ڇا اسلام جو سائنس سان تڪرار آهي؟

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر


    سائنس لاطيني ٻوليء جو لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي ”ڄاڻڻ“.پروفيسر ڪي لنگسرد مطابق سائنس فطرت جي نظام جو نالو آهي جيڪو مشاهدي،تجربي ۽ عقل سان حاصل ٿئي ٿو.علم ڪي جنهن شعبي کي اسان سائنس چئون ٿا ان جو ٻيو نالو علم ڪائنات آهي جنهن ۾ انسان جو علم به شامل آهي.سائنسدان ڪائنات جي مشاهدي مان ڪجهه نتيجا ڪڍي ٿو.هر صحيح سائنسي نتيجي کي اسان پڪي علمي سچائي يا قدرت جو قانون سمجھندا آهيون.مشاهدي ۽ تجربي سان حاصل ٿيل علمي حقيقتن کي جڏهن مرتب ۽ منظم ڪيو ويندو آهي ته ان کي سائنس چئبو آهي.

    قرآن مجيد ۾ به الله تعاليٰ انسانن کي دعوت ڏئي ٿو ته اهي آسمانن،زمين،جبلن،تارن،وڻن،ٻوٽن، ٻجن،جانورن،رات ڏينهن جي تبديلي،انساني بناوت،برساتن ۽ اهڙين ئي ٻين شين تي سوچ ويچار ۽ تحقيق ڪن ته جيئن اهي پنهنجي آسپاس ۾ پکڙيل ڪمال جي هنرمنديء وارن بيشمار نمونن کي ڏسي ان احسن الخالقين کي سڃاڻي سگھن جنهن هن پوري ڪائنات ۽ ان جي اندر موجود سمورين شين کي عدم مان وجود ۾ آندو.الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ” آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان اهي ماڻهو گذرندا رهن ٿا ۽ انهن طرف ڌيان ئي نٿا ڏين.“ اهو به فرمايو ويو ته جيڪي ماڻهو سوچين ۽ سمجھن ٿا انهن لاء آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾،رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾،انهن ٻيڙين ۾ جيڪي ماڻهن کي فائدو ڏيندڙ شيون کڻي سمنڊ ۾ هلن ٿيون،الله جي پاران آسمان مان مينهن وسائڻ ۾ جنهن سان هو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو ۽ انهيء ۾ هر طرح جي جاندار مخلوق کي پکيڙي ڇڏي ٿو،هوائن جي گردش ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ حڪم جا پابند آهن بيشمار نشانيون آهن.“

    اهو به فرمايو ويو ته ” آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن کي پيدا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ پڪ سان وڏو ڪم آهي پر گھڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“

    امام ابن ڪثير هڪ واقعو نقل ڪندي لکي ٿو ته بني اسرائيل جي عابدن مان هڪڙي پنهنجي ٽيهه سالا عبادت جو عرصو پورو ڪري ورتو پر جهڙيء طرح ٻين عابدن تي ٽيهه سالا عبادت بعد ڪڪرن جي ڇانو ٿيندي هئي ان عابد تي اها نه ٿي.هن پنهنجي ماء کان ان جو سبب پڇيو.ماڻس چيو پٽ! تو پنهنجي عبادت جي عرصي دوران ڪو گناهه ڪيو هوندو.هن چيو امان! مون هڪ به گناهه ناهي ڪيو.ماڻس چيو ته پوء تو ڪنهن گناهه جو ارادو ڪيو هوندو.جواب ڏنائين ته ايئن به بلڪل ناهي ٿيو.ماء چيو ته ممڪن اهي ته تو آسمان طرف نظر ڪئي هجي ۽ سوچ ويچار کان سواء هٽائي ڇڏي هجي.غابد چيو ته ايئن ته برابر ٿيندو رهيو آهي.ماء چيو ته بس اهو ئي ان جو سبب آهي.

    الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جن به ماڻهن کي علم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي تاڪيد سان فرمايو ته علم حاصل ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي.

    قرآن مجيد ۾ هڪ هنڌ فرمايو ويو ته ” الله تعاليٰ کان سندس بندن مان رڳو اهي ڊڄندا آهن جيڪي علم رکندڙ آهن.“

    هتي هڪ واقعي جو ذڪر مناسب آهي جيڪو علامه عنايت الله مشرقي روايت ڪيو آهي.هن سان اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هو برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو.علامه صاحب فرمائي ٿو ته 1909ع جي ڳالهه آهي،آچر جو ڏينهن هو ۽ سخت برسات ٿي رهي هئي.آئون ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪتس ته ڪيمبرج يونيورسٽي جو مشهور ماهر فلڪيات سر جيمز جينس ڪڇ ۾ بائيبل دٻايو چرچ طرف وڃي رهيو هو.مون ويجھو وڃي سلام ڪيو ته چوڻ لڳو ته ” ڇا ٿو چاهين؟“ مون چيو ٻه ڳالهيون،پهرين اها ته زور سان برسات ٿي رهي آهي ۽ اوهان ڇٽي پنهن جي بغل ۾ دٻائي رکي آهي.سر جيمز پنهنجي بد حواسيء تي مرڪيو ۽ ڇٽي ڪڍي پنهنجي مٿان تاڻيائين.ٻي ڳالهه اها ته اوهان جهڙو مشهور ماڻهو عبادت لاء گرجا گھر وڃي رهيو آهي؟ منهنجي ان سوال تي سر جيمز ڪجهه دير لاء خاموش ٿي ويو ۽ پوء مون ڏانهن منهن ڪندي چيائين” اڄ شام جو چانهه مون سان گڏ پيئجانء.“
    آئون شام جو سندس رهائشگاهه تي پهتس،ٺيڪ چئين وڳين ليڊي جيمز ٻاهر اچي چيو ته “سر جيمز تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“اندر ويس ته هڪ ننڍڙي ميز تي چانهه رکيل هئي.پروفيسر صاحب سوچن ۾ گم هو.چوڻ لڳو ” تنهن جو سوال ڇا هو؟“ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ سواء ئي آسماني جسمن جي پيدائش،ان جي حيرت ۾ وجھندڙ نظام،نهايت ئي اونهاين ۽ مفاصلن،انهن جي منجھيل رستن ۽ مدارن،انهن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي ۽ روشنيء جي طوفانن تي اهڙيون ته ايمان واريون حقيقتون بيان ڪيائين جو جو منهنجي دل الله جي وڏائي ۽ قدرت تي ڪنبڻ لڳي ۽ هن جي پنهنجي ڪيفيت اها هئي جو سندس مٿي جا وار اڀا ٿي رهيا هئا.اکين مان حيرت ۽ خوف جي ڪيفيت ظاهر هئي.الله جي حڪمت ۽ دانائي جي هيبت کان سندس هٿ ڪجهه ڏڪي رهيا هئا ۽ آواز لرزي رهيو هو.چوڻ لڳو ؛ ”عنايت الله! جڏهن آئون الله جي تخليقي ڪارنامن تي نظر وجھان ٿو ته منهن جي سڄي هستي الله جي جلال کان ڪنبڻ لڳي ٿي ۽ جڏهن آئون ڪليسا ۾ الله جي آڏو مٿو ٽيڪي چوان ٿو ته تون نهايت ئي وڏو آهين ته منهن جي وجود جو هر ذرو منهنجو هم آواز بڻجي وڃي ٿو .مون کي نهايت ئي گھڻو سڪون ملندو آهي.مون کي ٻين جي ڀيٽ ۾ عبادت ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ لطف ايندو آهي.ٻڌاء عنايت الله خان! تنهنجي سمجهه ۾ ايو ته آئون گرجا ۾ ڇو ويندو آهيان؟“

    علامه مشرقي بيان ڪري ٿو ته پروفيسر جي انهن لفظن منهن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ برپا ڪري ڇڏي.مون چيو جناب عالي! آئون اوهان جي روح پرور ڳالهين کان گھڻو متاثر ٿيو آهيان.ان سلسلي ۾ قرآن ڪريم جي هڪ آيت ياد اچي ويئي ته ” ۽ جبلن ۾ اچي ۽ ڳاڙهي رنگ جا قطعا آهن ۽ ڪجهه ڪارا آهن.انسانن،جانورن ۽ چوپاين جا ڪيترن ئي قسمن جا رنگ آهن.الله کان ته سندس بندن مان اهي ڊڄندا آهن جيڪي علم ورا آهن.“اهو ٻڌندي ئي پروفيسر جيمز چوڻ لڳو” ڇا چيئي؟الله کان رڳو علم وارا ڊڄندا آهن؟عجيب ڳالهه اهي جيڪا مون کي پنجاهه سالن جي مطالعي ۽ مشاهدي بعد معلوم ٿي آهي.“

    سائنس اسان کي هن ڪائنات ۽ ٻي مخلوق جي مطالعي جو هڪ طريقو ٻڌائي ٿي جنهن سان اسان کي مخلوق جي وجود جي سونهن ۽ خالق جي عظيم دانائيء جو شعور ملي ٿو.ان ڪري اسلام سائنس جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ڇو ته اسان ان ذريعي خدا جي تخليق جي لطافتن ۽ نزاڪتن جو بهتر نموني اڀياس ڪري سگھون ٿا.اسلام نه رڳو سائنس جي حوصلا افزائي ڪري ٿو پر اها به اجازت ڏئي ٿو ته جيڪر اسان گھرون ته پنهنجي تحقيقي ڪم کي نتيجي وارو بنائڻ لاء دين جي بيان ڪيل حقيقتن کان به مدد حاصل ڪري سگھون ٿا.ان سان ٺوس نتيجا حاصل ٿيڻ سان گڏوگڏ منزل به ترت ويجھو اچي ويندي.ان جو سبب اهو جو دين اهو اڪيلو ذريعو آهي جيڪو ڪائنات ۽ زندگيء جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ سوالن جا صحيح ۽ سڌا جواب ڏئي ٿو.جيڪڏهن تحقيق جو بنياد صگحيح هجي ته ڪائنات جي شروعات،زندگيء جو مقصد ءٌ زندگيء جي نظام جي باري ۾ ڪو مونجھارو باقي نٿو رهي.اڄ سائنسي علمن جيڪا ترقي ڪئي آهي ان انسان تي حيرت جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.لنهن شيء جي باري ۾ اڄ کان سو سال پهرين سوچڻ به ناممڪن هو اهي شيون هاڻي ممڪن بڻجي چڪيون آهن.انسان زندگيء جي هر ميدان ۾ سائنسي علم تي ڀروسو ۽ ان کي عمل ۾ آڻيندو ٿو وڃي پر سائنس جو هڪ نقصانڪار پاسو اهو آهي جو ڪجهه مسلمان به دين جي معاملي ۾ سائنس کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا آهن.اهي سمجھن ٿا ته اسلام ۽ سائنس ۾ ڪو ضد ۽ تڪرار آهي.اهي ٻئي گڏ هلي نٿا سگھن ۽ اهو ته اسلام هڪ قديم مذهب اهي جيڪو هاڻوڪي دور جي ضرورتن کي پورو نٿو ڪري سگھي جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.مولانا سيد مودودي جديد سائنس جي حوالي سان لکي ٿو ته ” پراڻي زماني ۾ ماڻهن آسمان ۽ زمين جي پيدائش،پاڻيء مان هر ساهواري شيء جي پيدا ٿيڻ ۽ تارن جي هڪ هڪ مدار ۾ ترڻ جو مفهوم ڪجهه ٻيو هو،هاڻوڪي زماني ۾ فزڪس،بايولاجي ۽ اسٽرونامي جي جديد معلومات اسان لاء انهن جو ڪجهه ٻيو مفهوم پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ نٿو چئي سگھجي ته اڳيان هلي ڪري انسان کي جيڪا معلومات حاصل ٿيندي اها انهن لفظن جي ڪهڙين معنائن تي روشني وجھندي.“

    فزڪس جي مشهور نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائين موجب سائنس مذهب سواء منڊي آهي ۽ مذهب سائنس سواء انڌو آهي.ان جو مطلب اهو آهي ته سائنس کي جيڪر مذهب جي روشني ۽ رهنمائي مهيا نه هجي ته اها ضحيح نموني اڳيان وک وڌائي نٿي سگھي.ماضي گواه آهي ته اڪثر ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي.مادي پرست سائنسدانن ماضيء ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو انهيء ۾ گھڻو وقت ضايع ٿي ويو.بلڪه اهڙيون خطرناڪ شيون به ايجاد ٿيون جيڪي انسانيت جي لاء تباهيء جو سامان آهن.اها ئي شيء سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾ ٽڪراء جو سبب بڻي.اها سوچ ته سائنس ۽ مذهب هڪ ٻئي جا مخالف آهن،يهوديت ۽ عيسائيت جي اثر هيٺ ملڪن ۾ به ساڳيء طرح پکڙيل آهي جهڙيء طرح مسلمان دنيا ۾.حقيقيت اها آهي ته ڪنهن به توحيد پرست مذهب ۾ ڪا اهڙي تحرير موجود ناهي جيڪا سائنس کي رد ڪندي هجي.تنهن هوندي به اهو به سچ آهي ته ماضيء ۾ چرچ جي حڪم تي سائنسي علمن جو حصول ۽ ان جي جستجو گناهه قرار ڏني ويئي.پادرين قديم عهد نامن مان اهڙيون گواهيون حاصل ڪيون جن ۾ لکيل هو ته اهو منع ڪيل وڻ جنهنجو ميوو حضرت آدم عليه السلام کاڌو هو اهو علم جو وڻ هو.ان سبب الله تعاليٰ هن کان ناراض ٿيو.سائنسي علم چرچ جي حڪم تي رد ڪيا ويا ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو.جيئرو ساڙڻ جي ڊپ کان ڪيترائي سائنسدان جلا وطنيء تي مجبور ٿيا ايستائين جو انهن کي توبه ڪرڻ،پنهنجو رويو بدلائڻ ۽ معافي وٺڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.مشهور سائنسدان گليلو تي ان ڪري مقدمو هليو جو هن ان نظريي کي مڃي ورتو هو ته جيڪو زمين جي گردش جي باري ۾ ڪوپر نيڪس پيش ڪيو هو.بائيبل مان هڪ غلط تاويل ڪري گليلو کي سزا ڏني ويئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو