بک جو ڪهڙو مذهب آ

'تعارف' فورم ۾ دين محمد لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2020۔

  1. دين محمد لاکو

    دين محمد لاکو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2020
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    # بک جو ڪهڙو مذهب آ.
    #مزدورن جي تذليل، مزدور ڊي.

    اُهو مقرب وقت اچي پهتو آهي جنهن جي لاءِ مقدس ڪتابن ۾ لکيل آهي ته اُن وقت دعا گھرندڙ جي دعا رد نه ٿي ٿيئي هوءَ به گهڻي دير کان سمهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر هڪ پلڪ به سندس من سوچن کان عاري نه هيو... ڇا دنيا جهان جا ٽينشن هن کي هيا ؟ نه نه !!! هرگز نه.... پوءِ آخر ڇا جي سوچ هئي اُن کي جيڪا هن کي من هي من ۾ گهايل ڪري رهي هئي سندس سنهڙي ائين ڪمزور بت مان رت جا ڍُڪ ڏوگهي رهي هئي....

    ھڪ طرف هن جو ذهن روئي رت پيو هاري ته پيو طرف اُن جو ذهن سوچن جي محور ۾ گردش ڪري رهيو هو... اوچتو اواز اچڻ لڳا ته اي الله جا پيارو اٿو روزو رکو ...
    هن جي ته فڪر ڄڻ اڃان وڌي وئي ڀائينِ پئي ته زندگي جي ساهن جو سڳو ڄڻ ٽٽڻ لڳو هجي. ائين آسمان سندس مٿان ڪرڻ تي هجي...

    هن ڪافي دير کان تسليون ڏئي پنهنجي معصوم ٻارن کي مس جهڙو ته سمهاريو هيو ته اجهو ٿو روزي جو ٽائم ٿيئي ائين اسين الله سائين جي مھماني کائينداسين پر اھي ته آسرا هئا ماني هجي ته ڪير پنھنجي گلاب جهڙي گلن کي بک تي سمهاري ها.....

    جو موت سے نا ڈرتا تھا بچوں سے ڈر گیا۔

    ایک رات خالی ہاتھ۔۔۔۔۔۔۔ جب مزدور گھر گیا۔۔۔

    هن اٿي همت ڪري مصۡلو کنيو ائين لڳي ٻاڏائڻ رب ڪريم کي... ويرم اي ڪان گذري جو ڪو الله جو ٻانهو کوڙ ساريون مانيون ائين ٻوڙ هن جو دروازو کڙڪائي ڏئي ويو....

    آخر هن جي اها حالت ڇو ٿي هئي جو گھر ۾ کائڻ لاءِ ماني به ڪون هئي ان جو ذميدار ڪير هو، ڪير آهي، ائين ڪير ذميدار رهندو...

    ان جو ذميدار معاشرو آهي، ان جو ذميدار ڪامورا آهن ، ان جو ذميدار ڪرپٽ ملڪي نظام آهي، اُن جو ذميدار ائين سڀ کان وڏي ڏوهي اها پاڻ آهي جيڪا اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ نٽهڻ اُس ۾ بک تي اڃ تي ، خالي آسرن جي آسري تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهي هڪ لچي کي ووٽ ڏئي آئي هئي... جيڪو کٽي وڃڻ کان پوءِ هميشه جي طرح غائب ٿي وڃڻ وارو آهي ڇو جو کيس پنهنجي ڪرسي آهر اسٽيٽس مينٽين (Status Maintain) رکڻو آ گھر جي ٻاهريان ائين اندر گهِٽي ۾ ڦرندڙ ڪتن کان وڌيڪ چمچا جو پالنا آھن. جيڪي اُن جي ڪوڙ ٺڳي ائين فريب کي جان جي بازي لڳائي ڀي سچ ثابت ڪري سگهن...

    بحرحال هر سال اعلان ٿو ٿيئي ته اڄ يوم مزدور وڏي شان ائين شوڪت، جوش ائين خروش سان مالهائبو..
    پر اُن جي برعڪس خدا ٻيڙو ٻوڙي انهن ليبر آفيسرن جو جيڪي چند ٽڪن ۾ ايمان کپائي ائين پنهنجي دامن کي اھڙو ته ڇڊيندا آھن ڄڻ داغ سندن ڪپڙن تي ظاهر ٿيندا اڙي اھي داغ اوھان جي ضمير تي آھن اوھان جي اعمالن تي آھن قبر جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ستائيندڙ آھن....

    استاد بخاري ڇا ته خوب چيو آهي

    بازار ايڏي سستي ڪڏهن به ناهي ڏٺي استاد.
    وڪامي پيو انسان ايمان سوڌو........

    توهان ڪنهن سان مزدور جي حقن جي ڳالهه ٿا اُن حڪومتي نمائندي کان جنهن کي صرف هڪ شئي جي خبر آهي ته فلاڻي مال ۾ مهنجو حصو ڪيترو آهي.. باقي عوام پيو ڌوڙ پائي هو پهريان به روئيندو هو اڄ به روئندو رهندو.. يا اُن سرمائي دار کان جنهن جو وس نه ٿو پڄي ته جيئن اُن مزدور جي سماجي ، معاشي خوشين جو قتل ڪيو آ ته سندس جسم تي بچيل هڏين ائين لڙڪندڙ کل کي furnace oil جي جڳھ تي ٻارڻ
    [​IMG]
    طور ڪم آڻي.
    او مهنجي ديس جا مزدور تون ته مذاق بڻجي ويو آھن مزدور جي عالمي ڏهاڙي جي نالي تي، بکن کان ، شرمساري کان، قرضن کان، بيمارين کان تون مذاق بڻجي چُڪو آهي تنهنجي لاءِ ته مزدور ڊي تڏهن آهي جڏهن تهنجي دردن جو مداوو ٿيئي...

    پيتل کی بالیوں میں بیٹی بیاہ دی
    اور باپ کام کرتا تھا سونے کی کان میں
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو