نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جي سنڌين سان ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سان مونکي اها ڳالهه ونڊ ڪندي خوشي پئي محسوس ٿئي ته تاريخ 21 جولائي شام جو ستين وڳي حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن پاران سنڌ جي مختلف شخصيات ۽ ادارن کي انهن جي بهترين ڪارڪردگي جي ڪري کين حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنو ويندو، جيئن ته انٽر نيٽ تي دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت کي به سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ خدمتن عيوض انهي ايوارڊ لا پڻ منتخب ڪيو ويو آهي، جنهن جو اطلاع باقائده ليڊي ڊائنا ويلفيئر جي آرگنائزر محترم گُل حسن گُل مونکي ٿوري دير پهرين هڪ موبائل ڪال ذريعي ڏنو آهي، هن ايوارڊ ڏيڻ واري عظيم تقريب ۾ سنڌ جا ڀلوڙ فنڪار شرڪت ڪندا جن ۾ استاد برڪت علي، ديبا سحر، غلام حسين عمراڻي، پارس علي پارس، صوبيه ۽ بختاور ، عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو ۽ کوڙ ساريون فلم اسٽيج ٽي وي سان سلهاڙيل شخصيتن کان علاوه مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتون شرڪت ڪنديون۔ سنڌ سلامت جي منتظم اعلى محترم رشيد سمون ۽ سڀني دوستن کي ان تمام وڏي ايوارڊن واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي نينڊ ڏني ٿي وڃي ته جيئن سنڌ سلامت کي مليل ايوارڊ واري تقريب ۾ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين جي شرڪت يقيني ٿي سگهي۔