• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽرن وٺڻ جي شوقين ن ليگ..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
تحرير: اسد علي ميرجت، (ڄامشورو)
هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو ن ليگ ڪنهن فيصلي تي ڪٺ ڪري وري يوٽرن ورتو هجي، ان کان پهرين به تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيترائي موڙ آيا جڏهن ن ليگ ٻين کي هڪ رستي سان لڳائي وري پاڻ يو ٽرن وٺي وئي. چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي دور ۾ سپريم ڪورٽ تي سرعام حملو ڪرڻ واري پارٽي جڏهن حالات بدليل ڏٺا ته انهيءَ ئي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي مفاد خاطر هڪ جانبدار چيف جسٽس جي حمايت ۾ اٿي کڙا ٿيا ۽لانگ مارچ ڪيائون. ان کان علاوه جڏهن اليڪشن ٿي رهيا هئا ته ن ليگ جي سربراهه ان جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، سندس ريس تي متحده مجلس عمل، تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين پڻ اهو عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر خبر تڏهن پئي جڏهن بيبي صاحبه جي چوڻ تي ن ليگ ٻن ڏينهن جي اندر اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو. ان کان بعد مختلف وقتن ۾ ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ، سنڌ جي پاڻي بابت هٿ هلڪو ڪرڻ، پيپلز پارٽيءَ سان ميثاق جمهوريت، مخالفت نه ڪرڻ جا عهد ڪندڙ ن ليگ وقت جي نزاڪت کي ڏسندي عوام جي اڳيان هڪڙي ته حڪمرانن جي اڳيان ٻي روش رکي. جنهن جي نتيجي ۾ جنهن اڳواڻ جو پسنديدگيءَ جو تناسب 60 سيڪڙو هيو، ڪجهه ئي وقت ۾ 40 سيڪڙو کان به هيٺ هليو ويو. تازو ئي داتا دربار جي واقعي کان پوءِ ن ليگ جو بوکلائجي وڃڻ ۽ مختلف طريقن سان پيپلز پارٽي ۽ ميڊيا تي الزام هڻڻ کان بعد ميڊيا جي خلاف پنجاب اسيمبليءَ ۾ گڏيل رٿ آڻڻ واري پارٽي هاڻي صرف هڪ ميمبر کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٺاهي ان ڏوهه کان پاڻ کي بري ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ڏوهه سڄي دنيا جي نظر ۾ ثابت ٿي چڪو آهي.
هڪ وڏي صوبي جي اسيمبليءَ کي سپريم اٿارٽي سمجهندڙ ن ليگ جي هڪ ميمبر کي ته ايڏي مستي چڙهي وئي جو ان مرڳو ئي ٻين سڀني اسيمبلين کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ڇا ن ليگ جي ميمبرن کي پاڪستان جي ڪابه فڪر نه آهي پر فڪر هجي به ته ڪيئن ڇو ته فڪر “پڙها لکا پنجاب ” جي “اڻ پڙهيل اسيمبلي ميمبرن” کي صرف پنهنجي سيٽ جي ئي آهي نه ڪو پاڪستان بچائڻ جي .
 
جواب: يوٽرن وٺڻ جي شوقين ن ليگ..

ادا مست اهي ماڻهون اهڙائي آهن، توهان ڇا به ڪيو مگر انهن جي فطرت مٽجڻ واري به آهي، اهيا قوم آهي ئي مفاد پرست ۽ موقعه پرست،
 
اسد ڄامشورائي ير واهه واهه سياسي تجزيا اهي به اهڙا جو ڏي ڏُکن کي ٽانڊِي، زبردست ! مون ته سوچيو پي ته ايندڙ وقت ن ليگ وارن جو آهي سو چڙهندڙ سج جو پوڄاري ٿِي ڏسان! ۽ ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ڪي مزا ماڻيان پر تو ته اسان جي سوچن جا اصل ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا۔ ڏاڍو ڏنگو آهين مست!
 
Back
Top