• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماجد الرحمان دائودپوٽو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
ماجد الرحمان دائودپوٽو نصرپور ۾ 10 اپريل 1987ع تي ڄائو.پاڻ پياري استاد سائين خليل الرحمان جا فرزند آهن مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم ٽنڊوالهيار ۽ ڄام شورو مان حاصل ڪئي .هن وقت پاڻ جي ايس ٽي استاد آهن ان ئي اداري ۾ آهن جتي سندس استاد به آهن .پاڻ فزڪس .انگريزي ۽ رياضي جا ماهر آهن هر وقت مرڪندا رهن ٿا شاگردن جي تعليمي سير دوران انهن کي معلومات ڏيڻ سمڪهائڻ وقت سندن بهترين انداز هوندو آهي .پاڻ جتي استاد آهن اتي سماجي ڪمن ۾ به اڳيان آهن .مطالعو گهڻو ڪندا آهن .تازو ادبي دنيا ۾ قدم رکيا آهن سندن لکيل مضمون ۽ ڪهاڻيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن هي فقيري طبيعت رکندڙ پيارو ماڻهو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي اسان جي دعا آهي ته سندس خواب ساڀيان ٿين ۽ پنهنجي منزل ماڻي ترقي ڪري ديس جو والدين جو استادن جو نالو روشن ڪري
 
Back
Top