حضرت علي رضه جي سيرت طيبه، مشعل راهہ......!!

'مذهب' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    [​IMG]

    حضرت علي رضه جي سيرت طيبه، مشعل راهہ......!!

    حبيب مرکنڊ

    يقيناً! هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته رمضان المبارڪ جو مهينو برڪتن ۽ رحمتن ڀريو مهينو آهي ۽ هي ٻين مهينن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مان، مرتبو ۽ عزت رکندڙ مهينو آهي. هي مهينو جتي نزول قرآن آهي ته اتي غريبن، بيواهن ۽ يتيمن سان مدد ڪرائيندڙ به پڻ آهي. هن مهيني جو مسلمانن وٽ خاص عزت و احترام هوندو آهي.
    اڄ رمضان المبارڪ جي 21هين تاريخ جو ڏينهن آهي جيڪو رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جو پهريون ڏينهن آهي، ڪجهه ڏينهن کان بعد هي مهمان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو، پوءِ وري ايندڙ سال جنهن کي نصيب ٿئي اهو خدا پاڪ جي ذات ڄاڻي ٿي. رمضان المبارڪ جي برڪتن ڀري مهيني ۾ ڪيترائي واقعا رونما ٿيا آهن جن ۾ سترهين رمضان المبارڪ 2 هجري تي سڀ کان پهرين جنگ بدر جيڪا حق ۽ باطل جي درميان لڙي وئي ۽ ان جنگ ۾ قريشن جا وڏا وڏا سردار به قتل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي صحابه ڪرام شهادت جو جام پيتائون، اهڙي ئي موقعي تي ڪيترائي قريش قيدي به بنجي ويا ۽ ان ڏينهن کي قرآن ڪريم ۾ "يوم فرقان"جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. 8 هجري تي مڪه مڪرم فتح ٿيو. حضرت حسن بن علي رضه جي ولادت باسعادت، حضرت بي بي خديجة الڪبري رضه جو يوم وصال، حضرت بي بي رقيه رضه جو يوم وصال، حضرت بي بي عائشه الصديقه رضه جو يوم وصال، ان کان علاوهه ٻيا به ڪيترائي اهڙا واقعا رونما ٿيا آهن جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ پڻ موجود آهن. جڏهن ته تاريخ جي ورقن کي کولي ڏسبو ته 21 هين رمضان المبارڪ 40 هجري تي حضرت علي رضه جي شهادت جو ڏهاڙو به ملي ٿو. جنهن جي ڪري مسلمان ان ڏينهن کي وڏي ادب واحترام ۽ عقيدت سان ملهائيندا رهندا آهن.
    حضرت علي رضه جي شخصيت نهايت نمايان آهي جنهن جي زندگي فضل، ڪمال، اخلاق، شرافت، ديانت، بهادري ۽ شجاعت سان ڀريل آهي. سندس جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راھ آهي. حضرت علي رضه پاڪ ۽ نيڪدل صادق انسان هو. سندن ڪنهن سان به عداوت ڪانه هئي. پاڻ پوري قد جو هو پر بلڪل مضبوط هو سندن اکين مان هر وقت مروت ٽپڪندي هئي. هو وڏو فلاسفر هو. وري بهادر به اهڙو جو ڪنهن جي مجال ڪانه هئي، جو ساڻس مقابلو ڪري سگهي. پر رعايا ڪاڻ رحمدل ۽ سخي هئا. صبر جا ته گويا درياهه هئا. مسڪينن ۽ بيواهن جي سنڀال ڪندا هئا.
    حضرت علي رضه جو اسم گرامي "علي" ڪنيت ابوالحسن ۽ ابوتراب هئي. والده محترمه جي طرفان حيدر نالو رکيل هو. خاندان جي اعتبار سان پاڻ ٻنهي طرفن کان هاشمي آهن. والد گرامي جو اسم عبد مناف ۽ ڪنيت ابوطالب هئي، حضرت علي رضه جو والد گرامي بطحاء جو سردار، قابلِ قدر انسان، امن جو علمبردار هو. نبي ڪريم صه جن ان جي ئي زيرپروش ڪافي مدت گذاري. والده جو نالو فاطمه بنت اسد هو. سندن جي والده محترمه هاشمي خاندان جي نهايت نيڪ، باحياء ۽ متقي خاتون هئي. بيبي صاحبه پهرين اسلام قبول ڪرڻ وارن مان هئي. حضرت علي رضه جي ولادت جي حوالي سان سيرت نگار لکن ٿا ته! نبوت جي ڏهين سال، 13هين رجب المرجب جي مهيني ۾ ڪعبة الله شريف ۾ جنم ورتائون ۽ الله جي رسول جي گھر وڏا ٿيا. حضرت علي رضه جن اڃا 5 سالن جي عمر جا مس هئا ته مڪه معظمه ۾ قحط پيو. تنهن ڪري پاڻ سڳورن صه پنهنجي ٻئي چاچي حضرت عباس رضه وٽ ويا ۽ کين ڏُڪر ۽ ابوطالب جي مشڪلاتن جو سارو حال ٻڌايائون. جنهن تي ابو طالب جي ٻن پٽن عقيل ۽ طالب جي پرورش جو ذمو حضرت عباس رضه کنيو ۽ باقي ٻن پٽن علي رضه ۽ جعفر رضه جو ذمو پاڻ سڳورن کنيو. حضرت علي رضه کي پنهنجي گهر وٺي ويا، جتي گهڻي ناز ۽ پيار سان کين سار سنڀال ڪئي. حضور اڪرم صه جن جڏھن نبوت جو اعلان ڪيو ته ٻارن ۾ سڀ کان پهريان حضرت علي رضه سندن تي ايمان آندو، ان وقت سندن جي عمر ڏهه يا نو سال هئي. حضور ڪريم صه جن سندن تعليم ۽ تربيت فرمائي ۽ کيس قيمتي انعامن سان ۽ اڪرامن سان نوازيو.
    حضرت علي رضه، حضور ڪريم صه جن جا سئوٽ هيا ۽ پاڻ عشره مبشره (جن کي رسول اڪرم صه جن جنت جي خوشخبري ڏني هئي) مان هو. حضور اڪرم صه جڏهن هجرت ڪري مدينه منوره تشريف کڻي ويا ته پاڻ صحابه ڪرام کي هڪ ٻئي جو ڀاء بنائي ڇڏيو، پر حضرت علي ڪرم الله وجهه سان مخاطب ٿيندي فرمايائون ته اي علي! "تون منهنجو ڀاء آهين آئون تنهنجو ڀاء آهيان دنيا ۽ آخرت ۾".
    حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صه جن حضرت علي رضه سان مخاطب ٿيندي فرمايو ته! "دنيا ۽ آخرت ۾، ويجهڙائپ ۽ مرتب ۾ ۽ ديني مددگار هئڻ جي ناتي تون منهنجي لاءِ ائين آهي جيئن حضرت موسي عليه السلام جي لاء حضرت هارون عليه السلام هو، بس فرق ايترو آهي ته مون کان بعد ڪو به نبي نه هوندو."
    حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته رسول اڪرم صه جن فرمايو آهي ته گهڻا ماڻهو مختلف وڻ جون شاخون آهن علي آئون هڪ وڻ جي شاخ آهيون. طبراني حضرت ابن مسعود رضه کان روايت بيان ڪئي آهي ته رسول اڪرم صه جن فرمايو آهي ته "حضرت علي رضه جي چهري کي ڏسڻ به عبادت آهي. حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته حضرت عمر فاروق رضه جن چوندا هئا ته حضرت علي رضه کي ٽئي فضيلتون اهڙيون مليون آهن جيڪي اگر مون کي انهن مان هڪ به ملي وڃي ها ته تمام دنيا کان زيادهه محبوب هجي ها! سندن کان معلوم ڪيو ويو ته اهي فضائل ڪهڙا آهن؟ پاڻ انهن جو جواب ڏيندي چيائون ته پهرين حضور اڪرم صه جن پنهنجي نياڻي جو سندن سان نڪاح ڪرايو، ٻئي نمبر تي حضور اڪرم صه انهن ٻنهي کي مسجد ۾ رکيو ۽ ٽئي نمبر تي جنگ خيبر ۾ علم (جنهڊو) ان کي عطا ڪيو. حضرت ابوبڪر صديق رضه جن ڪثرت سان گڏ حضرت علي رضه جي چهري جو ديدار ڪندو هو. حضرت عائشه صديقه رضه جن کان معلوم ڪيو ويو ته چيائين ته مون رسول الله صه جن کان ٻڌو هو ته حضرت علي رضه جي چهري کي ڏسڻ به عبادت آهي. عبدالله بن عباس چون ٿا ته حضرت علي رضه جي اندر علم جي پوري پختگي ۽ مضبوطي هئي ۽ رسول الله صه جن جي سندن سان محبت، اسلام ۾ اڳ شامل ٿيڻ، رسول الله صه جو نياڻو، فقيه، سخاوت مال جي وجه سان افضل هئا. امام احمد بن حنبل رحه چون ٿا ته الله جي رسول صه جي صحابن سڳورن ۾ حضرت علي رضه جن جا بيشمار فضائل ۽ مناقب آهن.
    سندن جو خصوصي اعزاز هي به آهي ته حضور اڪرم صه جن پنهنجي لخت جگر، پياري نياڻي، جنت جي عورتن جي سردار حضرت بي بي فاطمه الزهرا رضه جو نڪاح حضرت علي رضه سان ڪرڻ فرمايو. سندن کي حضرت بي بي فاطمه الزهرا رضه مان امام حسن ۽ امام حسين رضي الله عنهم ۽ چيو وڃي ٿو ته هڪ فرزند محسن به هيو جيڪو ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ نياڻين ۾ حضرت زينب الڪبري ۽ ام ڪلثوم رضي الله عنهما هيون.
    حضرت علي رضه ننڍپڻ کان ئي رسالت جي دامن ۾ رهيا، جتان علم، شجاعت، تقوي، پرهيزگاري، جرئتمندي، صبر ۽ سخا جي انتها کي پهتا. سندن جي سخا ايتري هوندي هئي جو ڪو به سوالي در تان خالي نه ويندو هو.
    حضرت علي ڪرم الله وجهه جا جنگ بدر، جنگ احد، جنگ خندق، جنگ خيبر ۽ ٻين ڪيترن ئي اسلامي جنگن ۾ شريڪ رهيا ۽ پنهنجي بي پناهه شجاعت سان ڪافرن جي وڏن وڏن نالي واري بهادرن کي پنهنجي ذوالفقار تلوار سان ماري جهنم رسيد ڪيائون. سندن جا جنگن ۾ عظيم ڪارناما آهن جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ محفوظ آهن حضرت علي رضه پنهنجي شجاعت بهادري، دل جي مضبوطي ۽ ارادي جي پختگيءَ سان گڏوگڏ انتها ئي نرم دل، نازڪ انساني، احساسن جو مالڪ ۽ نرم طبيعت وارو ھوندو ھو ۽ امن، محبت، اخوت، مساوات ۽ علم سان ڀرپور بي مثال انسان هئا. سندن جو قول آهي ته "اخلاق هڪ دُڪان آهي ۽ زبان ان جو تالو آهي، تالو کلي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته دڪان سون جو آهي يا لوهه جو". حضرت علي المرتضي رضه جو علمي مقام، مرتبو، ان جو قرآن فهمي، حقيقت شناس ۽ فقهي صلاحيت تمام اعلي ۽ منفرد هئي. قدرت جي طرفان سندن کي عقل و علم، اعلي صلاحيتن سان نوازيو ويو هو جو جيڪي مسائل صحابه ڪرام کان ڏکيا هوندا هئا جن کي حل ڪرڻ مشڪل سمجهيو ويندو هو، انهن مسئلن کي پاڻ آسانيءَ سان حل ڪري وٺندا هئا. تمام صحابه ڪرام اهڙي وقت کان پناهه گهرندا هئا جو جڏهن ڪو مسئلو اچي وڃي ۽ حضرت علي رضه موجود نه هجي. حضرت سعيد بن مسيب رضه جن بيان ڪن ٿا ته " حضرت عمر فاروق رضه اهڙن سوالن کان الله تعالي کان پناه گهرندا هئا جو جنهن جي حل ڪرڻ جي لاء حضرت علي ڪرم الله وجهه نه هجي. ڪيترن ئي صحاب ڪرام رضي الله عنهم شاهدي ڏني ته حضرت علي رضه علم ظاهر ۽ باطن ٻنهي جا امين هيا۔ حضرت ابن مسعود رضه جن جو بيان آهي ته! "بيشڪ علي ابن ابوطالب کي علم ظاهري به آهي ته علم باطن به". حضرت علي رضه جو ٻڌايل مسئلي کي صحابه ڪرام جلد قبول ڪري وٺندا هئا. حضرت عبدالله بن عباس رضه کان حضرت سعيد بن جبير رضه روايت ڪئي آهي ته ” جڏهن اسان کي ڪنهن مسئلي جو ثبوت حضرت علي رضه کان ملي ويندو هو ته پوء اسان ٻئي ڪنهن جي طرف رجوع نه ڪندا هئاسين..
    حضرت بي بي عائشه صديقه رضه جن روايت بيان ڪن ٿيون ته "حضرت علي رضه تمام ماڻهن کان وڌيڪ سنت جو علم رکڻ وارا هئا. حضرت ابوالطفیل رضه جو بیان آهي ته حضرت علي رضه جن ارشاد فرمايو ته اي انسانو! توهان مون کان سوال ڪيو بخدا توهان قيامت تائين جنهن شيءَ جي متعلق سوال ڪندو مان توهان کي ٻڌائيندم ۽ توهان مون کان قرآن ڪريم جي بابت سوال ڪندو ته مان توهان کي ٻڌائيندم ته ڪا اهڙي آيت نه آهي جنهن جي متعلق مون کي خبر نه هجي ته هي آيت رات جو نازل ٿي يا ڏينهن جو ميدان ۾ نازل ٿي يا پهاڙن ۾ نازل ٿي.
    حضرت علي رضه جو علمي مقام اهو هيو جو سندن شان جي متعلق اچي ٿو ته علم جو باب (دروازو) آهن. حضور ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته مان علم جو شهر آهيان ۽ ان جو دروازو حضرت علي رضه جن آهن.
    مولانا ابوالحسن علي ندوي رحه لکن ٿا ته”حضرت علي رضه جن کان اهڙن متعدد ڪمن جي ابتدا ٿي جن جا اثر نه صرف هي باقي آهن بلڪه جيسيتائين عربي زبان ۽ ان جا قائدا نحو و صرف باقي آهن ته اهي ڪارنامه زنده جاويد رهندا.
    حضرت عثمان غني رضه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي رضه کي ذوالحج 35هه/656ع ۾ چوٿون خليفو چونڊيو ويو. چار سال اٺ مهينا ۽ نو ڏينهن تائين خلافت جا احڪام سرانجام ڏيندا رهيا.
    19 رمضان المبارڪ سنه 40هه مطابق 27 جنوري 661ع ۾ حضرت علي رضه ڪوفي جي مسجد ۾ نماز ادا ڪري نڪتا ٿي، ته ابن ملجم زهر آلوده خنجر سان سندن کي زخمي ڪري وڌو ۽ ان زخم جي ڪري پاڻ شهيد ٿيا، شهادت وقت سندن عمر 64 سال هئي. سندن جي فرزند ارجمند حضرت امام حسن رضه سندن جي جنازي نماز پڙهائي. الله تعالي سندن سان پيار، سچي پڪي محبت ڪرڻ جي ۽ سندن جي سيرت کي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    حوالو: تاريخ خلفاء راشدين
    سيرت سيدنا علي بن ابو طالب رضه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو