• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايل وليم سيمور

مومن ڏاهري

سينيئر رڪن
ايل وليم سيمور
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ گمنام گرامر نويس

لائنل وليم سيمور (Lionel William Seymour) ائنگلو انڊين هو. سندس جنم۱۸۵۴ع ۾ بمبئيءَ ۾ ٿيو. سال ۱۸۷۹ع ۾ جنرل ۽ لينڊ سروي رڪارڊ کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرينڊنيڊنٽ لڳو ۽ اڳتي هلي سپرينڊينٽ تي ترقي ورتائين. ۱۸۹۰ع ۾ سندس شادي امي ايلزبيٿ ڪلارڪ (Amy Elizabeth Clark) سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هو نه صرف پنهنجي سرڪاري ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، بلڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ به ڪافي دلچسپي رکندڙ هو. سنڌ جي ڪيترن تعلقن ۽ ديهن جا نقشا ۽ رپورٽون پڻ تيار ڪيل آيل، جن جو تعداد ويهن کان به مٿي آهي. ان کان علاوه هن سرڪاري سطح تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڍل جي سلسلي ۾ اصلاحي ڪم ڪيا. اهڙي طرح هو ادبي سرگرمين ۾ به مصروف رهيو.


مسٽر سيمور جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر(A Grammar of Sindhi Language) انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن جو ذڪر اڪثر نالي وارا محققن پنهنجي ڪتابن ۾ ڪري چڪا آهن. هي ڪتاب ۱۸۸۴ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان A Grammar of Sindhi Language جي نالي سان شايع ٿيو. هن ۾ سنڌي لفظن لاءِ عربي ۽ رومن خط استعمال ڪيل آهي. هي ڪتاب ۲۰۳ صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب مختلف بابن ۽ عنوانن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت انگريز عالمن جي تحقيق جي روشني ۾ رايا به ڏنل آهن. اهڙي طرح سنڌي گرامر جا قاعدا ۽ قانون انگريزي ۾ سمجهايا ويا آهن. ضرورت مطابق سنڌي لفظ عربي - سنڌي رسم الخط ۽ رومن اسڪرپٽ ۾ ڏنل آهن. گرامر جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ جا اٺ ئي لفظ (Parts of Speech) مثالن ۽ انهن جي مختلف قسمن سان تفصيل سان سمجهايل آهن. گرامر جي قاعدن کي سمجهائڻ لاءِ چارٽ ۽ مشقون به ڏنل آهن.
 
Back
Top