# رشتن جو قدر # وڃايل رشته ، لڙڪ صدين جا..... سوچن جي تلاء ۾ هوءَ ايئن گم هئي جو هن کي ڪنهن جو آواز نه ٿي ٻڌڻ ۾ آيو سندس ماءُ ڪافي دير کان وڏي واڪي آواز ڏئي رهي هئي مومل ڌيءَ او مومل ڪٿي آهين پر هو ته سوچن جي ڀنور سان جهيڙو جوٽي ويٺي هئي اچانڪ ماءُ اچي ڪلهي تي هٿ رکيس ... هن جا ڇرڪ نڪري ويا... ماءُ خير خيريت پڇيس سندس چهرو پيلو ٿي ويو لِڱَ ڪاندارجي سخت ٿي ويا هيا زبان تي ريگستان جهڙي خشڪي چڙهي وئي هيس وڏي مشڪل سان ڳيتون ڏئي چيائين نه امان ڪجهه به ناهي... ماءُ ائين ڌيئون هڪ ٻيي جون سٺيون ساهيڙيون هونديون آهن پر هن پنهنجي ماءُ کان به اها ڳالهه لڪائي ڇڏي جيڪا سندن ذھني سڪون برباد ڪري ويٺي هئي... ٻئي ڏينهن جڏهن يونيورسٽي وڃڻ جو ٽائم ٿيو ته پنهنجي ماءُ کي ايتري ته حيرت سان ڏسڻ لڳي ڄڻ اڄ آخري دفعو ملي رهي هجي... جيئن هي يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۾ پهتي ته هن جي نظر اظهار تي پئي جو ڪافي ٽائم کان سندس راهون نهاريندي ٿي آيو... هيٺ لهندي اي اظهار سندس سامهون اچي بيٺو ائين مومل کي جھلي پنهنجي محبّت جو احساس ڏيارڻ لاءِ هرڪائڻ لڳو جي پنهنجا خاندان وارا نه مڃيندا ته پاڻ ڪورٽ ۾ هلي پيار جو پرڻو ڪنداسين پر مومل چيس ته " اهڙي محبّت کان نفرت بهتر آهي جنهن ۾ پنهنجي لوئي لڄي ائين خاندان وارن جي پڳ اڇلجي" I اظهار يڪدم فلمي انداز ۾ چئيس ته "میں محبت بھی اپنی مار دونگا اگر بات تُجھ پے آئی۔۔" پر مومل مان تو بنا نہ ٿو رهي سگهان. مومل جی گھر وارن کي وري مومل جو سوٽ جاذب نظر هو جنهن سان سندس لائنون ٿي لهڻ چاهيون. ائين مومل کي ان جي ڪل پل ڀي نه هئي جيئن هي مومل گھر پهتي ته سندس چاچا ائين چاچي مٺائي ائين پوتي کڻي آيا سندس رشتو پڪو ڪرڻ لاءِ. مومل ٻئي ڏينهن اظهار سان ملڻ کان پاسو ڪيو ته مومل کان ڪافي منٿن ميڙن کان پوءِ ڳالهائڻ نصيب ٿيس اُهو به مومل اهو چئي وڃڻ ٿي چاهيو محبتوں کو لحد میں اتار دیتے ہیں۔۔۔ دعائیں دے کر بھی کچھ لوگ مار دیتے ہیں اظهار اهو چئي مومل کي الله حافظ چيو ته مومل تون ته خوش آهين نه ان رشتي مان، مهنجي ته هر خوشي توسان آهي.. جڏهن پيرن ۾ پيءُ جي پڳ هجي ته محبتن جو هٿ ڇڏڻو هي پوندو آهي ڪجهه رشته ٽوڙڻا پوندا آهن ائين ڪجهه فرض نڀائڻا پوندا آهن الٰہی مانگتا ہوں دعا مجھے بیٹی بھی اس کے جیسی عطا کرنا۔۔۔۔۔۔ جس نے ٹھکرایا ہے اپنی محبت کو باپ کی پگڑی کی خاطر۔۔۔