# جا من جي آهي تنوار سا تسبيح منجهه ٿي ڏسجي.... اسان کي مليل هي زندگي به عظيم نعمت آهي.... زندگي ڇا آهي ڇا ڪنداسين زندگي مان اهي ڳالهيون اسان کي اسان جا والدين، استاد، ماحول ائين مذهب سيکاريندو آهي، والدين ته ڀلي ڪهڙا به ھجن اھي ڪڏهن به نه چاهيندا ته سندس اولاد ڪنهن غلط رستي تي لڳي ، استاد هميشه اسان جي ڍانچي کي خوبصورت رول ماڊل ڪري پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪندو آهي. ماحول چڱو يا برو ٿي سگهي ٿو اُهو اسان جي سوچن کان ڀي وڌيڪ..... ائين اهم ڪردار جيڪو اسان جي سونهن ائين سوڀيا ۾ ادا ٿو ڪري اُهو اسان جو مذهب آهي.... جيڪو هڪ مڪمل زاويه حيات آهي. دنيا ۾ شايد هي اهڙو ڪو مذهب هوندو جيڪو اوھان کي برائي جي راه تي هلڻ لاءِ چوندو هجي. ڇو جو مذهب جو روح اي انسان جي لڪيل خوبيون کي نروار ڪرڻو آهي.... جيئن زندگي ۾ اسان تي ڪجهه معاشرتي ذميواريون آھن ائين ڪجهه مذهبي ذميواريون پڻ آھن... ڪجهه حق الله سائين جا آھن ته ڪجهه الله جي ٻانھن جا آھن... الله سائين جا جيڪي حق آھن سي الله پاڪ معاف ڪري سگهي ٿو پر بندن جا حق بندن کان هي معاف ڪرائڻا پوندا.... سياڻن چيو آهي ته زير ٿي زبر نه ٿي اڳيان پيش پوندين. اسان پنهنجي زندگي جا سال، ڏينهن ۽ مهينا دين کان بي فڪر ٿي غفلت ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون پر پوءِ رمضان جي مهيني ۾ اسان کي ياد ايندو آهي ته اسان کي نيڪ عمل ڪرڻا آهن، ٻين جو خيال رکڻو آ، حقوق العباد پورا ڪرڻا آهن، حقوق الله پورا ڪرڻا آهن وغيره اصل ۾ هي مهينو اهڙو ته برڪتن وارو مهينو آهي جو پاڻ سان گڏ هر سٺي شيء سٺي خوبي کڻي ايندو آهي. ۽ غلط ڪارين کان روڪڻ ۾ مدد ڪندو آهي. سال ۾ جيڪڏهن هڪ مهينو توهان براين کان بچندا آهيو ته اهڙو عمل سمورو سال هجڻ گهرجي پر افسوس ته اسان مان گهڻا ماڻهون صرف پوري سال ۾ رڳو هڪ مهينو ئي چڱايون ڪندا آهن، براين کان پاڻ کي بچائيندا آهن باقي 11 مهينا ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه. زندگي کي مختلف رُتن ، مھينن، ڏينهن ۾ ورهايو ويو آهي اسان کي گهرجي ته رمضان ڪريم وانگر سمورو سال پنهنجيون عادتون برقرار رکون ته جيئن دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيون... حضرت ابو بن اڌم بلخ جو ذڪر نه ڪرڻ شايد تاريخ سان نه انصافي ٿيندي جنهن پنهنجي بادشاهي، عيش و عشرت خدا ڪارڻ ٺڪرائي ڇڏي ائين رياضت اختيار ڪئي هاي ياد آهي مونکي اُهو سبق اڃان ڀي جنهن ۾ ابو بن اڌم بلخي کان پڇو ٿو وَڃي اوھان ڪنهنجا بندا آهيو ته خوبصورت جواب ٿو ڏئي ته مان خدا جي ٻانھن جو ٻانهو آھيان. رمضان ۾ اوھان کي سکڻ لاءِ کوڙ ساريون ڳالهيون ملنديون 1: عبادت ٻن مقصدن لاءِ ڪيو جيڪي مهنجي نظر ۾ اهم آھن خدا سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ائين خدا اوھان سان ڳالهيون ڪري. جنت ائين دوزخ جي تصور ائين لالچ کي ڇڏي ڏيو ڇا اوھان لاءِ ان کان وڌيڪ ڪائي خوشنودي هوندي ته رب توهانجو ٿيئي ائين توهان رب جا.... 2: رياضت..... نفس ائين روح جي پاڪيزگي لاءِ سختيون سهڻ، دنياوي لزتن کي ڇڏي عبادت جي طرف روح کي مائل ڪرڻ آهي... 3:مستقل مجازي... ڪاش صرف رمضان مھيني ۾ عبادت جيان سڄو سال اسان جو اُهو هي مقصد هجي. 4: خود اعتمادي . روح جي تسڪين حاصل ڪرڻ جو جيڪو عمل اسان ڪيو اُهو خالص مهنجو هيو ڪنهن جي روڪ رڪاوٽ نه هئي خاص طور شيطان جي... مطلب اسان پاڻ ٿا پاڻ کي گمراه ڪيو شيطان جي پويان لڳي. 5:محبت: محبت جي ڪري هي دنيا قائم آهي اها محبّت رب ال جي رحمت العالمين جي لاءِ آهي. اُن جي امت جي لاءِ... انسان جڏهن سجدي ۾ وڃي ٿو ائين پنهنجي پيشاني ائين نڪ زمين تي رکي ٿو ائين رب جي تسبيح ڪري ٿو اها محبّت آهي. 6: عقيدت..... عقيدت جو مثال ان کان وڌيڪ بهتر شايد مهنجي ننڍڙي دماغ ۾ نه ٿو اچي ته رزق جي هر شئي موجود آهي اٽو آهي چانور آھن ڦل فروٽ آھن پاڻي آهي شربت آھن ٿڌا ٿڌا روح کي خوش ڪرڻ وارا پر انسان اُن رب جي حڪم جي اطاعت ڪندي هڪ مقرر وقت تائين طاقت وارو هوندي ڀي نه ٿو کائي.... الله پاڪ کان دعا آهي اوھان سڀني کي ائين اسان کي رمضان مبارڪ جون رحمتون برڪتون نصيب فرمائي..