• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خليفو محمد يونس گهراڻو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
هي اسان جو چاچو محمد يونس آهي جيڪو خليفو يونس جي نالي سان مشهور آهي سندن جنم 1919 ع۾ نصرپور ٿيو پاڻ هڪ دفعو ڪائونسلر به ٿي چڪا آهن پڙهيل نه آهن پر پنهنجو نالو لکي ويندا آهن سدائين شهر ۽ ڳوٺن جي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهيا آهن وٽن ڪيترائي فيصلا ايندا آهن اهي حل ڪرائيندا . سندن هڪ فطرت آهي ته روڊ رستي تي ڪو ڪاغذ وغيره ڏسندا هئا ته ان کي کڻي پاسي تي ڊسٽ بن ۾ ڇڏيندا هئا اگر نالو بند هوندو هو ته جيڪا لٺ سندن هٿن ۾ هوندي هئي ان سان ڪڍي پاڻي وهائيندا هئا يا گٽر صاف ڪرڻ واري کي وٺي ايندا هئا .پاڻ مضبوط دل وارا آهن پنهنجن غمن کي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن سندن ٽي ڀائر هڪ ڀيڻ هڪ ڀائيٽيو هڪ پٽ هڪ ماروٽ سندن اڳيان وفات ڪري ويا پر پاڻ دل کي جهلي ٻين کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا .سندن هڪ پوٽو معذور آهي هڪ پوٽو عمر جو ننڍو پر گهر کي سنڀالي ٿو پاڻ هر وقت هر ڪنهن کي ڪم ايندا هئا .سندن ايڪسيڊنٽ ٿيڻ کان پوء اها طاقت نه رهي ٻيو اندر ۾ لڪل غم .کين فالج جو حملو بلڊ پريشر جي وڌڻ ڪري ٿيو جنهن کان پوء پاڻ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهن پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪم آيا پر اڄ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کان سواء سندن حال به نٿو پڇي اسان جي لاء ڇانورو آهي اسان جي دعا آهي سندن شفقت وارو هٿ سدائين اسان جي مٿان رهي خدا کين صحتمند ۽ تندرست رکي
 
Back
Top