راشد دائودپوٽو - يوناني فلسفي جي تاريخ جو ليکڪ خادم گھراڻو راشد دائودپوٽو جو تعلق به نصرپور سان آهي، هن کي اسان ننڍپڻ کان ڏٺو آهي، هي سخت جفا ڪشي ڪندڙ، خاموش طبع، ٿڌو مزاج رکندڙ شخص آهي. هن جو اصل نالو راشد علي ولد بنده علي دائودپوٽو آهي، پر پاڻ راشد دائودپوٽو جي نالي سان مشهور آهن، سندن جنم نصرپور شهر ۾ 28 فيبروري 1978 ع تي ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم ميمڻ محلا اسڪول نصرپور مان؛ مئٽرڪ هاءَ اسڪول نصرپور مان؛ ۽ انٽرميڊئيٽ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سندس چواڻي هو ڪاليج تائين پنهنجي تدريسي عمل ۾ هڪ ڪمزور شاگرد طور رهيو آهي. يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو مان فلسفي شعبي ۾ ماسٽر ڊگري ورتائين ۽ 2009ع يورپ جي ملڪ هالينڊ مان نيدرلينڊر فيلو شپ پروگرام جي اسڪالرشپ تي يونيورسٽي آف ويخنن مان، گڏيل رٿابندي، نگراني، جانچ ۽ ڇيد ڪرڻ ۾ تربيت حاصل ڪيائين، 2011 ۾ يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو مان ڏورانهي سکيا جي پروگرام Distance Learning Program ذريعي رورل ڊويلپمينٽ ۾ ماسٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 2011ع ۾ وڪالت لاءِ بنيادي امتحان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ متحرڪ سياسي ڪارڪن رهيا آهن، شاگرديءَ واري زماني ۾ ٻه دفعا جيل به وڃي چڪا آهن. سندن سياست جي شروعات 1988ع ۾ ٻارڙن جي سياسي تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ تربيتي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ٿي، پوءَ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ ان وقت جي گڏيل حيدرآباد ضلعي ۾ ( جيڪو 2005ع ۾ ٽوڙيو ويو حيدرآباد ، مٽياري ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوالهيار ضلعا ٺاهيا ويا) ضلعي صدر، پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي صدر ۽ پوءِ مرڪزي جنرل سيڪريٽري طور رهي ڪم ڪيائين. يونيورسٽي دوران تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي بند ڪريو جي جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. شاگرديءِ جي زماني کان پوءِ عوامي تحريڪ ۾ مرڪزي اڳواڻ طور ڪم ڪندو رهيو آهي. سندن پسند جو سياستدان محترم رسول بخش پليجو صاحب جن آهن . سندن پسند جو گل موتيءِ جو گل، پسند جو رنگ ڳاڙهو، پسند جو کاڌو چانورن جي ماني ساڳ يا پَلِي سان آهي. سندس چوڻ موجب کيس اهو لباس پسند آهي جيڪو عوام سان ڳنڍي. سندن پسند جا استاد پرائمري ۾ محترم محمد عالم انڙ صاحب ( اياز عالم ملوڪاڻي ادبي نالو ) ۽ مرحوم علي نواز دائودپوٽو صاحب، هاءَ اسڪول ۾ محترم دين محمد دائودپوٽو صاحب، محمد اسماعيل سيکاٽ وارو ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران محترم فريد الدين شيخ ۽ محترم جاويد ڀٽو جن آهن .سندن روزگار جا وسيلا ننڍو ڪاروبار، پرائويٽ اسڪول، وڪالت ۽ تربيتون ڏيڻ آهي . راشد دائودپوٽو 1995 ع ۾ ادب جي دنيا ۾ آيا. شروعات روزانه خادم وطن اخبار ۾ لکڻ سان ڪيائون، هن وقت تائين راشد دائودپوٽو جو هڪ ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، جنهن جو نالو يوناني فلسفي جي تاريخ آهي، (ڇپائي دوران انساني غلطيءَ سبب “فلسفي جي تاريخ” جي بجاءِ “فلسفي جي اهميت ۽ افاديت” سان ڪتاب ڇپيو.) سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل وولڊيورانٽ جي مشهور ڪتاب Story of Philosophy جو ترجمي “فلسفي جي ڪهاڻي” جي ايڊٽينگ ڪيائين، هن وقت هندستاني فلسفي تي سندن ڪم هلندڙ آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن جهڙوڪ عوامي آواز، سوڀ ، عبرت وغيره ۽ رسالن جهڙوڪ تحريڪ، ڪاپڙي وغيره ۾ سندن مضمون ۽ ڪيل ترجما شايع ٿي چڪا آهن. سندن چوڻ آهي ته1993 ۽ 1994 ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي تربيتي ڪلاسن جي استادن اسماعيل خاصخيلي، حسين جروار، ميرپرويز، وشنو مل ۽ ٻين کيس لکڻ لاءِ اتساهيو؛ پوءِ جي دور ۾ فلسفي جي استاد مير مظفر ٽالپر، سندس ڪلاس فيلو نويد سنڌيلو ۽ مانواري جامي چانڊيو کيس همٿايو. پر لٺ کڻي، واعده وٺي، هر دفعي پڇاڻا ڪري سڀ کان وڌيڪ اتساهيندڙ محترم رسول بخش پليجو صاحب رهيا آهن، پليجي صاحب جي باري ۾ سندن چوڻ آهي ته “ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پر ٿيئن”، “تون سَمون آئون گَندري، مون ۾ عَيبَ اُپار”. ادبي تنظيمن ۾ عوامي علمي ادبي فورم ۾ ڪم ڪندا رهيا آهن. ان پليٽ فارم تان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ليڪچر ڏيندا رهندا آهن . سندن مطالعي جا موضوع تهذيبون، عالمي آڳاٽي تاريخ، فلسفي جي تاريخ، مارڪسي فلسفو، عالمي صورتحال خصوصي آهن. پاڻ سماجي تنظيمن ۾ به ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو اٿن. جڏهن راشد دائودپوٽو کان اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته پاڻ چيائون ته شروعات طور پتڻ ترقياتي تنظيم ۾ ڪم ڪيو، پوءِ عمرڪوٽ ضلعي جي شهر ڪنري ۾ صحافي، ڪالم نگار مرحوم عاجز سمون ۽ سندس گهر واريءَ سان گڏ عورتن جي ترقياتي تنظيم ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کان پوءِ خيرپورميرس ۾ ليڊ پاڪستان تنظيم ۽ ماروي ڳوٺاڻي ترقياتي تنظيم ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان پوءِ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊويلپمنيٽ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ضلعي مينيجر طور خيرپورميرس ۽ ميرپورخاص ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پوءِ نيشنل ٽيڪنيڪل ايڊوائيز طور اڪيڊمي فار ايجوڪيشن ۾ ملڪي سطح تي ٽرينر ۽ مانيٽرنگ اينڊ ايوليوشن