عبدالوهاب سهتو ۔ محنتي ۽ محبتي ماڻھو
همير گاد
آئون جڏهن ستين يا اٺين ڪلاس ۾ پڙھندو هيم ته ان وقت مون ڪٿي هڪ ڪتاب جو ٽائيٽل پڙھيو هو جيڪو پهريون ڀيرو پڙھڻ سان ئي منهنجي ذھن تي نقش ٿي ويو هو ان ڪتاب جو نالو هو ”جڏهن بت ئي چوي ڪافر“
۽ اها خبر بلڪل به نه هئي ته ان ڪتاب جو ليکڪ ڪير آ ڇاڪاڻ ته ان ڪتاب جو نالو ئي اهڙو مختلف هو جو سواءِ ان نالي جي ٻيو سڀ وسري ويو هو.ان ڪتاب جو ليکڪ تمام پيارو ۽ محبتي ماڻھو انجنيئر عبدالوهاب سهتو هو.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو 5 مئي 1959ع ۾ ڳوٺ ڄام نورالله ڪنڊياري ۾ جنم ورتو.
پاڻ نه صرف هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آھي پر ان سان گڏ هو هڪ بهترين محقق پڻ آھي.سندس پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪافي تحقيق ٿيل اٿس.
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو " هراس" جي نالي سان 1989ع ۾ مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان ڇپيو.
ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو " جڏھن بُت ئي چوي ڪافر"
نومبر 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران ڇپايو ويو.
سندس ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب " هٿ جي وڍي" جنهن کي عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي ڄام نورالله طرفان 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي پهرين ڪهاڻي " ناچو " جي نالي سان هئي جيڪا ساهتي پبليڪيشن ڪنڊيارو ۾ 1978ع ۾ سکيو خان چنو جي اصلاح سان ڇپي هئي.
گهڻي عرصي کان هن هاڻي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون آھن.ڪهاڻي ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي هن ڪٿي چيو هو ته " ڪهاڻيءّ تي وڏي مغز ماري هئي ڪوڙي پلاٽ کي اهڙو بڻائڻو هو جو سچ جو گمان ٿئي.گهڻي ڪوشش ڪيم پر آخر ڪوڙن قصن ۽ ڳالهين کان بيزار ٿي پيم ان لاء راھ مٽايم ليڪن لکڻ جي عادت نه مٽايم لکڻ جاري رھيو. اتي ئي اتي، پھاڪن ۽ چوڻين ڏانھن لاڙو ٿيو. اھي سچ ۽ حقيقتن تي مبني آھن.
هونئن به پهاڪا چوڻيون ۽ ورجيسيون اسان جي لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آھن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (ڪهاڻين کان علاوه)
1- ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا (2000ع)
2- ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج (2003ع)
3- موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون (2004ع)
4- اُترادي پھاڪا ۽ چوڻيون. (2006ع)
5- گل شڪر (نئين سر لکيل) (2011ع)
6- لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون.( 2015ع)
7- ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) 2015ع
8- ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون.(2016ع)
9- طبي پهاڪا ۽ چوڻيون (2016ع)
10- چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين)
2017ع
11- پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب)
2017ع
12- ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون.(2017ع)
13- گهاگهر منجهه ساگر. (2018ع)
14- پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار) 2018ع
15- شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو. (2018ع)
16- نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون.(2019ع)
وغيره شامل آهن.
پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
1- چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون ڇپائيءَ ھيٺ
2- تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ
3- پھاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ڇپائيءَ هيٺ.
ڏٺو وڃي ته پهاڪن ۽ چوڻين کي ڪٺو ڪري ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ تمام ڏکيو ڪم آھي جنهن جي لاء انجنيئر عبدالوهاب سهتو واقعي تعريف جي لائق آھي.
۽ مان نه ٿو سمجهان ته سنڌي پهاڪن چوڻين ۽ ورجيسين تي جيترو ڪم سائين عبدالوهاب سهتي ڪيو آھي شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪيو هجي. سندس لکڻيون ڄاڻ جي کاڻ آھن.
ان کان علاوه انجنيئر عبدالوهاب سهتي تمام بهترين نقاد پروفيسر نذير احمد سومري جو تنقيد ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب " تنقيدون ۽ تجزيا" ۽ ٻيو ڪتاب " موهيو مون کي جن" جيڪو شخصيتن ۽ خاڪن تي مشتمل آ انهن ٻنهي ڪتابن کي ترتيب ڏئي ڇپرايا آھن.
اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر نذير احمد سومري جي وفات کان بعد انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب سمورو مواد سهيڙي ان کي ڇپرايو هو.
سائين عبدالوهاب سهتي سان پهرين ملاقات آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي پاڻ هڪ ادبي پروگرام ۾ شرڪت جي لاء آيل هئا.
آئون ان پهرين ئي ملاقات ۾ سندس ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿي ويس. ان کان بعد سائين سان منهنجون ملاقاتون، ساڻس رستي هلندي يا وري ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ٿيون. تازو مان ۽ منهنجا ماسات اظھر سومرو ۽ صفدر ڪنهن ڪتاب جي مهورت کان واپسي تي اچي رهيا هياسين ته روڊ جي ٻئي پاسي کان گاڏي ۾ سائين عبدالوهاب سهتو اچي رهيا هئا ته ماسات اظھر چيو ته هلو ته سائين سان ملئون اسان ٿورو اڃان اڳتي وڌياسين ته سائين ڏسي اسان کي هٿ جي اشاري سان چيو اوهان اتي بيهو آئون پاڻ اوهان ڏانهن اچان ٿو پوء سائين گاڏي کي سائيڊ تي بيهاري اسان سان مليا.
هن ۾ مون ڪڏھن به وڏائي نه ڏٺي. نه ته اڪثر اديبن کي مون ڏٺو آھي هڪ ڪتاب ڇپجڻ کان بعد ۾ پاڻ کي هوا ۾ اُڏامندو محسوس ڪندا آھن.سائين عبدالوهاب سهتو ننڍن سان به ائين ئي پيار ۽ محبت سان ملندو آھي جيئن پنهنجي ھم عمر وارن سان.
عبدالوهاب سهتي جو اخلاق، انڪساري، ڪشاده دلي ۽ هر آئي جو احترام ۽ خلوص سان آڌرڀاءُ ڪرڻ سندس اهڙا گڻ آهن، جيڪي مون تمام گھٽ ماڻهن ۾ ڏٺا آھن.
رب سائين کيس اڃان به زور قلم گهڻو عطا ڪري ته جيئن پڙھندڙن کي پڙھڻ لاء اڃان به گهڻو ڪجھ ملي سگهي.
(ھلال پاڪستان -اڱارو 22 آڪٽوبر 2019ع)