يمن ڪلياڻ شاھ جا سر

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ محراب علي سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2020۔

  1. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    [​IMG]

    [​IMG]
    سر يمن ڪلياڻ

    تحرير:محراب سنڌي

    يمن ڪلياڻ شاھ جي رسالي ۾ ترتيب جي لحاظ کان ٻيو نمبر سر آھي. يمن ڪلياڻ ،ڪلياڻ راڳڻيء جو ھڪ قسم آھي جيڪو رات جي وقت ڳائبو آھي.
    ھن سر ۾ شاھ صاحب من کي وس ۾ آڻڻ لاء ھدايتون ٿو ڏئي ته ڏمر ڏک آھي ۽ صبر ۾ سک.
    سڀني سان من کي ماري ميڻ ڪرڻ گهرجي.
    ”يمن“ جي معني آھي من کي روڪڻ.
    ۽ ڪلياڻ جي معني جتي سک،شانتي ۽ آنند آ. ته ڪلياڻ جون ٻيون به ڪئي معنائون آھن.
    مثال طور: وڻندڙ،سکيو ستابو. فائدو،نفعو،لاڀ،سرھائي به آ ته جاکوڙ،حيلو،معرڪو،سرھائي،جيت ۽ ڪامراني به آھي.
    شاھ سائين ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ جتي توحيد،وحدت الوجود، محبت امن شانتي ۽ سک جو سبق ڏنو آ ته معاشري ۾ ان سک شانتي ۽ امن آڻڻ لاء محنت،جدوجهد ۽ جاکوڙ جو به درس ڏنو آ ۽ انقلابي بڻجي سماجي حقن جي جاکوڙ جو سبق به سمجهايو آ.
    هن سُر ۾ پرينءَ(رھبر يا انقلابي اڳواڻ) جي باري ۾ جدا جدا تمثيلون آيل آهن. ڪٿي هو شهسوار آهي ته ڪٿي ڪامل تيرانداز. ڪٿي ويڄ آهي ته ڪٿي ڪلال ته ڪٿي لهار.
    يمن ڪلياڻ لاء اندازو آھي ته اهو سر شاھ سائين پنهنجي جوانيء ۾ لکيو.
    ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل رسالي مطابق سر يمن ڪلياڻ ۾ ڪل اٺ 8 سر 122 هڪ سئو ٻاويهه بيت ۽ 8 اٺ وايون ۽ علامه آء آء قاضي جي رسالي مطابق 9 سر 207 بيت 9 وايون
    غلام محمد شاھواڻي جي مرتب ڪيل رسالي مطابق 8 سر 198 بيت ۽ 9 وايون آھن.
    شاھ سائين يمن ڪلياڻ ۾ صبر سان گڏوگڏ قرباني،جدوجھد ۽ انقلاب جو سبق ڏيندي،راھ حق ۾ فنا ٿي وڃڻ جو به چٽو ۽ واضح سبق ڏئي ٿو. شاھ سائين يمن ڪلياڻ ۾ مختلف ڪردارن کي تمثيلي طور استعمال ڪيو آ. جيئن ويڄ ۽طبيب انقلابي اڳواڻ کي سڏيو اٿس ته ڪويڄ وري غدارن ۽ سامراجي ساٿارين کي .
    يمن ڪلياڻ جي پهرين داستان ۾ شاھ سائين پرينء ”انقلابي اڳواڻ“ کي ڏاتار پيڙا ڏيندڙ به سمجهي ٿو ته پيڙا لاھيندڙ به،ھو پرينء (وطن) خاطر پاڻ کي پچي ڪباب ڪري ٿو ته ان پرينء کي ئي پنهنجي دردن جي دوا ،ويڄ ۽ طبيب سمجهندي پهرين بيت ۾ واضح الفاظن ۾ فرمائي ٿو.

    تون حَبيب. تون طَبيب، تون دَردَ جي دوا.
    جَانب! منھنجي جيء ۾، آزَرَ جا انواع.
    صَاحِبَ ڏي شِفا،مان! مريضَن کي.

    محبوب سان ميلاپ خاطر پرينء (انقلابي اڳواڻ) کي عرض ڪري ٿو ته مونکي پنهنجي هٿن سان ڪان ھڻ ته جيئن توھان سان ميلاپ جو موقعو ملي ۽ توهان کان گهڻو ڪجهه سکي پڪو انقلابي بڻجي سگهجي.

    ھَڻ حَبيب! ھَٿ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻَاڻ.
    مَاڳھِين مون مِنھُن ٿئي،جھوليءَ وجَھان پاڻ.
    انَ پَرِ ساجَنَ ساڻ،مانَ مقابلو مون ٿِئي.

    اڳتي ھلي ڀٽ ڌڻي بادشاھ انهن عشق جي ڪٺلن جيڪي محبت جي ميدان(انقلاب جي راھ) ۾ تڙپن لڇن ۽ ڪاڪارين پيا ۽ ڪنھن ويڃ طبيب(انقلابي اڳواڻ) بغير به جنگ جوٽيو اچن۽ پنهنجو علاج پاڻ پيا ڪن. انھن وٽ ھڪ رات رھڻ جي خواھش ڪندي فرمائن ٿا.

    ڪَانارِيا ڪڻِڪَن، جنِين لوه لڳنِ ۾.
    محبت جي ميدانَ ۾ ،پيا لالَ لڇَنِ.
    پاڻھين ٻڌن پَٽِيون،پَاڻَھِين چِڪِيا ڪَنِ.
    وَٽَان وَاڍوڙِيَنِ،رھي اچهي راتڙي.

    اڳتي هلي ظاهري طور پنھنجي جدوجهد جي نمائش ڪري ماڻھن کي ڏيکاريندڙن کان پنهنجي منهن پنھنجي اصليت ظاھر ڪرڻ بغير گوريلا جدوجهد ڪندڙ کي اهميت ڏيندي فرمائن ٿا.

    آيَلِ! انِ نه وسھَان،ھنجون جي ھَارينِ.
    آڻِيو آب اکِينِ ۾،ڏيھَ کي ڏيکارينِ.
    سڄَڻ جي سَارين،سي نڪي روئَن نَه چون ڪِي.

    يمن ڪلياڻ جي ٻئي داستان ۾ دنياوي طبيبن (يعني پاڻ پڏائيندڙ اڳواڻن) بدران روحاني طبيبن (سچن انقلابي اڳواڻن) وٽ پرت ۾ ملندڙ دردن پيڙائن کي ڪارائتو سمجهي ٿو ۽ روحاني طبيبن (اصل انقلابي اڳواڻن) وٽ پيش پوڻ جي تلقين ڪري ٿو.
    ٻئي داستان جي پهرين بيت ۾ ئي ڪوڙن اڳواڻن کي پنهنجا سامان ٻڌي روانو ٿيڻ لاء چوي ٿو.۽ سچن انقلابي اڳواڻن کان سواء پنهنجي حياتي بي معني سمجهي ٿو.

    تن طبيب نه تون،سڌ نه لَھِين سورَ جي.
    سانڍ پَنھجَا ڊَبڙَا،کڏَ کَڻِي ۾ ڀون.
    ڪانه گھرجي مون،حَيَاتي ھوتَن ريء.

    سچن ويڄن (روحاني رھبرن،سچن انقلابي اڳواڻن) جي ويجهو هوندي انھن جي سڃاڻ نه ڪندڙن جي اکين ۾ موريسر (موتيو) ھجڻ جو مثال ڏيندي فرمائن ٿا.

    پَاڙي وِيڄَ ھئام،تَان مون مور نه پڇِيَا.
    تِيلَاھين پَيام،موريسَر اکين ۾.

    اڳتي ھلي ناسمجهه طبيبن (بي سمجھ ۽ ناتجربيڪار ليڊرن)جي ناسمجهين سبب آيل ڏنڀن (نقصانن) جو ذڪر ڪندي ناتجربيڪار ۽ لالچي ليڊرن جي پاليسين سبب وطن عزيز سھڻي سنڌڙي کي ملندڙ گھاون(ڌارين جي لڳندڙ ڌاڙن) جو ذڪر ڪندي فرمائن ٿا.

    ڪٺيس ڪويڄَن،تن طَبيبَ نه گَڏِيا.
    ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَن،پَاڻَان ڏِيل ڏکوئِيو.

    جڏھن شاھ سائين ڪنهن باڪردار ۽ بھادر اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ گڏ ٿيندڙ ڌرتي ڌڻين جو جذبو ڏسي ٿو ته بي اختيار چوي ٿو ته.

    اگھن مڙي اڄ،ڪيو سڏ صحت کي.
    ڏور ڏکندا! ڀَڄ، مِھِريءَ منھن ڏيکاريو.

    ٽئين داستان ۾ انقلابي اڳواڻن کي آڳڙين سان ڀيٽيو اٿس ته انقلابي ورڪرن کي پتنگن سان ۽ انقلاب کي آڳ سڏيو اٿس.
    انقلاب جي عشق ۾ هاء هاء ڪري ڪوڪاريندڙ انقلابين جي جيرن بڪين ۾ ٻرندڙ عشق جي آڳ متعلق فرمائي ٿو.

    هَيءِ هَيءِ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي!
    جيرا جوشَ جَلائِيا، بڪين ٻَري باهِ!
    پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهَ نه وِسَهو!

    انقلابي وطن جي محبت کي اهڙو تير سمجهي ٿو جيڪو لڳڻ کان پوء ڪيترو به پوئتي ڇڪ نٿو نڪري سگهي.

    جيرَا،جِگر،بڪيون ،لنگھي پيو پري.
    لَڳو جيء جَڙي،تَاڻيان تير نه نڪري.

    شاھ سائين مرشد،رھبر يا انقلابي اڳواڻ کي تمثيلي طور لوھار سان مشابھت ڏيندي فرمائي ٿو ته: لوھار (انقلابي اڳواڻ) کي ئي خبر آھي، ته انهن جن ڪچن انقلابين کي پنهنجي رھبري ۾ ڪچي لوھ (ڪچي انقلابي) کي رڪ(پڪو انقلابي) بڻايو .هن پنهنجي خام وڃائي، ڪماليت حاصل ڪئي آھي.

    پَچائي پَهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
    تنين سندو ڄاڻ،آهي آڳَڙينِ کي.

    اڳتي ھلي انهن ڪچن انقلابين کي تنبيھ ڪري ٿو ته.
    تون آڳ (انقلاب) کي ويجهو نٿو وڃين ۽ عشق جا الا (انقلاب ۾ مليل زخم يا نقصان) نٿو سھين ته پوء پاڻ کي ڪيئن ٿو لھار (انقلابي) سڏائين؟ تون اڃان ڪچو آھين. پاڻ کي ڪجھ پچاء،ڪجھ حاصل ڪر.

    ڌوڌا! تون نه ڌَئِين! آڳَ اوڏو نه وڃين!
    الا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهِين!
    اڀو اِئَن چَئِين، ته آئون آڳَڙيو آهيان!

    اھي انسان جيڪي انقلاب جي عشق ۾ رھبر انقلابي اڳواڻ جي تلاش ۾ نڪري پوندا آھن ،انهن کي مرشد لطيف پنهنجي سر کي سانداڻ ڪري(پچائي) پوء رھبر وٽ وڃڻ جي صلاح ڏئي ٿو ته جيئن توکي پنھنجي رھبري ۾ ٿوري وقت ۾ وڏو انقلابي بڻائي سگهن.

    سِر سانداڻ ڪري، پڇج گَھر لهارَ جو!
    ڌَڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رڪَ سين!

    ڪچن انقلابين کي پڪو انقلابي ٿيڻ لاء صلاح ڏيندي فرمائي ٿو ته :
    جي پاڻکي انقلابي سمجهين ٿو ته اڳيان تڪليفون ڏسي نه موٽ اڃا سکيا وٺ ۽ پچي راس ٿي. تون اڃان سيکڙاٽ آھين توکي ميدان جنگ جي صحيح پروڙ ناهي

    پَتنگ چائينِ پاڻَ کي، پَسي مچ مَ موٽ.
    سَهائيءَ سپيرينء جي، گِهڙ ته ٿِئين گهوٽ!
    اڃان تون اَروٽ! کوري خبرَ نه لهيِن.

    چوٿين داستان ۾ شاھ سائين مومل جي ٻانھي ناتر جي ڌيء موکي ۽ متارن جو ذڪر تمثيلي طور ڪيو آ،
    هن داستان ۾ موکي ،مٽ،شراب ۽ متارن کي تمثيلي طور استعمال ڪيو ويو آ.
    موکي کي انقلابي اڳواڻ شراب کي وطن جو عشق ۽ متارن کي انقلابي ورڪر سڏجي ته وڌاء نه ٿيندو.
    اگر ان متعلق هن بيت تي غور ڪيو وڃي جنهن ۾ شاھ سائين اتر واء تي موکيء جي مٽ کولڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته مٽ کلندي ئي پياڪ يعني انقلابي ورڪر ڌرتي جي محبت ۾ سر تيار ڪريو بيٺا هجن ٿا.

    آڻي اتر واءَ، موکيءَ مٽ اپَٽِيا.
    مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.

    اڳتي ھلي انقلابي رھبر کي سان مخاطب ٿيندي فرمائن ٿا ته اي ڪلال پنهنجي آستاني تي آيلن کي راھ حق جو انقلابي پيغام ڏي ته جيئن تنھنجي انقلابي نظرئي جي هاڪ ۽ پرچار ٿئي ۽ پرھ جا پيئاڪ هر صبح تنهنجي آستاني تي اچي گڏ ٿين.

    وجھج واٽاڙئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
    ٿيندي سڌ سڀڪھين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛
    پِره جا پياڪَ، جه سي اڱَڻ آئِيا.

    ۽ جڏھن اھي انقلابي تنهنجي اڱڻ ۾ ڪٺا ٿيندا تڏھن ڏاڍ ۽ ڏھڪاء کي ختم ڪري امن ۽ شانتي آڻيندا.۽ اهي پوء اهڙا هيراڪ ٿي ويندا جو اڃا هڪ ظلم کي ختم ڪندا ته وري چوندا ته هاڻي وري ٻئي ظالم سان مھاڏو اٽڪائي ڏاڍ ڏھڪاء ۽ اڻبرابري کي ختم ڪريون .

    جُه سي اَڱَڻ آئِيا، ته سَرو ڪندا سڃ؛
    سائِي ٿِيندين اڃَ، هي پِيتو! ھو آڻِ ڪِي!

    اڳتي ھلي شاھ سائين پنجين داستان ۾ امن شانتي ۽ صوفي ازم جو سبق ڏئي ٿو .
    جڏھن ڪو سماج غلامي،جاگيرداري ڦرمار ۽ ڏاڍاين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نئون معاشرو اڏيندو ته سماج ۾ سک شانتي قائم رکڻ لاء اهڙين نظريئن جي پرچار جي ضرورت پوندي جنهن سان سماج سکيو ستابو رهي سگهي جيڪا پرچار مرشد لطيف پنجين داستان ۾ ڪئي آ.
    ٻين لاء جيئندڙ صوفين متعلق شاھ سائين فرمائن ٿا ته.
    هي صوفي تڏھن آھن جو پاڻ سان ڪجهه نٿا کڻن. جيڪي انھن کي ڏين ٿا انهن سان رنج ٿين ٿا ۽ نه ڏيندڙن سان راضي آھن.

    ڏِني ڏکويا، اَڻَ ڏِني راضي ٿيا؛
    صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين.

    ھڪ ٻئي شعر ۾ صوفي کي مذھبي ۽ فرقيواريت جي متڀيد کان مٿانهون سمجهندي،پنهنجي نفس سان جنگ وڙھي ٻين جي مدد ڪندڙ ڪوٺي ٿو ۽ هي اهي ماڻهون آھن جيڪي پنهنجي دشمن جو به ڏکئي وقت ۾ مددگار ٿيندا آھن.

    صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪير.
    منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پير.
    جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهَرُو.

    ڇهين داستان ۾ محبوب سان عشق جو درس ڏين ٿا پوء اھو عشق مالڪ حقيقي جو هجي يا مجازي يا کڻي وطن ۽ ديس واسين جو.
    سچي عشق ۾ سوڀارو ٿيڻ لاء تيرن ۽ ترارن اڳيان پنهنجو سينو ڍال ڪري رکڻ جو سبق ڏيندي فرمائن ٿا.

    جي هو پائِينِ ڪان ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر رک.
    منهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چَٽڪا چَک.
    سورِي ڀانءِ مَ شڪ،عاشق ٿي ته ابھين.

    اڳتي ھلي محبت جي ميدان ۾ سر جو سانگو نه ڪرڻ ۽ عشق کي ڪاريهر نانگ سان ڀيٽيندي فرمائن ٿا.

    محبت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگ.
    سورِيءَ سپيرين جي، چَڙه ته ٿئين چانگ.
    عشق آهي نانگ، خبر کاڌَنِ کي پوي.

    وري ٻئي بيت ۾ عشق کي جان جي بازي لڳائڻ ۽ سسيون وڍائڻ واري قرباني سڏيندي فرمائن ٿا.

    عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرو.
    جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ.
    سِسِي نيزي پاندِ، اڇِل ته اَڌ ٿئي.

    ستين داستان ۾ به ساڳي عشق ۽ ان ۾ فنا ٿيڻ جي ڳالهه ٿيل آ.
    داستان جي پهرين بيت ۾ ئي عاشقن جو الله کي مرڻ گهڙي تائين ياد ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي فرمائن ٿا.

    عاشقن الله ويروتار نه وسري.
    آهَ ڪَرِيندي ساھ ،ڪڏهن ويندو نڪري.

    پرينء وٽ قبول پوڻ لاء عاشق کي محبوبن جي در وڃي رت روئڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ تازي تواني کي مرشد لطيف سچو عاشق نٿا سمجهن

    عاشق اِئَن نه ھونِ، جئن تون سَڄي اَڱرين؛
    وڃي در دوستن جي، رَت ڏِهاڻِي رون؛
    ٻِيَ پَرِ ڪَنهِين نه پوَن، ماڪرِ محبوبنِ سين.

    آخري داستان ۾ مرشد لطيف روحاني رمزن،صبر ۽ شڪر جو درس ڏيندي، اڳرائي ۽ ڪيني کان روڪي ٿو.
    ڇو ته جڏهن به ڪو سماج محبت،اخوت ڀائيچاري ،صبر شڪر سان رهندو ۽ اڳرائي،ڪيني ۽ جهيڙن جهٽن کان پاڻ بچائيندو ته اھو معاشرو تڪڙو ترقيء جون منزلون ماڻيندو.
    شاھ سائين سڪ محبت ۽ پنهنجائپ جو ناتو ڳنڍيو رکڻ جو درس ڏيندي فرمائن ٿا.

    ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِن، پاءِ اميرِي انِ سين.
    جي اَوَڳڻ ڪَنِئِي، اَسونهِين! ته تون ڳڻان ئِي ڳِن.
    پاند جھليو تون پِن،هن سونهاري سَڱ ۾.

    ٻئي بيت ۾ ڏمر ۽ ڪيني کان بچڻ لاء نوڙت نماڻائي جو درس ڏيندي ان تي پختو رھڻ جي تلقين ڪندي فرمائن ٿا.

    نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَر ڏولائو؛
    ٿِيَئِي ساڃائو، جي اڀئين اِنهِيءَ پيرَ تي.

    اڳتي هلي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪندي فرمائن ٿا ته صبر واران کٽيو ۽ ھوڏ وارن ھارايو آ.

    کَم! کَمَندنِ کٽيو، هارايو هوڙَنِ.
    چکيو نه چوندنِ، هو جو ساءُ صبرَ جو.

    اڳرائيء کان روڪندي اڳرائي کي خطا کائڻ جو سبب ڄاڻائيندي فرمائن ٿا.

    ھو چَوَنِئِي، تون مَ چؤ، واتان ورائي.
    اڳ اَڳَرائِي جو ڪري، خطا سو کائي.
    پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪي.

    شاھ سائين ان محفل يا ڪچهري جو به سخت مخالف آ جنهن ۾ گلا غيبت يا ڪنهن جي دل آزاري ڪئي وڃي. ڀلي انهن محفلن مان توهانکي هزارن جو فائدو ٿئي پر اھڙين ڪچهرين کان پري ڀڄڻ جو سبق ڏيندي شاھ سائين فرمائي ٿو.

    ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏکَندو ڏاڍو ٿِئي.
    سا مَجِلس ئِي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هَزارَ جو.

    ايڪتا اخبار ۾ منهنجو ڇپيل آرٽيڪل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو