهي تہ ٻيا انيڪ دروازا مون لاءِ کُلندا. ڇو تہ منهنجي بهتر مستقبل جو مون متعلق سٺو فيصلو منهنجو خدا ئي ڪري سگهي ٿو، ماڻهن جي وس صرف ڳالهيون ڪرڻ آهن، اهڙي نموني هڪ ڏينهن قسمت جو پهريون دروازو کليو ۽ بابا مون کي چيو ”خيرپور وڃ ۽ اُتان ايليمنٽري ڪاليج مان داخلا فارم وٺي اچ تہ جئين تنهنجي داخلا ٿي سگهي ۽ تنهنجي تعليم جاري ۽ ساري ٿئي، گهر ويهڻ مان ڪو فائدو ناهي. ”مون پڇيو ڇا ۾؟ بابا وراڻيو ” اي ڊي ئي ۾“. مون حيرانگي مان پڇيس بابا اِها وري ڪهڙي ڊگري آهي؟ بابا جواب ۾ چوڻ لڳو ”تون فل حال وڃ داخلا فارم وٺي اچ، باقي پو۽ حال احوال ڪريون ٿا“. آئون ٻي ڏينهن جو سوير تيار ٿي ڪري ويگن پڪڙي خيرپور وڃي پهتس، آئون پنج هٽي اسٽاپ وٽ لٿس، بابا کان پهريان ئي پڇي ورتو هيس تہ ڪٿان کان ڪئين ڪاليج وڃان، بابا سڄو ڏس پتو سمجهائي ڇڏيو هو، بابا کان ان لاءِ مون پڇيو هو ڇو جو ان کان اڳ آئون ڪڏهن ڪو قسمت سان ايڪڙ ٻيڪڙ ڏينهن خيرپور آيو هيس، سو بہ وڏي وٿين کان باوجود، جنهن سبب خيرپور کان گهڻي ڀاڳي اَڻ سُوهو هيس، سکر پڙهڻ دوران بہ صرف خيرپور جي ٻاهرن روڊن کان گذر ٿيندو هو. ڪڏهن خيرپور شهر توڙي خيرپور جي ڪنهن ٻي اهم جڳھ جهڙوڪ ڊي سي آفيس، ريڊيو پاڪستان وغيره تي اچڻ وڃڻ ڪو نہ ٿيو هو. پنج هٽي پهچڻ شرط مون رڪشي واري چيو: ”مون کي ايليمنٽري ڪاليج وڃڻو آهي“. چيائين ويھ بابا، مون چيو: ”قبلا ڪرايو ڪيترو وٺندا“ وراڻيائين: ”پنجاھ روپيہ“ مون بسم الله ڪري کيس هلڻ لاءِ چيو، رڪشو اسٽارٽ ٿيو، ٿورا ور وڪڙ ڏئي سڌو ٻن منٽن جي مختصر ٽائيم ۾ اچي ڪري مون کي ايلمينٽري ڪاليج جي گيٽ وٽ ڇڏيائين. مون کيس پنجاھ روپيہ ڀاڙو ڏنو، ڀاڙو وٺي ڪري اڳتي ڦول باغ ڏي روانو ٿي ويو، ان ڏينهن مون ڪاليج ڏسي ورتو هو ءِ اُهو رستو بہ ياد ڪري ڇڏيو هيم. جنهن مختصر رستي جا رڪشي واري مون مسڪين کان پنجاھ روپيہ ورتا هيا، ڪاليج ۾ ٻہ سال گذاريندي مون کان آخر تائين اِها ڳالھ نہ وسري سگهي هئي تہ ڪئين نہ مون پهريون ڏينهن داخلا فارم وٺڻ مهل رڪشي واري کان پاڻ ڦرائي ويٺو هيس. پنهنجي شهر کان ٻاهر پڙهڻ جو هي منهنجو پهرو تجربو ڪو نہ هو، هن کان پهريان سکر ۾ پورو هڪ سال پڙهي چڪو هيس ۽ هڪ سال هاسٽل واري زندگي گذاري چڪو هيس، ان کان علاوہ ميرپور آزاد ڪشمير جو ٻہ سال مهماني شاگرد رهي چڪو هيس، هت ڦرجي ان ڪري ويس جو هي ديس منهنجي محبوب پاڪن جو ديس هو. جن جي اُڪير مون کي ولايت مان ڏيھ واپس موٽائي آئي، تڏهن ئي تہ چوندا آهن ”واه ڙي قسمت تنهنجا کيل، ڪڏهن ريل تہ ڪڏهن جيل“. ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي، دوست بہ سڀ تقريبن سُٺا هئا. سواءِ هڪ ٻن جي، جن جي من ۾ هميشه ٻيائي رهي، پنهنجي هر هڪ عمل، قول توڙي فعل جنهن مان کين نقصان پهچندو هو، اُهو مون ڏانهن ۽ منهنجي ويجهن يارن ڏانهن ڀائيندا هئا، حالانڪ اسان وري پاڻ ۾ چار يار پوري ڪلاس ۾ اهڙا گڏياسين جو آئون چوان ٿو متان اڳي ڪٿي اهڙا نہ گڏيا هجن، صفا ڄڻ چڊي جا يار، کلئون تڏهن به گڏ، روئون تڏهن به گڏ، کائون تڏهن به گڏ، گهمئون تڏهن به گڏ، ڪاليج اچئون تڏهن به گڏ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن نہ اچئون تڏهن به گڏ، مطلب ڪاليج واري دور ۾ صفا رنگ رتا پيا هيا، من باغ بهار لڳو پيو هوندو هو ڇو تہ جيتري پيڙاھ، ازيت ۽ تڪليف مان سول انجنئرينگ ڪرڻ مهل محسوس ڪئي. هلندڙ…