• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محمد اعظم ملهار دائودپوٽو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
محمد اعظم دائودپوٽو جنهن جو تخلص ملهار آهي پاڻ عربي ۾ ايم اي ڪندڙ پياري استاد سائين محمد خان دائودپوٽو جا فرزند آهن سندن جنم 7جولاء 1968 ع ۾ نصرپور ۾ ٿيو پاڻ مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي پهرين پاڻ پرائمري استاد هئا ان بعد سنڌ ماڊل ڪاليج ۾ سنڌي جاليڪچرار ٿيا هن وقت به اتي آهن پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏ سماجي ورڪر ليکڪ آهن سندن ڪاوشون عبرت ۾ شايع ٿيون هن وقت ڪاليج مان نڪرندڙ رسالي وتايو ۾ سنڌي سيڪشن جا انچارج آهن .پاڻ غريبن جا همدرد مسڪينن جا مدد ڪندڙ علمي ادبي ماحول کين پنهنجي گهر ۾ مليو سندن چاچو دين محمد دائودپوٽو .خليل الرحمان دائودپوٽو بهترين استاد ۽ ليکڪ آهن . سندن چهري تي ڪڏهن به اسان ڪاوڙ نه ڏٺي آهي سدائين قرب ونڊڻ وارا آهن اسان جي دعا آهي سدائين خوش رهن
 
Back
Top