• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاجي محمد سومار گهراڻو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
سائين حاجي محمد سومار ولد سچيڏنو گهراڻو جو جنم 1932 ع ۾ نصرپور ۾ ٿيو سائين جن بابت جيڪا معلومات سندن فرزند جيڪو به استاد هو هن وقت رٽائر آهي جنهن جو نالو عبدالعزيز عرف محمد جمن گهراڻو آهي ان جيڪا معلومات ڏني اها پيش آهي سائين جن جي جوائننگ ۽ رٽائر ٿيڻ جي تاريخ سروس بوڪ ۽ اسڪول رڪارڊ ۾ هئي سائين جن جو سروس بوڪ نه ملي سگهيو سائين جن ميمڻ محلا اسڪول نصرپور مان رٽائر ٿيا هئا سندن ٻئي فرزند سچيڏنو ۽ عبدالعزيز به هن اسڪول مان رٽائر ٿيا هئا سائين جن جي رٽائر ۽ جوائننگ جي خبر نه پئي جڏهن اسان پرائمري ۾ پڙهندا هئاسين ته سائين حاجي محمد سومار هيڊ ماستر هو اسان پنجون درجو 1978 ع ۾ پاس ڪيو هو . سائين جن ڪلاس به وٺندا هئا ۽ قران شريف به پڙهائيندا هئا .سائين جن مين سنڌي نصرپور .ميمڻ محلا نصرپور .پرائمري اسڪول پيارو لنڊ .پرائمري اسڪول شير محمد لنڊ .پرائمري اسڪول صاحب خان جروار ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيا اڄ به سندن دوست يا انهن جو اولاد کيس ياد ڪري ٿو . سائين عبدالله جروار جو والد سندن پڪو دوست هو اڄ به سائين عبدالله جن سائين جي باري ۾ لکڻ جو چوندا آهن .سندن فرزند ٻڌايو ته سائين جن ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪندا هئا جيڪا اسان کان گم ٿي ويئي .اتي ويٺل هڪ ماڻهو ٻڌايو ته سائين جن پنهنجي دوست غلام محمد گهراڻو حامد علي گهراڻو سان ويهي مرثيا چوندا هئا .سائين جن هر وقت پاڙي وارن جي مدد ڪندا هئا پاڻ استاد سان گڏ شاعر ۽ سماجي ورڪر به هئا .جڏهن پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن ٺهي ته ان جي باني جان محمد جمالي کين پ ٽ الف جو سب ڊويزن هالا جوصدر ڪيو ان وقت ٽنڊوالهيار سب ڊويزن نه هئي سائين حاجي محمد سومار لاڳيتو ڏھ ڀيرا سب ڊويزن هالا ۾ بنا مقابلي پ الف جو صدر چونڊيو سندن تعليم سنڌي فائنل هئي ان وقت فائنل مئٽرڪ جي برابر هئي پر قابليت وڏين ڊگرين جهڙي هوندي هئي .سائين جن پنهنجي حياتي ۾ هڪ دفعو ايران عراق ڪربلا زيارت لاء ويا سندن فرزند جي چوڻ موجب سائين ڇھ حج به ڪيا سائين جن نصرپور جي جامع مسجد ۾ ويھ سال موذن ۽ پيش امام جون خدمتون سرانجام ڏنيون رمضان شريف جي مهيني ۾ ماڻهن کي جاڳائڻ لاء لائوڊ تي اعلان ڪندا هئا ٿوري ٿوري دير ۾ ٽائيم کان آگاه ڪندا هئس سائين جن جي وفات جي تاريخ ڪتبي تي 28مارچ 2008 ع بمطابق 20 ربيع الاول 1429 هجري رات ڇنڇر وقت 8:45 لکيل آهن سائين جن جي آخري آرام گاه مخدوم مئيڏنو قبرستان ۾ آهي اڄ اسان وٽ سائين جن نه آهن پر سندن يادون سڀني جي دلين ۾ زنده جاويد آهن دعا آهي ته رب پاڪ سائين جن کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري
 
Back
Top