• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نديم ڀاڻو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
سائين نديم ڀاڻو جو جنم 17 اپريل 1971ع تي نصرپور ۾ ٿيو پاڻ ننڍپڻ ۾ شفقت جهڙي پيار کان محروم ٿيا سندن پروش سندن مامي امير بخش ڪئي سائين لونگ خان ڀاڻو جن جو به مٿن هٿ هو پاڻ مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ اڳتي تعليم ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي پاڻ ايم اي بي ايڊ پهرين پاڻ پرائمري استاد ٿيا ان بعد هائي اسڪول ٽيچر ٿيا هن وقت هائي اسڪول نصرپور ۾ آهن پاڻ ساجن سميجو ڌڱاڻو بوزدار نصرپور ۾ تعليمي خدمتون ڪيون ڪجھ وقت پاڻ مضمون لکندا رهيا جيڪي عبرت ۾ شايع ٿينداهئا پر اوچتو لکڻ ڇڏي ڏنو .مون سان (خادم گهراڻو ) ۽ريحان ابڙو سان گڏ تحقيقي ورڪ ۽ تاريخي ماڳن تي گڏ هوندا آهن موٽر سائيڪل پاڻ هلائيندا آهن ڀلي ڪيڏي به منزل هجي سندن ساٿ اسان سان رهيو آهي پاڻ لکن ڪونه ٿا پر جيڪو اسين لکون ٿا ان ۾ سندن محنت به شامل آهي پاڻ ٻين جي ڪمن جو بار به پنهنجي ڪلهن تي کڻندا آهن ان کي پورو ڪندا آهن تتي هجي ٿڌي هجي طوفان هجي مينهن هجي سندن ساٿ گڏ هوندو آهي اسين کيس گذارش ڪريون ٿا ته پاڻ قلم واري تلوار کڻن وري لکڻ شروع ڪن اسان جي دعا سدائين صحتمند رهي اسان جو ساٿ ڏيندو رهي
 
Back
Top