حڪيم دين محمد جي ڪتاب نائي نيڻ نھار (عشقيہ ديوان) تان وتل

'مختلف موضوع' فورم ۾ امام بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2020۔

  1. امام بخش جوڻيجو

    امام بخش جوڻيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2020
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    يادگيرين مان

    اندر اور

    • ڪروڙين حمد مالڪ ۽ خالق جا جنهن مخلوقات مان مونکي انسان بڻايو، بي شمار صلوات و سلام رسالت مابﷺ تي جنهن مون کي پنهنجو امتي بڻايو، پنهنجي محبوب جي شان ۾ شاعري نعت لکڻ جو هنر عطا فرمايو (آمين)

    • دوستو جيئن ته عام روايتي لکڻ جي ڍنگ کان هٽي لکي رهيو آهيان ۽ ان طرح لکڻ منهنجي مجبوري آهي. منهنجو جنم 25.02.1936ع ۾ ڳوٺ ٻورڙي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو، مونکي محترم ميان نور محمد عباسي ولد ميان حيات خان عباسي جي فرزندن چيو ته ٻورڙي جي عباسين جو شجرو ميان نصير محمد عباسي جي ننڍي پٽ ميان مير محمد عباسي سان وڃي ملي ٿو، ڳوٺ ٻورڙي اصل ۾ موجودہ مارئي ڍوري تي مائي ٻرڙي جا ڀاڻ هوندا هئا. جيڪي مائي ٻرڙي جي ڀان مان ڦري ٻورڙي سڏجڻ لڳا. ڪڪڙ ڀرسان اڄ به ڍنڍ آهي. جا اڄ به ٻرڙي مان ٻورڙي ڍنڍ سڏجي ٿي. مائي ٻرڙي وٽ ايترو ته مال هوندو هو جو جڏهن صبح جو ڇڙندو هو ته پهريون ڍور ٻرري ڍنڍ تي ته پويون ڍور ٻرڙي جي ڀاڻن تي هوندو هو، اها جاگير مائي ٻرڙي کي ميان نصير محمد عباسي جن ڏني هئي مائي ٻرڙي جو ننگر به رات ڏينهن هلندو هو، اهو ڏسي آس پاس جا ماڻهو به لڏي مائي ٻرڙي جي ڀاڻن مان ڦري ڳوٺ ٻورڙي سڏجڻ لڳو، هينئر سندس قبر به ملي آهي پر بي توجھي سبب گھرن ۾ هئڻ ڪري ڪو به ان ڏي توجھ نٿو ڪري.

    • منهنجي والد صاحب جن کي ڪافي شعر پنهنجي والد صاحب ميان محمد صابن جا ياد هوندا هئا، اسان کي چئي ٻڌائيندو هو پر اسانجي بي شعوري ڪري اهي اسان لکي نه سگھياسين ۽ پاڻ به 1962ع ۾ سئو سالن کان به مٿي عمر ۾ گذاري ويا. هڪ ڏينهن استاد الحاج حافظ محمد احسن جن سان ويٺو هئس ته پاڻ فرمايائون مرحوم جان محمد فدا عباسي سنڌ جو تمام وڏو شاعر ۽ استاد هو، توهان انجي نالي سان ٻورڙي ۾ بزم فدا قائم ڪريو، مان دادو مان ٻئي ڏينهن ڳوٺ آيس ۽ سندن فرزندن ميان فيض محمد عباسي، جيڪي ان وقت پرائمري اسڪول ٻورڙي جا هيڊ ماستر هئا ۽ منهنجا استاد به، انهن سان اچي صلاح مشورو ڪيم جن چيو ته بابا سائين جن جو هڪ مجموعو مون وٽ هو پر حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ دوران مون کان گم ٿي ويو باقي تعليم اخبار ــ تعليم کاتي جي، ۾ سندن ڪافي ڪلام آهي. اتان گڏ ڪري وٺنداسين، مون سائين جن کي عرض ڪيو ته سڀاڻي شام جو بزم فدا جي قائم ڪرڻ لاءِ مان دوستن کي گڏ ڪري ٿو وٺان، توهان ٻڌايو ته ڪاٿي گڏجاڻي ڪجي، فرمايائون اوهان جي اوطاق تي. مون چيو بلڪل مناسب آهي. سال 58ــ 1957 ۾ آچر ڏينهن جناب استاد ميان فيض محمد عباسي جن جي صدارت هيٺ بزم فدا جون چونڊون ڪرايو ويون، جنهن ۾ يڪراءِ سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا
    بزم فدا ٻورڙي جا عهديدار
    سرپرست اعلى : جناب فيض محمد عباسي
    صدر : جناب ڊاڪٽر ڪريم بخش خان جوڻيجو سابق چيئرمين يونين ڪائونسل ڪڪڙ.
    جنرل سيڪريٽري : دين محمد اڪرم ٻورڙائي.
    خزانچي : ميان قمرالدين عباسي.
    پريس سيڪريٽري : جناب مولانا محمد رمضان چانڊيو مصراڻي.
    جنرل باڊي تي ميمبر
    استاد الهڏنو خاڪي جوڻيجو ولي، استاد ميان دوست محمد عباسي، استاد ميهون خان هنڱورو، استاد دوست محمد چنو، ميان جان محمد عباسي شاد
    ميمبر حضرات
    استاد ولي محمد جوڻيجو، استاد محمد عرس جوڻيجو، استاد محمد صالح شان جوڻيجو، استاد غلام سرور، “سرور” جوڻيجو، استاد تڳيو خان جوڻيجو، استاد عبدالحليم جوڻيجو، ميان علي گوهر عباسي، استاد ميان دين محمد عباسي طبلي نواز موسيقار صداڪار، جناب ميان غلام علي عباسي موسيقار ۽ سرندي نواز ميان نصرالله عباسي هدايتڪار، موسيقار، استاد سيد غلام نبي شاهه، استاد سيد غلام سرور شاهه سرور، استاد علي نواز خان هنڱورو مسڪين، استاد محڪم الدين لاکو “محڪم”، استاد شمس الدين لاکو شمن، استاد قمرالدين لاکو ساقي، استاد شرف الدين سومرو، استاد محمد آچر جوڻيجو گلوڪار، استاد محمد يوسف جوڻيجو يڪتاري نواز گلوڪار، نور محمد نورل صداڪار، فنڪار، جناب پروفيسر محمد اڪرم صاحب انصاري، جناب عبدالغفور صاحب انصاري اديب، استاد محمد علي منگي صاحب شاعر، گلوڪار، استاد امير بخش منگي گلوڪار، جناب مخدوم محمد صديق جوڻيجو مخمور صاحب، استاد غلام محمد ٻگھيو، جناب محمد اسحاق ٻگھيو، جناب غلام حسين ٻگھيو سُگَھرُ، بيگ محمد گھاگھر نواز، محمد سومر جوڻيجو الغوزي نواز، ظفر جوڻيجو اديب هوندا هئا، جن مان تمام گھڻا وفات ڪري ويا آهن، سندن پوين سان رابطو به ڪيوي ويو مگر سواءِ چند شاعرن جي اولاد کان ٻين ٻيهر رابطو نه ڪيو آهي. ان ڪري بهتر اهو سمجھيم ته جيڪي ڪجھ اچي سگھي اهو ھتي لکي ڇڏيان. هي مشاعرھ هر 15هين ڏينهن ٿيندا هئا، جن ۾ جناب استاد قبله الحاج حافظ محمد احسن چنا صاحب استاد آصف مصراڻي استاد پير اظهر ريلائي، جناب سيد محسن ڪڪڙائي، جناب سيد استاد بخاري، جناب نشتر ناٿن شاهي، جناب آثم ناٿن شاهي، جناب وفا ناٿن شاهي، جناب راز ناٿن شاهي، قابل قدر جناب مولوي عبدالله اثر صاحب لاڙڪاڻو، عبدالغني پلهه صاحب، جناب غلام حسين سچاروي صاحب، احمد خان مدهوش، قرب جا قدم ڀري محفل کي مچائيندا هئا. کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو بندوبست سردار رئيس محمد مريد خان ڪندا هئا. منهنجا ڪتاب هن وقت تائين مجموعا (1) اکيون پسي آيون، (2) حمديه ديوان جيڏو تنهنجو نانءُ (3) نعتيه ديوان سندي سڪ پرين (4) منقبت ديوان سڄڻ نت سوجھرا ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن، هيئر هي پنجون ڪتاب ۽ چوٿون ديوان “نائي نيڻ نهار“ چپائي رهيو آهيان، ان کان پوءِ نعتيه غزل بنام ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن جلد اچي رهيو آهي.
    حڪيم دين محمد “اڪرم” ٻورڙائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو