الله يار جي ٽنڊي جا اڪابر اڄ سائين عبدالله جروار سائين طيب ابڙو جي باري ۾ ڄاڻ شيئر ڪرڻ جو چيو ان وقت جنهن وقت سائين پوسٽ ڇڏي آئون نصرپور جي تاريخ تي آيل ڪتاب پڙهي رهيو هو س ان ڪتاب يعني تارخ نصرپور جي صفحي 301-377-419 تي محمد طيب ابڙو جي باري ۾ مواد هو ان ڪتاب جي مصنف موجب محمد طيب ابڙو ولد سچيڏنو ابڙو 12 جون 1920ع ۾ نصرپور جي ابڙا محلا ۾ ڄائو ابتدائي پرائمري تعليم نصرپور ۾ حافظ محمد اسحاق جي مڪتب ۾ حاصل ڪيائون 1936ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان سيڪنڊ پوزيشن طور پاس ڪيائون محمد طيب ابڙو جا مرحوم محمد نجيب عالماڻي ۽ سرڳواسي الو مل کتري پرائمري استاد هئا . 1937ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت شروع ڪيائون 1946ع پنجاب يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٻه سال پڙهي فارغ ٿيو علام ڊاڪٽ دائودپوٽي صاحب کيس اسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ڪيو . پاڻ پنهنجي دؤر جو هڪ بهترين استاد منتظم تعليمي ماهر هو 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي ٽي پاس ڪيائون آخر ۾ حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي آيڊيوڪيشن آفيسر ٿيو پاڻ 09 فيبروري 1999ع ۾ وفات ڪيائون کيس ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون محمد طيب ابڙو تعليمي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي 1959ع ۾ محمد طيب ابڙو نصرپور ايڊيوڪيشنل ڪوآپريٽو سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو . محمد طيب ابڙو ڪيترائي نصابي ، غير نصابي ، ناول لکيا . پنج تن ( 1965 ) جوهر سخن (1949 ) نقش عمل ( 1949 ) حضرت ابو ذر غفاري رضه ( 1951 ) جگر حسين ( 1961 ) گردش اخلاق ( 1960 ) پيار جي شادي ( 1960 ) محبت ۽ فرض ( 1964 ) نابينا ، ماڊرن انگي حساب ،انگي حساب درجو چوٿون ، انگي حساب درجو پنجون گرامر درجو چوٿون ( هي مضمون تاريخ نصرپور تان ورتو ويو آهي ) محمد طيب ابڙو جيڪو علمي خزانو ڇڏي ويو آهي ان جي اڄ جي نوجوان کي پروڙ نه آهي ، پاڻ سدائين ففٽي موٽر سائيڪل تي هلندا هئا اسڪولن جا امتحان پاڻ وٺندا . اسان کي جيڪي به قسمت سانگي سائين جا شاگرد يا اهي جن سائين جي هٿ هيٺ ڪم ڪيو اهي سائين جي محنت همت جي واکاڻ ڪن ٿا ، اڄ به سائين جو نالو چنڊ جي وانگر روشن آهي سائين جو هڪ فرزند وفات ڪري ويو آهي ٻيو فرزند مجھيب الرحمان ابڙو پرائمري استاد آهي سٺو لکندو آهي سندس پوسٽ فيس بوڪ تي هونديون آهن ، سائين محمد طيب جو پوٽو سمي الرحمان هائي اسڪول نصرپور ۾ استاد آهي فزڪس جو ماهر آهي ان کان سواءِ هڪ بهترين شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت نصرپور جو خزانچي آهي سندن ارادو آه ته جيڪي سندن ڏاي محمد طيب ابڙو جا ڪتاب لکيل آهن انهن کي ٻيهر ڪمپوز ڪري شايع ڪرائي