• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
الله جي مقدس گهر ۽ مسلمانن جي قبلي خانه ڪعبه کي اڄ گلاب جي پاڻي ۽ آب زمزم سان غسل ڏنو ويندو، مڪي پاڪ جو گورنر شهزادو خانه ڪعبه کي غسل ڏيڻ جي شروعات ڪندو. تقريب ۾ مسلمان اسڪالرز، حڪومتي اهلڪار، اهم شخصيتون ۽ سفارت ڪار شرڪت ڪندا. پاڪستان جو سفارتڪار پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. خانه ڪعبه کي سال ۾ ٻه دفعا شعبان ۽ محرم مهيني ۾ پاڪ پاڻيءَ سان غسل ڏنو ويندو آهي ۽ نو ذوالحج تي ڪعبة الله جو غلاف تبديل ڪيو ويندو آهي. خانه ڪعبه کي غسل ڏيڻ کان پهرين باب ملتزم جو تالو کولي شهزادو خالدالفيصل مهمانن سان گڏ ڪعبةالله جي اندر نماز جا نفل ادا ڪندو. جنهن کان پوءِ ڪعبة الله کي هزارين مڻ گلاب جي پاڻي ۽ آب زم زم سان غسل ڏنو ويندو.
روزنامي جنگ جي تعاون سان
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

ادا مست صاحب توهان جا لک لائق ۽ قرب جو توهان اهڙي معلومات سنڌ سلامت تي ونڊ ڪئي آهي، جنهن لاء اوهان جون مهربانيون ۽ نوازشون، پر ادا توهان جيڪا وڊيو ونڊ ڪئي آهي اها توهان صرف آخري حصو ونڊ ڪئي آهي، جڏهن ته هن ئي سلسلي جون ٽوٽل پنج ونڊيو آهن ( نمبر هڪ کان نمبر پنج تائين، ) جنهن ۾ ڪعبته الله جي ڪجهه وڌيڪ معلومتا ڏنل آهي، اگر توهان کي ناگوار نه لڳي برو محسوس نه ٿئي ته مان اهي پنج وڊيو هت نمبر وار ونڊ ڪيا ٿو،
k3.jpg
http://www.youtube.com/watch?v=uUK0cUHTJcg&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=S86gvEGUzfI&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=7X20MAZDrnM&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=XFGUcXtUOkA&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=HBjh9hgitOY&feature=related
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

جزاڪ الله


اهڙي پاڪ جڳهن جي زيارت ڪرائڻ تي اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون الله پاڪ ڪندو هڪ ڏينهن وڃي زيارت ڪري اچبي

توهان دوستن جي دعا جي سخت ضرورت آهي

سدائين گڏ
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

الله تعالي اسان کي به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪارخير ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعا قبول فرمائيندو۔
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

ادا ممتاز توهان هي سلسلو اڳتي وڌائي هن پياري موضوع کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔۔۔ مهرباني۔۔۔۔
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

نيت صاف مراد حاصل، رب العالمين سڀني مسلمان دوستن جي اها خواهش پوري ڪري ته هو الله جي گهر جو ديدار ڪن، ۽ رب العالمين هر مسلمان کي حج جي توفيق ۽ سگهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

ڪالهه الله جي گهر جي اندرين حصي جي صفائي ڪئي وئي ۽ غسل ڏنو ويو ٻين سان گڏ مڪي جو گورنر شهزادو خالد الفيصل ۽ چيچنيا جو صدر محترم رمضان قادريوف پڻ شامل ٿيا ۔۔۔


http://imageshack.us

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب! ڏيج شفا، ميان! مريضن کي۔​
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

سائين ان ۾ پاڪستان جا به ڪيترا ئي وڏا عملدار شريڪ ٿيا۔۔۔ مذهبي معاملن جو وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي پڻ ان ۾ شريڪ ٿيو۔۔
 
جواب: ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو

الله جي مقدس گهر ۽ مسلمانن جي قبلي خانه ڪعبه کي اڄ گلاب جي پاڻي ۽ آب زمزم سان غسل ڏنو ويندو، مڪي پاڪ جو گورنر شهزادو خانه ڪعبه کي غسل ڏيڻ جي شروعات ڪندو. تقريب ۾ مسلمان اسڪالرز، حڪومتي اهلڪار، اهم شخصيتون ۽ سفارت ڪار شرڪت ڪندا. پاڪستان جو سفارتڪار پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. خانه ڪعبه کي سال ۾ ٻه دفعا شعبان ۽ محرم مهيني ۾ پاڪ پاڻيءَ سان غسل ڏنو ويندو آهي ۽ نو ذوالحج تي ڪعبة الله جو غلاف تبديل ڪيو ويندو آهي. خانه ڪعبه کي غسل ڏيڻ کان پهرين باب ملتزم جو تالو کولي شهزادو خالدالفيصل مهمانن سان گڏ ڪعبةالله جي اندر نماز جا نفل ادا ڪندو. جنهن کان پوءِ ڪعبة الله کي هزارين مڻ گلاب جي پاڻي ۽ آب زم زم سان غسل ڏنو ويندو.
روزنامي جنگ جي تعاون سان

سبحآن الله اگر وڌيڪ تصويرون هجن ها سٺو هو
 
Back
Top