• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خليل کوسو خادم گهراڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
محترم خليل کوسو سان منهنجي پهرين ملاقات اليڪشن جي ٽريننگ دوران ٿي هئي سندن فرزند سرمد خليل سان فيس بوڪ تي ملاقات رابطو هو پهرين ملاقات وتايو فقير جي ميلي ۾ ٿي خليل کوسو هڪ استاد سان گڏ هڪ محقق به آهي تحقيق ڪرڻ لاء جهر جهنگ جهاگڻا ٿا پون بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻي پوي ٿي گرمي سردي جي سٽ سهڻي پوي ٿي وڏي کوجنا ڪجي ٿي ماڳن مڪانن لائبررين جس پنڌ ڪرڻا پون ٿا ان بعد ڪنهن مضمون کي ترتيب سان لکڻو پوي ٿو پڙهڻ وارن کي جيڪا لکت ملي ٿي اها وڏي محنت سان تيار ٿيل هوندي آهي اسان پڙهندڙن کي جيڪڏهن ڪا کوٽ محسوس ٿئي ٿي يا ڪا غلط لکت ملي ٿي ته ان تي تنقيد برائي اصلاح ڪجي تنقيد برائي تنقيد نه ڪجي تاريخي حوالا ثبوت به پيش ڪجن خليل کوسو جو ڪتاب پاڪسنگهار مون نه پڙهيو آهي ڪوشش جي باوجود نه مليو ڪاڏي منهن مريم جو ڪتاب جيڪو پهاڪن تي آهي اهي پهاڪا وڏي محنت سان مليا هوندا گهر ويٺي نه مليا هوندا سنڌ جا ٽنڊا جنهن ڪتاب ۾ نوانوي ٽنڊن جو ذڪر آهي اهي اسان پڙهي حيران ٿي وياسين مون سمجهيو ته ٽنڊو معني فوجي ڇانوڻي يا ننڍو شهر ڪتاب پڙهڻ سان خبر پئي ته ٽنڊا رڳو ٽالپورن نه پر ٻين به قائم ڪيا آهن . ڪيڏو به وڏو محقق هجي اهو خاڪي آهي ان کان به غلطي ٿي سگهي ٿي ان غلطي کي جيڪا درست مڃجي ته ان جي تحقيق ڪري حوالا پيش ڪجن جيئن شاعرن جي سردار ڀٽ جي ڌڻي شاھ عبداللطيف جي جنم ڀومي نائين ڪلاس جي سنڌي ۾ ڀئين پور نائين ڪلاس جي انگريزي ۾ هالا حويلي لکيل آهي مون ٻنهي جڳهن تي نشان به ڏٺا هاڻي نه آهن هڪ ئي ڪلاس جي ڪتابن ۾ ٻه جايون .هڪ دوست ته چيو شاھ لطيف سوئي ڪنڌر لڳ شھدادپور ۾ ڄائو .اهو تحقيق طلب آهي .خليل کوسو هڪ سگهڙ به آهي هن جيڪو ڪم ڪيو هو اهو سٺو آهي جيڪڏهن ڪنهن ڳالھ تي اعتراض آهي ته ويهي گڏ ان کي حل ڪجي جڏهن اسان بهترين خيال هڪ ٻئي کان شيئر ڪنداسين ته نتيجو بهترين نڪري پوندو . خليل کوسو محنت ڪري پيو جيڪو تحقيق ڪري مواد گڏ ڪري ٿو ڇپائي ٿو اسان کي ڪنهن ڳالھ تي اعتراض آهي ته ان کان کين آگاه ڪريون درست ڪرايون اسان قلمڪارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ايندڙ نسل جون اسان ۾ اميدون آهن خليل کوسو ٽنڊوالهيار جو نه پر پوري سنڌ جو سرمايو آهي
خادم گهراڻو
 
Back
Top