سائين محمد يوسف شاڪر ابڙو اسان جو استاد هو اسان کي اسلاميات پڙهائيندو هو پاڻ ڪافين جي بادشاھحضرت مصري شاھ امام رضوي جو چونڊ ڪلام ڇپايو سندن تاريخ تي ڪيترائي مضمون شايع ٿيا چيو وڃي ٿو ته پاڻ نصرپور جي تاريخ تي ڪتاب لکيو هو اهو مسودو ڪيڏانهن ويو ان جي خبر نه آهي نئين زندگي طرفان کين ايوارڊ به مليو هو سندن مضمون مهراڻ نئين زندگي ۽ٻين رسالن ۾ موجود آهن نصرپور جو محقق ، اديب ، شاعر ۽ استاد حاجي محمد يوسف شاڪر ابڙو خادم گھراڻو اسان جيڪڏهن غور ڪريون ته ادب جي ميدان ۾ پوءِ اهو تحقيق جو ڪم هجي شاعري سرجڻ جو عمل هجي يا ڪهاڻي ، ڪالم ، مضمون لکڻ جو عمل هجي ان ۾ گھڻائي استادن جي رهي آهي جن ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي . آب حيات واري شهر نصرپور کي اهو مان مرتبو مليل آهي ته هن شهر ۾ هر دور ۾ اهل قلم جنم وٺندا رهيا آهن . انهن مان محمد يوسف شاڪر ابڙو ولد واليڏنو ابڙو به هڪ آهي . سندن جنم نصرپور شهر ۾ 20 جنوري 1919ع تي ٿيو وفات 27 ربيع الاول 1422 هجري بمطابق 20 جون 2005 ع تي ٿي . 1935ع ۾ پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائون 1953 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي سنڌي اديب جو 1954 ع ۾ اديب عالم ۽ 1955 ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائون .1970 ع ۾ بي اي جو امتحان خانگي پاس ڪيو پهرين پاڻ 1936 ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا .1945 ع کان 1947 ع تائين ٽريننگ ڪاليج فار مين ايڊيوڪيشن حيدرآباد مان استاد وارو ڪورس مڪمل ڪيائون . 1952 ع ۾ سيڪنڊري اسٽنٽ ماستر ٿي رهيو . 1960 غ ۾ اسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر دادو ، ٺٽو ، ٿرپارڪر ،ضلعن ۾ ٿي رهيو . ( تاريخ نصرپور تان ورتل ) پاڻ ڪيترو ئي وقت نصرپور جي ها؟ي اسڪول ۾ هڪ استاد طور ڊيوٽي سرانجام ڏني . 60 سالن جي عمر ۾ 1979 ع ۾ رٽائرڊ ٿيا . سائين جن ادبي پروگرامن ۾ گھڻو ويندا هئا جتي ادبي پروگرام ٿيندا هئا انهن ۾ ڪوشش ڪري شامل ٿيندا هئا . سائين جن جتي هڪ بهترين استاد هئا اتي بهترين محقق به هئا سائين جن ڪيترن ئي موضوعن تي تحقيق ڪئي جيئن پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿن ته جڏهن برهمڻ آباد تباه ٿيو ته اتان جيڪي ماڻهو ڀڄي نڪتا هئا انهن اچي نصرپور کي وسايو هو . نصرپور جي باري ۾ لکيو اٿن ته هي هڪ علمي هنري شهر هو هن جو وچ باعيد جو قبو هو جيڪو موجوده نصرپور کان ٽن چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جڏهن مون ريحان ابڙو سان گڏ وڃي ڏٺو ته ڏيڍ ڀت بچيل هئي اها به هاڻي آهي يا نه آهي . مطلب ته سائين جن جو گھڻو ڪم تحقيق تي ٿيل آهي . شاڪر ابڙو جا لکيل مضمون ڪيترن ئي اهم ڪتابن جهڙوڪ مهراڻ ۽ نئين زندگي ۾ شايع ٿيا هئا . نئين زندگي جي طرفان سائين جي لکيل ڪاوشن جي مڃتا طور سائين جن کي ايوارڊ به ڏنو ويو . پهريون دفعو سائين جن ڪافين جي بادشاه حصرت مصري شاھ رضوي جو چونڊ ڪلام نالي ڪتاب شايع ڪرايو هو . سائين جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ اصلي کٿوري (1950 ع ) انتّاب ڪلام مصري شاھ ( 1957 ع) حضرت سلمان فارسي رضه ( 1958 ع ) بناه اسلام ( 1963 ع ) ۽ تفسير هاشمي ( هن ۾ سائين جن قرآن شريف جي مختلف سورتن جو تفسير لکيو آهي ، ان کان سواءِ ٻيا به سائين جن جا ڪتاب لکيل آهن جن جا نالا نه ملي سگھيا . اها به ڳالھه ڪن دوستن ٻڌائي ته سائين جن نصرپور شهر تي تمام گھڻي تحقيق ڪئي اهو مسودو ڪيڏانهن ويو يا ڪنهنکي سائين جن ڏنو ان جي خبر نه پئجي نه سگھي . جيڪڏهن اهو ڪتاب جيڪڏهن ملي وڃي ۽ ان کي ڇپائجي ته اهو هڪ تاريخي دستاويز آهي . . جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ پهريون دفعو بزرگ وتايو فقير تي سيمينار ٿيو هو ته ان حوالي سان هڪ تحقيقي مضمون سائين جن لکيو جنهن ڪافي ڄاڻ سمايل هئي جيڪو ان سيمينار جي چپايل ڪتاب ۽ تازو محترم عبدالقادر منگي طرفان ڇپايل ڪتاب وتايو فقير ۾ به موجود آهي . سائين جن جي باري ۾ هڪ ڳالهه معلوم ٿي ته سائين جن بهترين شاعر به هئا پر سائين جي شاعري ڪوشش باوجود نه ملي سگھي آهي . نصرپور ڪنهن وقت ادبي تنظيمن جو گھوارو هو هتي نصرپور ۾ فوٽو اسٽيٽ رسالا سوجھرو ، رهاڻ ، حق موجود ، سرهاڻ ، گلن جھڙا ٻارڙا ، ٻالڪ ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا نڪرندا هئا سائين جن سڀني جي مدد ڪندا هئا انهن جي همت افزائي ڪندا هئا . جڏهن سوجھرو پبليڪيشن وارن نصرپور نمبر ڪڍيو ته جتي هنن دوستن جو ساٿ ٻين ساٿين ڏنو اتي سائين جن به مڪمل ساٿ ڏنو ۽ هڪ مضمون نصرپور ۾ رهندڙ ذاتين تي لکيو . جيڪو هڪ رڪارڊ هو مون وٽ اهو نمبر هو پر ڪو دوست کڻي ويو ان واپس نه ڪيو جنهن جو افسوس آهي . سائين جن نصرپور مان جيڪي رسالا نڪرندا هئا انهن سڀني ۾ تاريخي حوالي سان مضمون لکندا رهندا هئا جنهن سان ڄاڻ جا خزانا ملندا رهندا هئا . چون ٿا سائين جن ڪافي پراڻيون اخبارون رسالا سڪا وغيره هئا جيڪي سائين جن سنڌ الاجي کي ڏيئي ڇڏيا . سائين جن طبيعتن سادا هوندا هئا پيار محبت ونڊڻ وارا هئا جيڪڏهن ڪوبه تاريخ بابت سوال پڇبو هو ته سائين جن وضاحت سان سمجھائيندا هئا . نصرپ