پنهنجو تعارف نالو. سهيل فيصل سنڌي ذات. چاچڙ پيدائش. 12 ربيع الاول 1427 هه بمطابق 1 اپريل 2006، ڳوٺ مولوي محمد يوسف چاچڙ، قادرپور، گهوٽڪي خاندان ۽ نسب. سهيل فيصل بن عبدالرزاق عرف شاه فيصل بن مفتي اعظم سنڌ، مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ بن مولانا عبدالقادر بن مولانا نور محمد ڪنڊوي ديني تعليم. ناظرا قرآن قاعدي کان وٺي مسجد ڪوثر انورآباد گھوٽڪي ۾ استاد حافظ مولانا عبدالقيوم اوڳاهي وٽ پڙهيم ۽ هاڻي به اتي ئي قرآن مجيد جو حفظ ڪري رهيو آهيان. دنيوي تعليم. 2017 ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول انورآباد گھوٽڪي مان پرائمري پاس ڪيم ۽ هاڻي سر اي جي پي اسڪول گھوٽڪي ۾ اٺين درجي ۾ پڙهي رهيو آهيان. علمي ۽ ادبي خاندان سان تعلق جي ڪري شاعري ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق 12 سالن کان وٺي رهيو آهي. سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿم.