• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رفيق احمد ڀٽي خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
سائين رفيق ڀٽي جي والد جو نالو محمد موسي هو .سائين جن جو جنم نصرپور ۾ 1966 ع ڌاري ٿيو پيارو ساٿي شفيق احمد ڀٽي سندن جاڙو ڀاء آھي .سائين نذير .سائين شبير سائين عبدالغني به سندن ڀاءُ هئا جيڪي استاد هئا .سندن ڀاء نياز احمد سماجي ورڪر هو اهو به سندن ڀاءُ هو محمد عمر جيڪو بڪيرا شريف ۾ رهي ٿو اهو به ڀاءُ آهي سائين رفيق مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي بي اي تائين پرائيويٽ تعليم حاصل ڪئي .2 جون1987 ع تي پرائمري استاد ٿيا پاڻ بهترين سماجي ورڪر رهيا نصرپور ينگ ڪائونسل .شاگرد بهبود ڪميٽي .ماروئڙا سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ ٻين سماجي تنظيمن ۾ رهي سماجي خدمتون ڪيون .ڪجھ وقت صحافت ۾ به رهيا مختلف اخبارن ۾َمضمون به لکيا .هن وقت سندن ٽي فرزند به سماجي خدمتن ۾ اڳيان آهن .سائين پيارو کل مک انسان هو ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪندو هو سنگت کان ڪاوڙبو هو پلن ۾ پرچي پوندو هو . پاڻ جڏهن بيمار ٿيا تڏهن به ڊيوٽي ايندا هئا . 12 سيپٽمبر 2013 ع ۾ موت اسان کان اسان جو پيارو ساٿي جدا ڪري ڇڏيو کين نور الله شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو اڄ پاڻ اسان ۾ نه آهي پر سندن يادون آهن رب پاڪ کان دعا آهي کين جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري
 
Back
Top