جواب: دوستي باءِ جميل احمد عباسي جميل يار! ايئن دوستي کي ته قصور وار نه ڪر ۔۔۔ دوستي جي اصل هجي ته پارس ۽ جي نقل هجي ته جان ليوا ۔۔۔ لڳي ٿو اوهانکي دوستي جي رنگ ۾ ڪو نقل ملي ويو آهي، هر چمڪندڙ شئي سون ناهي هوندي ۔۔۔ ڪٽيل ۽ ڪسيل لوهه ۾ ڪائو لڪل هوندو آهي ۔۔۔ بس پالش ڪرڻ جي دير هوندي آهي ۔۔۔ دوست ناهي هوندو هر هٿ ملائڻ وارو ۔۔۔ ۽ ها لڳي ٿو ته نئون نئون شاعري جو شوق شروع ٿيو اٿوَ ۔۔۔ همٿ نه هارجو، شاعري به اهڙو بخار آهي جيڪو آهستي آهستي چڙهندو آهي ۽ جڏهن چڙهندو آهي ته سڌو مغز تي چڙهي ويندو آهي ۔۔۔ خيال ڪجو پر همٿ نه هارجو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
جواب: دوستي باءِ جميل احمد عباسي يار جميل ! ٽي بي جي بيماري کي به مُنهن ڏئي وڃبو کيسي جي ٻُهاري کي به مُنهن ڏئي وڃبو، هُو ڀلي هٿ ڇڏائين پر نه ڇڏينداسين اسان، ائين يار جي ياري کي به مُنهن ڏئي وڃبو(نثاراحمدناز) !
جواب: دوستي باءِ جميل احمد عباسي ادا جميل ڏي منهن۔۔۔۔ سائين نثار جي سچ سامهون ته هاڻي مست به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي۔۔
جواب: دوستي باءِ جميل احمد عباسي ٽي بي جي بيماري کي به مُنهن ڏئي وڃبو کيسي جي ٻُهاري کي به مُنهن ڏئي وڃبو، هُو ڀلي هٿ ڇڏائين پر نه ڇڏينداسين اسان، ائين يار جي ياري کي به مُنهن ڏئي وڃبو ! لڳي ٿو ته جميل صاحب مٿئين ئي شاعري کي اڳتي پوئتي ڪري هت ونڊ ڪيو آهي، پر شايد جميل صاحب کي اهيا خبر نه هئي ته ڪو سنڌ سلامت تي به ڪي ويٺا آهن۔ جيڪي حقيقت کي سامهون کڻي ايندا،