• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رضا لانگاھ بهترين جديد شاعر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
YHfomiC.jpg



رضا لانگاھ بهترين جديد شاعر

ماڻڪ ڪنگراڻي

جديد سنڌي شاعري پنهنجي جوهر ۾ پيار محبت جي احساسن جي عڪاسي سان گڏ ديس ۽ ديس واسين جي جذبن جي پڻ ترجمان آهي. شاعر پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کان علاوه ٻاهرين حالتن ۽ سماجي روين، لقائن اوڻاين.۽ چڱاين کي پنهنجو موضوع بڻائي سماجي ترجماني پڻ ڪندو آهي. رضا لانگاھ به اهڙن جديد شاعرن منجهان هڪ آهي جنهن داخلي ۾ خارجي حالتن کي شاعري ۾ سموهي آهي.
رضا لانگاھ جو پورو نالو رضا ايوب لانگاھ آهي. سندس والد جو نالو ولي محمد لانگاھ آهي. هو 9 مئي 1969ع تي مورو شهر ۾ پيدا ٿيو. هن مورو شھر ۾ 1985 ھاء اسڪول مورو مان مئٽرڪ پاس ڪئي. انٽر 1887 ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان پاس ڪئي. بي اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ايم اي سياسيات ۾ 1990ع، ايم اي اڪنامڪس ۾ 1993ع ۾ ايم اي سنڌي: 1996 شاھ لطيف يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. رضا شاعري جي شروعات 1984-1985 ڪئي سندس چپيل ڪتاب "دعائون ننڊ مان جاڳيون" 2014ع "مان دراوڙ ديس جو" شاعري 2018ع مارڪيٽ ۾ موجود آهن. سندس شاعري ۽ مقالا سوجھرو- تخيل- پرک- نئين آس- نئون نياپو- رومي ادب- سڦلتا- سڳنڌ- عبرت مئگزين کانسواءِ : ڪاوش- آفتاب- مھراڻ- ھلال پاڪستان - عبرت- خادم وطن- برسات- سوال سرواڻ- عوامي آواز- خبرون- ۽ جاڳو اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.
رضا لانگاھ جي شاعري ۾ آرٽ آهي، فن ته ان سان گڏ موضوع جي نسبت سان ڌيان ڇڪائيندڙ به آهي. پنهنجي ديس جي الميئي تي لڇندي چوي ٿو:

اسان ڌرتي جا رهواسي،
مکر روپوش آهيون اڄ.

سندس اظهار ۾ نرالپ آهي. هو تقليد جو شڪار نه ٿو ٽئي. سندس حب لهجو به پنهنجو آهي ته اظهار جو انداز به سندس پنهنجو آهي جنهن ۾ اظهار جي جدت ۽ ندرت جهلڪي ٿي.
سڄي رات جاڳي قلم ڇا ڪري،
جڏهن هي پنو ئي سمهي ٿو پوي،
رضا وٽ تخليقي جوهر نرالو آهي. ٻولي جي جهول ۾ نوان استعارا ڪنايا به وجهي ٿو ته جدت سان اندر جي اونهاين جي اور به ڪري ٿو.

هاڻي پير زخمي نه ٿيندا پرين جا،
اسان نيڻ ڌرتي ٽي ٽيڙي ڇڏيا هن.
اسان روشني کي ڏني روشني آ،
اسان وار اوندھ جا ويڙهي ڇڏيا هن.

انڪري بنان ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته رضا لانگاھ پنهنجي همعصر شاعرن جي قطار ۾ نرالو ۽ بهترين جديد شاعر آهي.
 
Back
Top