عِيد آئِي آ وَرِي اَڄ کڻِي ساڳيا پروڪا سُور ... شاعر: عبدالستار سيوهاڻي


عِيد آئِي آ وَرِي اَڄ

عِــيــد آئِــي آ وَرِي اَڄ، کَـڻِـي ساڳِـيـا پَـروڪا سُورَ،
گُذرِي سَـڄـو سـال وِيـو، اَسِــيـن رُنــا آهـيُـون ضـرُور.

ڇــا ڪـيُـون پَــرديــس ۾، ته آهـيُـون سَـفا مَجـبُور،
چاهت جن جي اسان کي، ڪيو سَفا چِڪـنا چُور.

تــن کي پَــرواھ ڪـانہ آ، هِــتي پَـل پَـل پَــون پُـور،
”سـتـار سيوهاڻِي“ سُــور، آ سَھـندي پُـورو سال ٿِـيو.


 
آخري ترميم:
Back
Top