مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي مزدور

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ

    اڄ ”پهرين مئي يعني يوم مزدور“ آھي. اڄ جي ڏينهن يعني 1 مئي 1886 تي سرمائيدارن فيڪٽري مالڪن جي مزدورن سان غيرانساني رويي، ڏهاڙي جي وقت ۾ گھٽتائي، پگھار ۽ ٻين سهولتن لاءِ مزدورن آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ هڪ پرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي 1806 کان شروع ٿيندڙ ننڍين وڏين تحريڪن جو حصو هئي جنهن ۾ مزدور طبقو پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ٿيو . مغربي ملڪن ۾ ان تحريڪ کان کان پوءِ سرمائيدارن جو مزودورن سان بي واجبيون وڌي ويون جن سبب مزدورن کي جانورن وانگر پيا لوڙائيندا هيا.ان وقت تحريڪ ۾ مزدورن جو مطالبو هيو ته اسان کان 8 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم اسان نٿا ڪري سگهون 1873 ۾آمريڪا جي تاريخ ۾ شڪاگو ۾ سڀ کان وڏو حڪومت خلاف احتجاج رڪارڊ ٿيو جنهن بعد مزدور تحريڪ جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري 1875 ۾ ڏهن اڳواڻن کي پنهنجي حق گھرڻ جي ڏوھ ۾ سزاءِ موت ڏني وئي. آڪٽوبر 1884 ۾ “فيڊريشن آف ٽريڊ يونين” هڪ قرارداد پاس ڪئي ان ۾ اهيو طئي ڪيو ويو ته جيڪڏهن 1 مئي 1886 تي ڪم جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر نه ڪيو ويو ته مزدور ڪم ڇڏ هڙتال ڪندا. ان دوران ٻنهي پاسن کي زور ٿي ويو حڪموت جي ظلمن تي مزودور باغي ٿي ويا ۽ ان بغاوت ۾ ايترو ته اڳتي اچي ويا جو پوئتي هٽڻ جو نالو به نه پيا وٺن پر انهن جي تحريڪ جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو ته هنن پوري آمريڪا ۾ ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪئي جيڪا ٿوري وقت ۾ پوري آمريڪا ۾ باهه جيان پکرجندي وئي جڏهن آمريڪا ڏٺو ته ٻيلي ! ڪٿي ان باهه ۾ سڙي نه وڃون پوءِ حڪومت پوري ملڪ اندر مظاهرين کي لاٺي چارج ۽ گرفتاريون ۽ فائرنگون شروع ڪيون مطلب ته اڳ کان هنن مزدورن تي وڌيڪ ڏاڍ جبر ظلم شروع ڪيو جنهن ۾ ڪجهه مزدور شهيد ٿي ويا پر مزدورن هڙتال ختم نه ڪئي ٻئي ڏينهن پوليس آمريڪا جي شهر شڪاگڳ جي مرڪزي جلسي کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش دوران پوليس جلسي تي دستي بم هنيو جنهن ۾ هڪ پنهنجو پوليس وارو ماري
    وڌائون ۽ جلسي تي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن بعد 50 کان وڌيڪ مزدور شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا جلسه گاھ پورهيتن جي بيگناھ رت سان لال ٿي وئي. جنهن بعد هڪ مزدور پنهنجي ساٿي جي رت ۾ لال قميص کڻي ان جو جھنڊو ٺاهيو.جنهن کي ڦڙڪائڻ لڳو ان جھنڊي تي هڪ مزدور جو رت لڳل هو انڪري ان ڏينهن بعد محنت ڪشن جي جھنڊي جو رنگ لال مقرر ٿيو. اتي پوليس تحريڪ جي اڳواڻن اوگست اسپائس، البرٽ پارسنز، اڊولف فشر، جارج اينجل، لوئس لنگ، مائيڪل شواب ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو. انهن مان البرٽ پارسنز سميت چئن اڳواڻن کي ڦاسي ڏني وئي.ڪجهه اڳواڻن کي عمرقيد جي سزا ڏني وئي 1 مئي 1989 کي مزدورن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جي شروعات ٿي ۽ 1890 ۾ ان ڏينهن کي عالمي ليول تي مزدورن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.جنهن بعد هي ڏينهن عالمي طور تي ملهايو ويندو آھي، ۽ اڄ اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي اسان وٽ اهو ڏينهن ڪنهن رسم رواج کان گھٽ ناهي ملهايو ويندو هن ڏينهن تي ٿيندو ايئن آهي جو...! ڪجهه اين جي اوز ڪجهه سرڪاري اديب ۽ ڪجهه سرمائيدار پنهنجون مارڪون ٺاهڻ پاڻ پڏائڻ لاءِ وڏا وڏا حال سينگاريندا آهن اتي وڏا مهانگا انتظام ٿيل هوندا آهن مهانگيون ڪرسيون پيل انهن اڳيان وڏي تيبلون جنهن تي گل پيل هوندا آهن مهانگيون ڪالونيون چادرون وڇايل هونديون آهن ۽ اتي جيڪي ايندا آهن اهي ظالم رت جا پياسي سرمائيدار هوندا آهن جيڪي هڪ ٻئي کي گلن اجرڪن ۽ تحفن جا انبار لڳائي ڇڏيندا آهن پوءِ مزدورن جي شان ۾ ڪجهه ڪوڙيون داڦون ڪري ڪجهه پاروٿا اعلان ڪري ۽ ڪجهه سندس شان ۾ انڌا منڊا نظم ۽ شعر پڙهي مزدورن کي پنهنجي پر ۾ عاليشان ڀيٽا ڏيندا آهن ها عاليشان ڇو نه آهي اتي عاليشان خرچ جي ٿيل هوندا آهن لذيذ کاڌا جو هوندا آهن جن سان ڦاٽندا آهن ۽ وري مزدور ساڳا ان ئي محفل ۾ پويان هيٺ ويٺل هوندو يا بيٺو هوندو ۽ ويچارو اهو ڄاڻيندو به آهي ته هي اسان جي تذليل ڪري رهيا آهن پر بيوسي جي ڪري غريب تاڙيون وڄائي انهن سرمائيدارن ۽ مقررين کي پيو داد ڏيندو آهي . وڏي ڳالهه ته هر سال اڄوڪي ڏينهن تي پوري دنيا ۾ موڪل پڻ ٿيندي آهي پر موڪل مزدورن لاءِ نه هوندي آهي موڪل وي به انهن آفيسرن لاءِ هوندي آهي جيڪي سڄو ڏينهن اي سين ۾ رهندا آهن ۽ اڄوڪي ڏينهن تي روڊن تي نڪري مزدورن سان مذاق اڏائڻ لاءِ اخبار بيان ڏيندا آحن ريليون ڪڍندا آهن پر مزدور وچارو ان ڏينهن به مزوري تي هوندو آهي اهو جيڪڏهن ان ڏينهن مزدوري تي نه ويندو ته ان جو خاندان بک مرندو .
    پاڪستان ۾ به هر به هر قسم جو ڪم ڪيو وڃي ٿو پر پاڪستان اندر مزدور اڄ به پنهنجي گھربل حقن کان محروم آهن کين پنهنجا حق نٿا ڏنا وڃن ملين ڪارخانن جي اوچين رنگين ديوارن هيٺيا ڪيترائي مزدور روزانو غربت جي باهه ۾ سڙندا رهن ٿا سيٺين جا دڙڪا دهمان ناشتو سمجهي کائن ٿا انهن تي ذهني توڙي جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ کين قانون مطابق کين مقرر ڪيل پگهار پڻ نٿي ڏني وڃي جنهن مان سندن گھر مشڪل سان هلي سگهي ٿو .
    امير ته غريبن جي ته ڀاڳ تي ئي ڦڏو ڪيون ويٺا آهن هنن جو آرام پڙهائي سفر سڀ پاڻ ڦٻايون ويٺا آهن
    سنڌ اندر اڄ به لکين مزدور دربدر آهن کين روز گار ته ملي ٿي پر روز گر نه ٿو ملي .
    توهان اڄ به قاسم آباد علي پلس واري پاسي ٿورو دورو ڪيو ته روڊ تي توهان ننڍي عمر جا نوجوان ۽ پوڙها توهان ويٺي نظر ايندا جيڪي پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ پنج سو هزار ۾ پاڻ کي سڄو ڏينهن وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندي نظر ايندا .
    ڳالهه رڳو تغاري وارن مزدورن جي ناهي هتي هارين زرعي مزدورن ۽ گھرن ڪم ڪندڙ هر مزدور جي آهي جن کي سنڌ اندر ڪا به حيثيت نه ٿي ڏني وڃي . انهن جا حق ڦٻايا وڃن ٿا .
    پاڪستان اندر هر قسم جو مزدور رهي ٿو ٿر ڏانهن نظر ڦيرائجي ته اتي جا مزدور تتل ڪاري سون (ڪوئلي) جي کوٽائي ڪري ملڪ ۽ سرمائيدارن جون ٽجوڙيون ڀرن ٿا سڄو سڄو ڏينهن تتل واري ۾ پاڻ ساڙن ٿا ريگستان واري عائقي ۾ وري مزدور ريتين پيٿرن جو جو تغاريون کڻن ٿا ٽرڪون ٽرالا ۽ ڪنٽينر ڀرن ٿا لاڙ اتر ڪاڇي ۾ مختلق قسمن جا مزدور رھن ٿا ريڙھي وارا,دڪانن تي ڪم ڪنندڙ لابار ڪندڙ ھاري پاڻي وڪڙندڙ مطلب ته سنڌ جو 75سيڪڙو عوام مزدور طبقو آھي جيڪي سڄو ڏينهن مزدوري ڪري گھر ھلائن ٿا .
    اسان وڏن شھر ۾ ٻارن کان ويندي عورتون مرد پوڙھا بنگلن تي ڪم ڪندي اڪثر نظر اچن ٿا گھر ڌڻي انھن کان سڄو ڏينهن ھر قسم جو ڪم وٺن ٿا ۽ سڄو ڏينهن جانورن وانگر لوڙائي کين پوري مھيني جي فقط 5کان 10ھزار پگھار ڏين ٿا ۽ ايتري قدر اھي اوھان جا آفيسر ۽ رئيس پير مير ڀوتار بيحس بيرحم آهن جو انھن ڪم ڪندڙ نوڪرن کي کائڻ لاء ماني به نٿا ڏين اگر ڪي ڏين ٿا ته اھي بچيل ڏيندا جيڪو غريب کائڻ به پنهنجي بي عزتي سمجھندو آھي پر مجبورن ھن بکئي پيٽ کي ڀرڻ لاء کائيندو آھي سنڌ جا مزدور ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رھيا آھن .
    سنڌ جي مزدورن سان ھر قسم جا ظالم ظلم ڪري رھيا آھن کين ڪيولين ماڪوڙن جيان لتاڙي رھيا آهن
    ملڪ ۾ مزدورن جي حقن لاء سرڪاري ادارو ليبر کاتو موجود آھي ته ليبر ڪورٽ پڻ آھي جنھن جا پنهنجا آئين آھن ان آئين تحت مزدورن جي حقن بابت قانون ڪم ڪندو آھي مزدورن سرڪاري ٺيڪن ۾ مزدوري ڏين ۽ ڪمپينين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جي پگھار بونس کان ويندي رھائش کاڌي پيتي تائين ليبر کاتو زميوار آھن پر اسان وٽ اھو ادارو گم آھن مزدور ٺيڪيدار جي ماتحت ڀرتي ٿين ٿا اسان وٽ اگر ڪو مزدور تي روڊ تي ڪم ڪندي گاڏي چڙھي وئي ڀت تان ڪري پيو کيس پنهنجي ٺيڪدار رازي مالڪ ماريو ڪم دوران ان جي ڄنگھ ٻانھن يا جسم جي ڪنهن به حصي کي نقصان پھتو ڪنھن کاھي کوھ ۾ ڪري ويو ته ان جو زميوار مزدور پان آھي قانوني ادارا مزدور جو ڪو داد فرياد نه ڪندا ليبر کاتو ته ايئن آھي "انڌي جھڙي پيڪي تھڙي ساھري" ان تي ڪا ميار ناھي اسان جي حڪومت کي گھرجي ته مزدورن کي پنهنجا آئين تحت حق فراھم ڪيا وڃن جيئن ھي غريب پورھيت پنهنجو ۽ پنهنجي گھر وارن جي پيٽ پوڄا ڪري سگھن .ھي مزدور ئي اوھان کي ايوانن ۾ پھچائڻ وارا آھن انھن جي سار لھو مزدورن سان ظلم بند ڪيو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو