ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جِت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جِت، گهوٽيا گُهمن گهاٽن سان جِت، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جِت، اوڍيو گُهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون، ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سِڪون، اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اَميون مهراڻ جون، جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.