• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سميع الرحمان ابڙو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
سميع الرحمان ابڙو مشهور تعليمي ماهر محمد طيب ابڙو جو پوٽو فيس بوڪ رائيٽر مجيب الرحمان ابڙو جو فرزند آهي پاڻ هن وقت هائي اسڪول نصرپور ۾ جي ايس ٽي آهن فزڪس جا ماهر آهن پاڻ بهترين شاعر به آهن سنڌي ادبي سنگت نصرپور جا عهديدار به آهن پاڻ اڳتي وڌڻ جي جدوجهد ڪري رهيا رب کين ڪامياب ڪندو مختصر سندن تعارف پيش ڪجي ٿو

نصرپور جو بهترين شاعر ۽ استاد
مشهور تعليمي ماهر محمد طيب ابڙو جو پوٽو
سميع الرحمان ابڙو
خادم گھراڻو

سميع الرحمان ابڙو نصرپور جو هڪ بهترين شاعر ۽ استاد آهي . سميع الرحمان ابڙو سنڌ جي مشهور استاد تعليمي ماهر ۽ اديب مرحوم محمد طيب ابڙو جو پوٽو آهي پاڻ هن وقت جي ايس ٽي استاد طور نصرپور جي هاءِ اسڪول ۾ دريس تدريس سان لاڳاپيل آهن ، سائنس جي سبجيڪيٽن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن .سنڌي ادبي سنگت نصرپور جا گھزريل ٻن سالن کان خزانچي آهن . سميع الرحمان ابڙو پرائمري تعليم مين سنڌي اسڪول نصرپور مان ، مئٽرڪ هاءِ اسڪول نصرپور مان . انٽر اقراءِ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوالهيار مان ڪئي . اسڪالرشپ تي اسلام آباد جي يونيورسٽي نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ امرجنگ سائنسز ( FASR – NUCES – PWR ) پشاور ڪئمپس بي ايس ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪئي . پاڻ شاعري سان گڏ نثر به لکندا رهندا آهن سندس لکڻ جو انداز تمام بهترين آهي جيڪو هر ڪنهن موهي وجھندو آهي سميع الرحمان ابڙو کي ڪمپيوٽر ۽ فزڪس تي تمام گھڻي مهارت آهي . کين ادب جي دنيا ۾ ايندي گھڻو وقت نه ٿيو آهي . پر ٿوري وقت ۾ پاڻ مڃايو آهي . اسان کي اميد آهي ته پاڻ پنهنجي ڏاڏي محمد طيب ابڙو وانگر ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ نالو روشن ڪندا سميع الرحمان ابڙو اسان جي ادبي ۽ تعليمي ميدان جو چمڪندڙ ستارو آهي .
سميع الرحمان ابڙو جي هتي شاعري مان ڪجھه شاعري پيش ڪجي ٿي

نثري نظم

تنهنجو پيار منهنجي لاءِ
هڪ فراخ ۽ عميق سمونڊ آهي
جنهن جي عمق تون ئي ته آهين
پر مان اهو اڇلايل پٿر آهيان
جيڪو ان ۾ ٻڏندو ڪرندو ۽ هزارين ڪوهن جا سفر ڪري
پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري عمر ڀر لاءِ توسان اچي مليو

چوسٽو

لبن تي ناءُ تنهنجو آ
سيني ۾ ساءُ تنهنجو آ
جيون سندو گلابن جو
چوڏس واءُ تنهنجو آ .

غزل

تو جيان خوبرو ڀلا ڪهڙي ؟
آ ٻي ڪا ماهرو ڀلا ڪهڙي .؟
ڇو ڏسڻ ۾ نه ٿا اچو سهڻا
ٻي ڏسان هوبهو ڀلا ڪهڙي ؟
بس ملي ديد ئي توسان اڄ من
ٻي ڪيان آرزو ڀلا ڪهڙي ؟
ايئن ناراض ٿي پيو آهين
سا به آ گفتگو ڀلا ڪهڙي ؟
رات توکي تڪيندي گذري آ
هاڻي ٻي جستجو ڀلا ڪهڙي ؟
 
Back
Top