محمد صديق گهراڻو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    محمد صديق گهراڻو جو جنم 1963 ع ۾ نصرپور ۾ ٿيو مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي سندن والد پورهيت ڪوري ۽ هيلٿ کاتي ۾ هڪ ننڍو ملازم هو غربت سبب اسڪول کان پوء ڪاشي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو هن وقت سندن پنهنجو ڪارخانو آهي جيڪو سندن اولاد سنڀالي رهيو آهي پاڻ ادب سان به چاھ رکندا آهن سنڌي ادبي سنگت نصرپور جا عهديدار به رهيا ان طرفان نڪرندڙ رسالي جوت ۾ مضمون ڪهاڻيون به لکندا هئا وٽن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جي ڪري معلومات جو ڀنڊار آهي هن وقت پاڻ هائي اسڪول ٽيچر آهن تاجپور هائي اسڪول جا انچارج هيڊ ماستر آهن ايوب گهراڻو جنهن نصرپور جي تاريخ قلمي نسخي ۾ محفوظ ڪئي سندن ڀاء آهي ساجدالله گهراڻو جيڪو نقشي نگار مهراڻ يونيورسٽي ۾ استاد آهي سندن فرزند آهي هڪ فرزند حافظ قران به آهي ليکڪ خادم گهراڻو سندن ڀاڻيجو آهي پاڻ هميشه علم ۽ هنر جي ورهاست ڪندا رهيا آهن دعا آهي سدائين خوش آباد هجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو