• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”جڳھ ڪونهي، پوءِ اچجو“ نيوزيلينڊ وزيراعظم واپس موٽي وئي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
pic_1565248190.jpg


”جڳھ ڪونهي، پوءِ اچجو“ نيوزيلينڊ وزيراعظم واپس موٽي وئي.

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جسنڊا آرڊن پنھنجي مڱيندي ڪلارڪ گيفورڊ سان گڏ هڪ ريسٽورنٽ پهتي، ريسٽورنٽ واري چيو ته وزيراعظم صاحبه پوءِ اچجو هاڻي ڪورونا وائرس ضابطن ڪارڻ جڳهه ڪانهي. وزيراعظم چپڙي ڪري هلي وئي. ٿوري دير کان پوءِ ريسٽورنٽ ۾ هڪ ٽيبل خالي ٿي ته ريسٽورنٽ جي مالڪ ويئٽر کي موڪليو”ڏس وزيراعظم ويجهو آهي ته سڏ ڪري اچيس“ خير وزيراعظم ٻه گهٽيون ڇڏي نيرن لاءِ ريسٽورنٽ ڳولهي رهي هئي ته ويئٽر چيو”ميڊم جاءِ خالي ٿي آهي، اوهان اچي سگهو ٿا.“
وزيراعظم جسنڊا کلندي واپس آئي، وزيراعظم جي منڱيندي ٽوئيٽر تي معافي گهري ته وزيراعظم کي ريسٽورنٽ ۾ ٽيبل بُڪ ڪرائڻ بنا وٺي ويو هئس.
نيوزيلينڊ به هن دنيا جو حصو آهي...!

(سارنگ رولاڪ)

حوالَي لاءِ لنڪ
 
پاڪستان ۾ ڪنهن ايم اين اي سان به ائين ٿئي ها ته ريسٽورنٽ واري جي کل اڀتي لٿل هجي ها هن مهل تائين
 
Back
Top