سنڌ سلامت ۾ شامل ۽ شامل ٿيندڙ دوستن لاءِ ننڍڙو عرض رکجي ٿو ته اهي سنڌ سلامت جي وچور کي اڀياس هيٺ آڻي پوءِ پنهنجا ويچار ونڊ ڪن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌ سلامت جي وچور تي تمام گهٽ دوست عملدرآمد جا پابند نظر اچن ٿا، باقي سنگت وچور (فهرست) تي ڪو به ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي... مثال ”تعارف” وارو ڀاڱو رڳو تعارف لاءِ ئي محيط آهي، ان منجهه دوست پنهنجو تعارف ڪرائن ٿا ته هو ڦلاڻي شهر يا ڳوٺ جو آهي، هو سرڪاري ملازم آهي يا ناهي، هو هي هي ڪم ڪري ٿو ۽ هِن هُن تنظيم سان واڳيل آهي. مطلب تعارف وارو ڀاڱو تعارف لاءِ ئي آهي پر هتي ڏٺو ويو آهي ته دوست مختلف سيڪشنز /ڀاڱن جا ايٽمز ”تعارف” واري ڀاڱي ۾ پيسٽ ڪري ڇڏين ٿا يا ڪمپيوٽ ڪن ٿا. ان لاڙي کي جيڪڏهن اسان پاڻ اڄ ئي اهو وچن ڪري ختم ڪريون ته هاڻ جيڪو به مواد هوندو، اهو وچور جي لوازمات تحت ئي ونڊ ڪيو ويندو، سو اچو ته “سنڌ سلامت” ۾ موضوعاتي اعتبار کان وچور جو وڌ کان وڌڪ خيال رکون اميد ته منهنجي هيءَ تجويز اوهان سڀني کي ضرور آئڙندي ۽ اوهان پنهنجا ليک، فٽيج، وڊيوز وچور تحت ئي ونڊ ڪندا................