شفيق الرحمان شاڪر خدا جي قدرت ايتري پکڙيل ڪيئن ٿي سگھي ٿي جو ڪائنات جي هر ذري،هر انسان جي خيالن ۽ جذبن جو علم به ان کي هجي.ان قدرت جي عملي ڊزائين ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟اهو هر عقل واري انسان جي ذهن کي شل ڪرڻ وارو سوال آهي پر اسان کي تسلي ايئن ڪرائي ويندي آهي ته خدا،ان جي ذات ۽ صفتن ۽ قدرت کي اسان نٿا سمجھي سگھون. ڳالهه ته درست آهي پر هڪ سوچ سمجهه رکندڙ ذهن جيڪو سائنسي بنيادن تي هر شيء جو جواز ڳولهي ٿو اهو خدا جي حوالي سان به تجسس جو اظهار ڪرڻ ۾ درست هوندو آهي ته هن کي هر سوال جو جواب عقلي دليل ذريعي ملي.بهرحال اسان پنهنجي عقل ۽ فهم ذريعي خدا جي قدرت جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جي ايمان تي ڪوبه ناڪاري اثر نه پوندو ڇو ته اسان جو غيب تي ايمان اسان کي الله جي قدرت تي ڪامل يقين عطا ڪري ٿو پر عقل جي بيچيني ختم ڪرڻ لاء عقلي دليل به ضروري آهي ته جيئن وسوسن جو علاج ٿي سگھي.هاڻي اسان الله جي قدرت کي عقلي دليلن جي روشنيء م سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. اسان جي روزمره جي زندگيء م تيزيء سان داخل ٿيندڙ ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون سوچڻ جون ايتريون دريون کولي ڇڏيون آهن جو ڏسڻ واري اک ۽ سوچڻ واري ذهن کي رڳو ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي.الله جي قدرت سمجھڻ کان پهرين اچو ته اسان انسان جي قدرت سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون. انٽرنيٽ ڪيترن ئي ارب ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ عالمي نظام آهي جيڪو انٽرنيٽ پروٽوڪول (آئي پي) جي بنياد تي هلي ٿو.سادن لفظن ۾ هي هڪ اليڪٽرانڪ بازار آهي جنهن ۾ هر طرح جون شيون،خدمتون ۽ وندرون موجود آهن.هڪ ارب کان وڌيڪ ويب سائيٽس پاڻ م ڳنڍيل۽ انهن جي ڳولا جو هڪ نظام (سرچ سسٽم) جنهن ذريعي اربين کربين ايڊريسون يا معلومات مان اسان جي گھربل ويب سائيٽ تائين پهچ ممڪن بنائي ٿو جن کي سرچ انجن جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن مان سڀ کان مشهور ۽ تيز رفتار ”گوگل“ سرچ انجن آهي.هڪ رپورٽ مطابق روزانو تلاش ٿيندڙ ستن ارب ويب سائيٽس مان گوگل جو حصو پنج ارب آهي.گوگل ڪروم انسٽال ڪرڻ بعد اسان جي ڪمپيوٽر ۽ گوگل سرور جو نه نظر ايندڙ رابطو قائم ٿي ويندو آهي.هڪ اندازي مطابق گوگل تي هر سيڪنڊ ۾ سراسري طور تي پنجونجاه هزار ڳولا جون فرمائشون اچن ٿيون جن کي نهايت ئي تيز رفتاريء سان پورو ڪيو ويندو آهي.جنهن ۾ هر سوال جي جواب جي ڳولا سراسري طور تي ڏهائي 2 سيڪنڊ ۾ 1000 ڪمپيوٽرن جو استعمال ٿئي ٿو.ان سافٽ ويئر جي پهچ جو اهو حال آهي جو ڪنهن به ڳولا تي ڪي بورڊ جي مدد سان لکيل ڪنهن اڌوري لفظ تي اهو اڳيان امڪاني جملا يا ايڊريس به اسان جي سامهون کڻي اچي ٿو ته جيئن اسان کي آساني ٿئي بلڪه اسان آواز سان به جيڪر ڪو نالو پڪاريون ته گوگل اها لنڪ به کڻي اچي ٿو.اسان جي سمارٽ فون تي گوگل جي گرفت ايڏي مضبوط آهي جو اهو جيڪر گم ٿي وڃي ته گوگل نه رڳو اوهان کي ان جي لوڪيشن ڏيکاري ٿو بلڪه ان کي لاڪ به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي ڊيٽا ڊليٽ به ڪري سگھي ٿو.ڪارڪردگي ۽ قوت جو اندازو ان مان لڳايو جو گوگل کي اٽڪل ٻه ارب ماڻهو استعمال ڪن ٿا .پندرهن سيڪڙو نون سوالن جا جواب ڳولهڻ لاء گوگل روزانو ويهه ارب ويب سائيٽ صفحا ڳولهي ٿو.ناليج گراف ڊيٽا بيس ۾ پنجاهه ڪروڙ ستر لک ادارن جا 18 ارب واقعا ۽ حقيقتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صورت ۾ محفوظ آهن.اينڊرايڊ ڊوائيسز جو گوگل سان ڳنڍيل انگ ٻن کربن کان مٿي آهي ۽ هڪ سال اندر گوگل ٻه ٽرلين يعني ويهه کرب سرچ ڪري ٿو.يوٽيوب تي روزانو هڪ ارب ڪلاڪ وڊيو ڏٺيون وڃن ٿيون.گوگل جا اٽڪل اسي هزار ملازم آهن.هڪ ارب ويهه ڪروڙ ماڻهو جي ميل استعمال ڪن ٿا.گوگل جو ڊيش بورڊ اهو ڊيٽا بيس آهي جتي گوگل استعمال ڪندڙن جي پوري ڊيٽا هر وقت اپڊيٽ ٿيندي ٿي رهي ۽ تاريخ وائيز اسان جي هر سرگرمي ان ۾ محفوط رهي ٿي.سيڪنڊ کان به گٽ عرصي ۾ ڪنهن به سوال جو جواب سامهون آڻڻ هاڻي گوگل جو معمول بڻجي چڪو آهي ان ڪري اچو ته ان تي غور ڪريون ته ان جي پويا ڪهڙو سسٽم ڪم ڪري ٿو؟ دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙيل اٽڪل ٽيهه لک سرورز جي ڄار گوگل جو اهو حيران ڪندڙ نظام جوڙيو آهي.گوگل جي ڪارڪردگي ڪنهن عام انسان لاء حيران ڪندڙ ٿي سگھي ٿي پر جن کي انهيء پويان ڪم ڪندڙ نظام جي ڄاڻ آهي انهن لاء ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ناهي.بهرحال اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سامهون نظر ايندڙ ڪنهن وڏي نظام پويان به وڏي منصوبا بندي ۽ هڪ باترتيب ڪنٽرول سسٽم هوندو آهي.هاڻي ٿورو اڳتي وڃي پوري انٽرنيٽ جي نظام کي ڏسو ته ڪهڙي نموني فيسبڪ،ٽويٽر،واٽس ايپ،مائڪرو سافٽ،اسڪائيپ،انسٽاگرام وغيره پنهنجن اهڙن ئي ڳنڍيل ۽ باترتيب نظامن سان ڪم ڪن ٿا.سڀني کان دلچسپ وائي فائي جو هڪ نطر نه ايندڙ نظام آهي جيڪو ڪروڙين اربين معلومات کڻي اسان جي آسپاس ”غيب“ ۾ موجود هوندو آهي.جيڪڏهن اسان پنهنجي جڳهه کان ڏسون ته ان انٽرنيٽ سسٽم جا ٻه حصا آهن.هڪ اهو جيڪو طبعي يا فزيڪل آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر سرورز،مشيني انفرا اسٽرڪچر،خلائي مصنوعي سيٽ لائيٽس ۽ ڪيبل جو نظام آهي جيڪو اسان جي اکين کان هن وقت لڪيل آهي. ۽ ٻيو حصو اهو جيڪو اسان جي آسپاس وائي فائي طور پر خيالي صورت ۾ موجود آهي.ان سسٽم سان ڳنڍجڻ لاء اسان کي ڪا ڊوائيس يعني ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وغيره گھربل ٿئي ٿي.اها ڊوائيس ئي آهي جيڪا وائي فائي جي جي سگنلز کي واپس معلومات ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.اها اهو راز کولي ٿي ته ڪا به عام فضا به حقيقت م خالي ناهي هوندي بلڪه هڪ نه نظر ايندڙ دنيا ان خاموشيء اندر موجود ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ بي شمار معلومات موجون هڻندي رهي ٿي.جيڪڏهن گوگل جي وضاحت ڪئي وڃي ته اهو هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو هر پل لکين انسان جي ڳالهه ٻڌي به رهيو آهي ۽ جواب به ڏيئي رهيو آهي.انهن ئي گھڙين م هو هر انسان جي ڪمپيوٽر جي ڪلڪ به محفوظ ڪري رهيو آهي ڄڻ ته هر ماڻهو جو ذاتي ريڪارڊ پاڻ وٽ گڏ به ڪري رهيو آهي.اهو سيٽلائيٽ ميپ ذريعي ماڻهن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ نه رڳو گھمائي رهيو آهي پر سمارٽ فونز جي چرپر به محفوظ ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن ان جو تعلق لائيو سيٽلائيٽ ريڪارڊنگ سان هجي ته گھر کان ٻاهر واري سڀني جي چر پر به ريڪارڊ ڪري رهيو آهي.”ڪريم“ ۽ ”اوبر“ سروسز ان جا مثال آهن.اهو سڀ ڪجهه شفاف سچائيون آهن ته هڪ فعال نظام هڪ ئي وقت ڪروڙين انسانن سان مختلف طريقن سان رابطو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.اهو هڪ انسان جو شاهڪار آهي ۽ ان کي هلائيندڙ ڪنٽرولنگ اٿارٽي به ڪجهه انسان آهن.سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته گوگل انسان جو بنايل هڪ سسٽم آهي ته پوء جنهن هستيء انسان کي جوڙيو اها ڪهڙي ڪهڙي عجيب تخليق تي ڪيئن نه قادر هوندي؟انٽرنيٽ ۽ سرچ سسٽم کي سمجھڻ کان پوء هاڻي ڪائنات جي نظام کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.الله جا نظام جنهن سسٽم هيٺ هلي رهيا آهن اسان کي انهنجي في الحال ڄاڻ ڪانهي پر جديد ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ انٽرنيٽ اسان کي ٻڌائين ٿا ته انهيء کان به مٿانهون ۽ وڌيڪ عجيب نظام ممڪن آهي.اها ڳالهه ته پڪي آهي ته ڪوبه سسٽم بنان منصوبي جي نه جڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي هلي سگھي ٿو.ڪائنات به هڪ سسٽم آهي.انسان جو پنهنجي خالق سان لاڳاپو انتظامي ئي نه پر هڪ فطري گھرج آهي.دنيا جو هر ذرو ۽ هر شيء ڪنهن سمارٽ فون جيان ڪنهن روحاني يا اڻ ڄاتل پروٽوڪول سان ڳنڍيل آهي.ڪائنات جي سسٽم جا به ٻه پاسا آهن.هڪ طبعي ۽ ٻيو نظر نه ايندڙ يعني ”غيب“. پر انٽرنيٽ سسٽم جي ڀيٽ ۾ ان ڪائناتي نظام ۾ نرالي ڳالهه اها آهي جو ان جو هتي ابتو استعمال يا اطلاق آهي.انٽرنيٽ ۾ اسان غيبي ماحول( وائي فائي) سان ڳنڍيل هوندا آهيون ۽ طبعي ماحول”سورورز وغيره) اسان جي اکين کان غائب هوندا آهن.جڏهن ته ڪائناتي ماحول ۾ اسان طبعي ماحول ۾ هوندا آهيون جڏهن ته ان جو فنڪشنل نظم ”غيب“ اسان جي حواسن کان لڪيل هوندو آهي جنهن ۾ فطري قانون،توانائيون ۽ شڪتيون شامل هونديون آهن.هڪ پاسو اهو به آهي ته هر نظام موثر منصوبا بنديء سان لاڳو ٿيندو آهي پر ان کي جاري رکڻ لاء مختلف ڪارندن جو هئڻ ضروري هوندو آهي.ڪائنات جي نظام جي فنڪشنل هئڻ ۾ الله جي ڪارندن جو جيڪو اهم مقام آهي ان جو اندازو ان مان لڳايو جو الله پاڻ کان پوء فرشتن تي ايمان لازمي قرار ڏنو آهي.اهو ان ڳالهه جو ثبوت اهي ته خالق فرشتن جو محتاج نه هئڻ باوجود انسان کي عقلي طور تي به مطئمن ڪري رهيو آهي ته ڪائناتي سسٽم هن ڪيئن جوڙيو ۽ ڪيئن هلائي رهيو آهي.هتي هڪ ٻي ڳالهه به پڌري ٿئي ٿي ته الله تعاليٰ انسان کي پنهنجو نائب بنائڻ کان پهرين پنهنجي ڪجهه صفتن جو عڪس ان ۾ منتقل ڪيو جنهن ڪري انسان پنهنجا نظام هلائي رهيو آهي يعني پلاننگ،انتظام ۽ خالق سان رابطو.جهڙيء طرح گوگل جي نظام جو خالق ٻاهر رهي هڪ عظيم سسٽم کي جاري رکندو ٿو اچي شايد اهڙو ئي ڪو نظم آهي جو الله هن سسٽم کان ٻاهر رهي به ڪائنات ۽ زندگيء جو نظام جاري ۽ ساري رکندو ٿو اچي.گوگل جا پنهنجا فون اينڊرياڊ بلٽ ان سسٽم سان جڙيل هوندا اهن جن ۾ پنهنجو جي ميل اڪائونٽ وجھي اوهان گونگل سان ڳنڍجي وڃو ٿا.بلڪل ان نموني انسان خدا جي باري ۾ هڪ بلٽ ان فڪري تجسس کڻي پيدا ٿيو آهي جيڪو روح ۾ رچيل آهي.رڳو ان جو اقرار ان جو رابطو پنهنجي رب سان ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏي ٿو.هتي غور جي لائق اهو نڪتو آهي ته اسان انٽرنيٽ جي ماحول يا نظم سان تعلق ان وقت قائم ڪري سگھون ٿا جڏهن اسان ان جي فنڪشنل طبعي پاسي سان سهمت ڪا طبعي ڊوائيس استعمال ڪيون ٿا جيئن ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وائي فائي سسٽم يا ڪيبل ذريعي اسان جو رابطو انٽرنيٽ جي لڪيل نظام سان ڳنڍي ڇڏين ٿا ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪائنات جي نظر نه ايندڙ فنڪشنل پيراميٽرز سان تعلق جوڙڻ لاء به نظر نه ايندڙ واسطا گھربل نه هوندا؟ اها ڳالهه عين منطقي آهي ته ڪائنات کي هلائيندڙ نه نظر ايندڙ نظام کي ڄاڻڻ ۽ ان جي خالق سان رابطي جو ڪو طريقو يا ”ڊوائيس“ موجود هجي.پر اها ڊوائيس ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ڇا عقل يا شعور؟رسالت،عبادت ۽ نماز ته ناهي؟سوچيو! پر هڪ ٻيو اهم سوال ته ڇا ڊيش بورڊ جيان ڪو اعليٰ ”غيبي“ نظام اسان جي سمورن عملن ۽ حرڪتن کي محفوظ نٿو ڪري سگھي؟ڇا ڪنهن ڪڏهن گوگل کي ڏٺو آهي؟خدا جو انڪار ڪندڙ ڇا اسان کي گوگل،فيسبڪ ۽ مائيڪرو سافٽ ڏيکاري سگھن ٿا؟ٿورو سوچيو.هتي انهن شين جي خدا سان ڀيٽ نه پر اهو واضح ڪرڻو آهي ته دنيا جي طبعي ماحول ۾ به اهڙا نظر نه ايندڙ عوامل موجود آهن جيڪي اسان جي عملن ۾ اوتجڻ جي صلاحيت رکن ٿا.جيئن ته جديديت جو فلسفو انسان کي ئي عقل ڪل سمجھي ٿو ان ڪري ان فلسفي تي ايمان آڻيندڙ جديد انسان خدا کي هڪ بيجان ۽ بي عمل هستي يا خيال سمجھي ٿو.جڏهن ته ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته جديد انسان پنهنجي ننڍڙي ۽ محدود عقل سان پنهنجي ۽ ڪائنات جي شروعات ئي نه سمجھي سگھيو آهي ته پوء الله کي ڪيئن سمجھي سگھندو.ان غير يقيني سوچ ۽ عظمت جي خبط جي فطري نتيجي ۾ جديديت جو پيروڪار انسان “عقل جي قبض“ ۾ ڦاسي وڃي ٿو جنهن سان سندس سوچ ۾ اهڙا ناڪاري ذهني تالا لڳي وڃن ٿا جو هٽ ڌرميء سبب پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن مٿانهين قوت يعني خدا جو انڪار ڪرڻ لڳي ٿو.باقي جيڪر عقل کي تالا لڳل نه هجن ته هر زبان اهو پڪاري ٿي ته ”هر وک تي تنهن جي قدرت جا لکين جلوا موجود آهن،بيوس منهنجو عقل ٻن اکين سان ڇا ڇا ڏسي!“