سهيل فيصل سنڌي صحابه ۾ روشن آ نالو عمر جنهن کان ڊڄندو آهي اڄ به ڪفر سو عمر آ عمر آهي دلبر عمر * * * جنهن لئه محبوب به گهري هئي دعا رب عمر ڪر اسان کي عطا جنهن جو نالو آ دشمن لئه زهر سو عمر آ عمر آهي دلبر عمر * * * پهرين محرم سندن يوم شهادت ۽ ڪفر لئه آ سو ڏينهن يوم عداوت خلافت ۾ جنهنجو ٻيون هو نمبر سو عمر آ عمر آهي دلبر عمر * * * هن جي اچڻ سان ڀڄندو هو شيطان هن کان راضي هميشه رهندو رحمان جيڪو ماتام لئه آهي رب جو قهر سو عمر آ عمر آهي دلبر عمر * * *