• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مجيب الرحمان ابڙو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
مجيب الرحمان ابڙو جو جنم 14 فيبروري 1965ع ۾ نصرپور ۾ ٿيو پاڻ مشهور تعليمي ماهر اديب محمد طيب ابڙو جا فرزند آھن .پرائمري کان مئٽرڪ تائين نصرپور ۾ تعليم حاصل ڪئي .سندن تعليم ڊبل ايم اي ۽ بي ايڊ آهي 06 جون 1987ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيا .پاڻ مين سنڌي .ميمڻ محلا نصرپور ۽ ٻين اسڪولن ۾ تعليم ڏني . پ ٽ الف ۾ سرگرم رهيا .عهديدار نه هوندي به استادن جي مدد ڪندا هئا جڏهن نصرپور مٽياري مان ٽنڊوالهيار ۾ 2013 ع ۾ وري شامل ٿي ته استادن جو پگهار ٽنڊوالهيار مان ڪرائڻ لاء سخت محنت ڪئي ۽ استادن جو پگهار ٽنڊوالهيار مان ڪرايو .ڪا به ڳالھ هوندي آهي ته رک رکان نه ڪندا آهن منهن تي سچ چئي ڏيندا آهن منهنجو ساڻن استاد ٿيڻ کان وٺي تعلق رهيو آهي .ڪجھ وقت پاڻ صحافت جي دنيا ۾ به آيا هئا صحافت کين دل سان نه لڳي ان کي ڇڏي ڏنائون .سندن ماحول ۾ ادبي دنيا آهي پاڻ فيس بوڪ تي ڪيتريون ئي فليش ڪهاڻيون لکيون آهن جنهن ۾ حقيقت ۽ سچ سمايل هوندو آهي جيڪي پسند ڪيون ويون .پاڻ هن وقت مين سنڌي اسڪول نصرپور ۾ آهن هڪ ڳالھ مون محسوس ڪئي آهي ته جنهن به اسڪول تي ويا آهن اتي سڀني کان اڳ پهچندا آهن .اسان جو پيارو ساٿي آهي کيس رب پاڪ وڏي عمر ۽ صحتمند رکي
 
Back
Top