شاعريءَ جو جرڪندڙ ستارو مسرور پيرزادو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ناليوارو شاعر مسرور پيرزادو 15 مئي 1976 تي ڪراچيء جي جناح اسپتال ۾ ڄائو۔ هو محمد سليمان پيرزادي ۽ بهشت خاتون جو ٻيون نمبر ٻار آهي۔ مسرور سان گڏ سندس ڇٺيء جو نالو گلزار علي پڻ آهي۔
    سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ ٻلهڙيجي (حاجي لعل بخش شيخ) ۾ ٿي ان کان پوء مڊل اسڪول موهن جو دڙو ۾ ڇهين کان اٺين تائين پڙهيو جڏهن ته نائين جماعت کان ٻارهين جماعت تائين هو ڏوڪري شهر جي اسڪول ۽ ڪاليج م پڙهيو۔ سندس شمار پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ ٿيندو هو۔ هن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان DVM جي ڊگري حاصل ڪئي۔ يونيورسٽيء جي دور ۾ ئي سندس پهريون ش عري مجموعو 2001 ۾ شايع ٿيو۔
    هينئر تائين سندس چار ڪتاب شايع ٿيا آهن جيڪي هي آهن:

    * چاندني تو سوا نہ ٿيندي 2001ع
    * سُرور 2008ع
    * منفرد 2014ع
    * سپون سوجهي ڪڍيون 2016ع

    مسرور جي شاعريء کي پسند ڪندڙن جو گهڻو تعداد آهي جنهن ۾ سينئر توڙي نوجوان شامل آهن۔
    مشهور سنڌي شاعر امداد حسيني مسرور جي شاعري جي واکاڻ ڪندي لکيو آهي ته:
    مسرور سنڌي غزل کي اوڄ ڏني آهي، ان جي آبروء کي برقرار رکيو آهي، تجربي جو ساهس ڪيو آهي، نعريبازي کان گريز ڪيو آهي، فن آرٽ ۽ ڪلا کي ترجيح ڏني آهي.
    ادب جي دنيا ۾ اچڻ جي سببن بابت هو چوي ٿو ته سبب ڪي ٻيا بہ ٿي سگهن ٿا پر تيرهن سالن جي عمر ۾ جڏهن هن زندگي جو پهريون ڪتاب شيخ اياز جو "وڄون وسڻ آيون" پڙهيو ته پوء هن کي ادب ۽ شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ هو ان دنيا ۾ داخل ٿي ويو. هن مطابق ته ان ڪتاب پڙهڻ کان پو هو بلڪل بدلجي ويو ۽ هن پنهنجي اندر ۾ لڪل شاعر کي دريافت ڪيو۔
    مسرور شاعريء ۾ فن ۽ فڪر جي حسين سنگم جو قائل آهي ۽ چوي ٿو ته شاعريءَ جو شوق هجڻ به سٺي ڳالهه آهي پر سٺي شاعري ڪرڻ لاءِ رڳو شوق ڪافي ناهي.
    ٻين لطيف فنن (Fine Arts) وانگر شاعري به هڪ فن آهي ۽ ان جون به ٽيڪنڪس (Techniques) آھن جيڪي سکڻ گهرجن ۽ انهن تي مشق ڪرڻ گهرجي.
    جيئن راڳ هڪ فن آهي ۽ ان جون به ٽيڪنڪس آهن ۽ اهي سکبيون آهن ۽ رياض ڪرڻ سان راڳ جي فن ۾ نکار اچي ٿو. شاعري به ائين ئي آهي.
    سٺي شاعر لاءِ شاعريءَ جي معياري (Standard) ٽيڪنڪس تي عبور هجڻ سان گڏوگڏ، سٺي فڪر/خيال جو هجڻ ۽ عظيم شاعريءَ جو مطالعو ضروري آهي.
    شاعريء جي اڏام لاء فن ۽ فڪر جا ٻئي پر مضبوط هجڻ کپن۔ هڪ پر به ڪمزور يا زخمي هوندو ته ڀرپور اڏام ممڪن نه ٿي سگهندي۔
    شاعري جي منزل لاء عروض هڪ قدم آهي فقط۔ پنڌ ته اڃا اڳتي آهي ۽ گهڻو آهي۔
    مان چاهيان ٿو ته اهو قدم شروع ۾ ئي کڻي اڳتي وڌجي.
    مسرور صحافت پڻ ڪئي آهي۔ هن اردو اخبار امت، انگريزي اخبار دي ميسينجر سنڌي اخبار مقدمو ۽ اردو ٽي وي چينل سما ۾ پڻ ڪم ڪيو۔ هن جا ان دور ۾ لکيل ڪالم پڻ پسند ڪيا ويا ها۔
    ان کان علاوه هن مختلف سنڌي ٽي وي چينلن تي هلندڙ ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ ميزبانيء جا پڻ فرض نڀايا۔
    مسرور هن وقت ڪراچيء ۾ وٽرنري ڊاڪٽر طور سرڪاري نوڪري ڪري ٿو۔
     
    Faraz هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو