هر سال عيد جي نماز پڙهي ڪري مان اڪثر ننڊ ڪندو آهيان يا وري ننڊ نہ اچڻ جي صورت ۾ ڪنهن ڪتاب جي پڙهڻ کي ترجيع ڏيندو آهيان گذريل سال دوستن جي گهڻي اسرار کان پو۽ عيد جي نماز پڙهي ڪري ڀٽ شاه گهمڻ جو پروگرام ٺاهيوسين، عيد نماز پڙهي ڪري اسان ڀٽ شاه لا۽ روانا ٿياسين، مان اڳ بہ ٻہ دفعا ڀٽ شاه جي درگاه جي حاضري ڀري چڪو هيم ليڪن هيل وڃڻ جو انداز ڪجھ نرالو هو، هڪ تہ سڄي سنگت ساڻ هئي ٻيو وري پورن پنجن سالن جي وٿي کان پو۽ وڃي رهيو هيم ۽ مونکان علاوہ باقي سڀني دوستن جو هي لطيف سرڪار جي درگاه تي پهرين حاضري هئي. ان ڪري انهن جا چهرا مهڪن پيا ۽ دل بهار بهار پئي ٿئي. منهجي بہ تقريبن ساڳي ڪيفيت هئي، آئون سڄو دڳ پنهجي ذهن ۾ لطيف سرڪار جي درگاه جي اڻ چٽي تصوير کي دهرائي لطف اندوز ٿيندو رهيم، اها تصوير جيڪا پنج سال اڳ منهجي اکين درگاه کي ڏسي ڪري منهجي ذهن ۾ محفوظ ڪئي هئي ۽ سوچيندو رهيم تہ هاڻ درگاه الائي ڪئين نظر ايندي؟ درگاه جي اڏاوتي ڪم ۾ الائ ڪيتري ترقي ٿي هوندي؟ منهجي دل ۾ عقيدت جا گل ڦٽي ڪري وڻ ٿيڻ لڳا ۽ درگاه تي پهچڻ جو انتظار شدت اختيار ڪرڻ لڳو، چئن ڪلاڪن جي سفر کان پو۽ نيٺ اسان درگاه پهتاسين. عقيدت جا گل دل ۾ کڻي اسان لطيف سرڪار جي مزار ۾ اندر حاضري ڀرڻ لا۽ روانا ٿياسين، درگاه جي ڏاڪڻن توڙي مزار جي اڱڻ ۾ رش جي تہ ڪا انتها نہ هئي، وک کڻڻ جيتري جڳھ مشڪل سان ملي پئي، هتي جيڪا اڻ وڻندڙ ڳالھ مونکي محسوس ٿي اُھا هي هئي تہ انهي رش سبب اڪثر مردن ۽ عورتن جو جسم پاڻ ۾ ٽڪرائجن پيا، مرد هجڻ جي ناتي مونکي ئي اهڙي ماحول ۾ الائي تہ ڪيترو شرم پئي محسوس ٿيو، اهڙي ناگوارہ ماحول جي ڪري اسان لطيف سرڪار جي مزار ۾ اندر وڃڻ جي فيصلي کي ترڪ ڪري درگاه جي مئن گيٽ جي سامهون لڳل نم جي وڻ جي هيٺيان وڃي ويهي رهياسين. منهجون نظرون هر اُن مرد توڙي نوجوان جي جاسوسي ڪري رهيون هيون جن جو نظرون پراين جوان مائرن توڙي ڌئيرن تي هيون، اهڙي ناساز ماحول کي ڏسي ڪري اسان جي عقيدت جا گل تہ کن پل ۾ ڪومائجي ويا. ڪاش! مون وٽ اهڙي ڪا ميٽر يا اسڪيل هجي ها جنهن سان درگاهه تي ايندڙ هر شخص جي من جي سچائي ۽ دل جي عقيدت کي ماپي سگهان ها تہ هو ڪيتري سچائي سان لطيف سرڪار جي مزار تي حاضري ڀرڻ آيو آهي. نوجوانن جي نخرن ۽ اسٽائيلن کي تہ پر لڳي ٿي ويا جنهن محل انهن جي ڀرسان ڪا ڇوڪري گذري پئي، درگاه تي آيل ماڻهن مان اڪثر پنهجن فوٽن ڪڍڻ ۾ مصروف هيا ۽ باقي جا ماڻهو هيڏي هوڏي گهمي ڪري پنهجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا هئا، سڀني ماڻهن کي ڏسي ڪري منهجي ذهن ۾ بار بار هڪڙو ئي سوال اڀري پيو تہ ڇا هتي آيل سڀئي ماڻهو لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کان واقف آهن هنن کي لطيف جي هستي جي اهميت جي خبر آهي؟ اڪثر ماڻهو پنهجي زندگي ۾ واقع ٿيل خوشين جي گهڙين کي هميشه محفوظ رکڻ لاء ڊائريون لکندا آهن، پنهجي پل پل کي لکي ڪري هميشه لاء يادگار بڻائي ڇڏيندا آهن، هڪ عام انسان ۽ ساده دل هوندي مونکي بہ ڊائري لکڻ جو شوق پيدا ٿيو مون وڏي سڪ ۽ اُڪير سان هڪ ڊائري ورتي ۽ پنهجي دل جا حال ڪجھ هن ريت اُوريم، ” مون پنهجي ڊائري ۾ اُهي هر پل تفصيل سان لکيا آهن جيڪي پل مون کي توسان گڏ گهارڻ نصيب ٿيا تنهجي پهرين ملاقات کي مون ڊائري جي پهرين پني جي زينت بڻايو آهي. تنهجي موڪليل پهرين مسيج کي مون ڊائري ۾ رنگين پينسلن ساڻ لکيو، ڊائري کي ٽائيٽل ڪور ڏيڻ لاء مون تنهجي نازڪ ۽ نفيس چهري جو اسڪيچ بہ ٺاهيو جيڪو اتفاق سان بلڪل صحيح ٺهيو تنهجي درشن ڪرڻ لاء مون وٽ صرف اِهائي هڪ ڪارائتي اسڪيچ آهي. جنهن کي ڏسي ڪري مان پنهجي اکين کي ٺار بخشيندو آهيان، ايترو جلدي ڪنهن کي وسارڻ جو فن تہ ڪوئي توکان سکي مون کان تہ اُهي لفظ ئي نٿا وسرن، جن سنهري لفظن سان تون مون کي پنهنجو عاشق هجڻ جو لقب ڏنو هو، تون سان هر پل ، هر گهڙي ۽ هر وقت گڏ رهڻ ٿو چاهيان الائي ڇو توسان گڏ هجڻ جي مونکي عادت پئجي وئي آهي ۽ توکي تہ اها خبر آهي تہ عادتون ڪڏهن بہ ڇڏي نٿيون سگهجن. منهنجا لفظ شايد اُنهن احساسن کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن جيڪي احساس ۽ جذبا آئون تنهنجي لاءِ رکان ٿو مون کي پڪ آهي تہ وقتي ويڇا ۽ وڇوڙا منهجي محبت ۾ رنڊڪ ڪونہ بڻبا، زندگي جي ڪتاب جي ورقن کي جڏهن بہ اٿلائي پٿلائي پڙهڻ چاهيندو آهيان تہ نہ ڄاڻ الائي ڪيترا ورق اڌورا نظر ايندا اٿم، الاء ڪيتريون شامون اداس نظر اينديون آهن تہ وري ڪن صبحن جا پاڇا خاموش محسوس ٿيندا اٿم، سوچيندو آهان تہ ماڻهو درد کي دل ۾ جاءِ ڏئي ڪري اندر جي احساسن کي مروڙي مات ڏئي مک تہ مٺي مرڪ ڪئين آڻيندا آهن؟ هلندڙ…