شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني خادم گھراڻو

    اسان جي سنڌ هر دور ۾ عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زنده آهن انهن مان نصرپور جي شهر ۾ هڪ غريب خاندان ۾ جنم وٺندڙ مولانا عبدالحق رباني به هڪ آهي مولانا عبدالحق رباني جو جنم نصرپور شهر ۾ 1910ع ۾ محمد رمضان جي گھر ۾ ٿيو سندن والد ڪورڪو ڪم ڪندوهو . مولانا عبدالحق رباني جو اصل نالو محمد وريل هو پر استادن منهن تي حق ۽ سچ چوڻ جي ڪري کين عبدالحق سڏيو ۽ ان ئي نالي سان مشهور ٿي ويا. مولانا عبدالحق رباني اڃا ننڍو هو سندن والد وفات ڪري ويو پوءِ کيس سندن چاچن حاجي محمد دائود ، محمد اسماعيل ، محمد ڪامل نپايو . محمد ڪامل سنڌي مولود ۾ مشهور هو. مولانا عبدالحق رباني کي ننڍپڻ ۾ ئي الله وارن جي سرپرستي حاصل ٿي. پاڻ شروعاتي تعليم حافظ قاضي خدا بخش جي مدرسي مان ورتي جتي پاڻ قرآن شريف ۽ سنڌي ٻئي درجي جي تعليم حاصل ڪئي. ان بعد مولانا تاج محمد قاضي جي مدرسي ۾ ويٺا جتان عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. 1921ع ۾ کين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ديوبند موڪليو جتي پاڻ حضرت مولانا محمد ابراهيم ،حضرت مولانا حسين احمد مدني ، حضرت مولانا شبير احمد، حضرت مولانا اعزاز علي کان تفسير ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪئي. مولانا عبدالحق رباني وڌيڪ حديث ۽ تفسير جي تعليم مولانا عبيدالله سنڌي کان حاصل ڪئي. 1932ع ۾ پاڻ نصرپور ۾ قاضي مقبول جي مسجد ۾ مدرسو مظهر الحق قائم ڪيو جنهن جو مدرس سندن آخري دم تائين ساٿي رهندڙ حڪيم قاضي احمد متعلوي هو. هن مدرسي مان مڪران بهاول پور ۽ ٻاهر جا شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. حيدرآباد ۾ چار حجري واري مسجد ۾ مدرسو کوليو. مولانا عبدالحق رباني 1951ع ۾ ميرپور خاص ۾ هڪ تعليمي ادارو دارالعلوم قاسميه قائم ڪيو حڪيم محمد صالح سندن معاون هو. هن مدرسي مان مولوي عبدالقيوم درس، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، مولوي سيف الله، ڊاڪٽر سائين ڏنو، قاري خير محمد، محمد جمن شاهه بخاري ۽ نور محمد عمراڻي تعليم حاصل ڪئي .1971ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي خانگي ادارا سرڪار جي تحويل ۾ ورتا ان وقت هي مدرسو به سرڪاري تحويل ۾ آيو هن وقت هاءِ اسڪول آهي . جڏهن جمعيت العلماءِ هند جي نصرپور ۾ 1937ع ۾ شاخ کلي ته مولانا عبدالحق رباني ان جو پهريون صدر ٿيو 1933ع ۾ نصرپور مان ماهوار مبلغ رسالو جاري ڪيائون 1946ع ۾ هفتيوار العدل به جاري ڪيائون ان کان سواءِ الفاروق ۽ موحد اخبارون به جاري ڪيائون .1945ع ۾ ليجسليٽو اسيمبلي جي اليڪشن جو اعلان ٿيو پاڻ 21 ڊسمبر 1945ع نامينيشن فارم ڀرايو 12 جنوري 1946ع تي پولنگ ٿي 29 جنوري 1946ع تي نتيجو آيو جنهن ۾ مير بنده علي ڪامياب ٿيو . 1954ع ۾ سنڌ عوامي محاذ ۾ شامل ٿيا 1968ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا 1970ع ۾ پ پ پ حڪومت ۾ پاڻ گرفتار ٿيا هئا .1943ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کان پوءِ کين جمعيت العلماءِ سنڌ جو ناظم اعلى منتخب ڪيو ويو. مولانا صاحب جڏهن به ڪراچي ويندو هو ته ڪراچي جي کڏي واري مدرسي مظهر العلوم ۾ ترسندو هو . مولانا عبدالحق رباني 1954ع ڌاري اداره اشاعت التوحيد قائم ڪيو جتان پاڻ مختلف ڪتاب ڇپرايائون . نظام حڪومت اسلامي ( مولانا ابو الڪلام آزاد ) پيغام ولادت ( مولانا ابو الڪلام آزاد )۽ دنيا کي اسلام کان ڪيئن روڪيو ويو ( مولانا عبدالحق رباني ) وغيره . مولانا عبدالحق رباني 1944ع ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ جمعيت العلماءِ هند جو جلسو ڪرايو هو جنهن ۾ وڏا وڏا عالم شريڪ ٿيا هئا .مولانا عبدالحق رباني ون يونٽ جي تحريڪ ۾زبردست حصو ورتو . مولانا عبدالحق رباني جو قاديانين سان ٿيل مناظرو مشهور آهي. جيڪو ڪتاب بريلوي ڇو نه بنيس ليکڪ حافظ غلام محمد ميمڻ متعلوي صفحي 72 تي لکيل آهي .مٽياري جي آخوند محمد صالح پنهنجا ٻه پٽ بمبئي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليا جيڪي قادياني اثر هيٺ اچي قادياني بنجي ويا انهن شهر ۾ تبليغ شروع ڪئي ماڻهن ۽ عالمن سخت مخالفت ڪئي آخر حق ۽ ناحق ثابت ڪرڻ لاءِ مناظرو ڪيو ويو. هنن پنهنجا عالم گھرايا هتان نصرپور جو عالم مولانا عبدالحق رباني گھرايو ويو جامع مسجد ۾ مناظرو ٿيو مناظري هلندي قادياني عالم دليل ڏيندو معتبر ڪتابن جا حوالا ڏيندو انهن جون معنائون ڪڍندو ويو. هڪ جاءِ تي پهچي هڪ ڪتاب ڪڍي نظر ان تي رکي پر عبارت پنهنجي مرضي جي پڙهڻ لڳو. مولانا صاحب کانئس ڪتاب وٺي اصل عبارت پڙهي ۽ مجلس صدر کي ڏيکاريو ته ڪتاب ۾ اها عبارت آهي ڪونه. اتي ماڻهو مڇرجي پيا قاديانين مٿان ٽٽي پيا ان بعد قاديانين جو سماجي بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ ٻئي ڊاڪٽر شهر ڇڏي هليا ويا. بحر حال ان بعد اڄ ڏينهن تائين مٽيارين ۾ ڪوبه قادياني پيدا نه ٿيو آهي. مولانا عبدالحق رباني مولوي احمد چارڻ ٺارو شاهه ، مولانا حبيب الله ، مولانا قاري عزيز احمد ٺيڙهي وارو، مولانا محمد يوسف ڪوٽاڄ ڏينهن تائين مٽيارين ۾ ڪوبه قادياني پيدا نه ٿيو آهي. مولانا عبدالحق رباني مولوي احمد چارڻ ٺارو شاهه ، مولانا حبيب الله ، مولانا قاري عزيز احمد ٺيڙهي وارو، مولانا محمد يوسف ڪوٽڙي وارو، قاري محمد صاحب ميهڙ واري سان رهاڻيون ڪندا هئا . مولانا عبدالحق رباني جنهن کي هڪ ڏينهن اوچتو فالج جو حملو ٿيو کين ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي پاڻ 13 ربيع الاول 1404هجري بمطابق 19 ڊسمبر 1983ع ۾ سومر جي ڏينهن وفات ڪيائون. کين نصرپور جي اتر طرف جيئي شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو مولانا عبدالحق رباني وڏو عالم هو پر اسان جي موجوده دور جي نوجوانن کي ان بابت مڪمل ڄاڻ نه آهي محترم ثناءُ الله سومرو مولانا عبدالحق رباني بابت ٻه ڪتاب مولانا عبدالحق رباني شخصيت ۽ جدوجھد سال 2002 ع ۽ اسلام جي حقيقي تعليم ۽ اسان جو مذهبي طبقو سال 2006ع ۾سهيڙيا آهن انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن مولانا صاحب بابت مضمون لکيا آهن انهن مضمون مان محترم ثناءُ الله سومرو جي ٿورن سان ڪجھه حصا ڏجن ٿا ته اسان جي اديبن مولانا عبدالحق رباني بابت ڇا چيو آهي. نياز همايوني جن لکن ٿا ته سنڌ جو امام حضرت مولانا عبدالحق رباني پڻ اما م الهند حضرت مولانا ابو الڪلام آزاد جيان چانهه جو شائق هو مولانا صاحب تقرير ۽ تحرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، موقعي تي ماڻهن کي بيداري جا سبق ڏيندو هو . مولانا غلام مصطفى دادوي جن لکن ٿا مولانا صاحب قرآن شريف جي پندرهن سيپارن جو تفسير به لکيو هو. مولانا جي گفتگو مان اها ڳالهه ظاهر هوندي هئي ته سچ ڳالهايو ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهايو. وڏن ماڻهن ۽ سماج جي رهبرن ليڊرن وزيرن کي سچ چئو ۽ قرآن شريف صحيح نموني سمجھو . ڄام ساقي جن لکيو ته مولانا عبدالحق رباني مظلومن سان محبت ڪرڻ وارو هو کين مولانا عبيدالله سنڌي جي وارثن مان چئي سگھجي ٿو . ايڊووڪيٽ محمود ڏاهر جن لکن ٿا ون يونٽ تحريڪ ۾ مولانا صاحب اسان جي سرپرستي ڪئي مولانا صاحب جن اسان کان جيل ۾ مليا ۽ چيائون ته اوهان جون قربانيون رنگ لائينديون ون يونٽ ٽٽندو مولانا عبدالحق رباني منهنجو سياسي مرشد هو سياسي مسئلي بابت پهريائين کانئن رهنمائي وٺندو هوس .مولانا صاحب تمام وڏا بهادر بي باڪ سياستدان عالم هئا سندن سياسي ڪارناما علمي ۽ فڪري جاکوڙ جدوجھد سنڌ جي تاريخ جو عظيم سرمايو آهي جن جي ڄاڻ هر سنڌ جي سڄاڻ ماڻهو کي حاصل ڪرڻ گھرجي .يوسف شاهين پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته مولانا عبدالحق رباني منهن تي سچ چئي ڏيڻ وارو هو سنڌي اڻ موٽ قوم جو اڻ موٽ فرزند هو. اڄ پاڻ اسان ۾ نه آهن پر هن جي دليري سچائي ورثي طور اسان وٽ موجود آهي .ربڏنو باريجو پنهنجي يادگيرين ۾ لکن ٿا ڪنهن دعوت ۾ وڃڻ ٿيو اتي رلي وڇايل هئي پاڻ رلي کي ڏسي روئي پيا رلي کڻائي تڏي تي ويٺا ۽ فرمايائون ته ماڻهن اسان جي لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو آهي پر اسان ڪنهن جي لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھياسين. يوسف شاڪر ابڙو جن لکن ٿا ته مولانا تاج محمد قاضي جي مدرسي ۾ محمد وريل هڪ شاگرد پڙهندو هو پنهنجي حق گوئي حق پسندي ٻين اڳيان ڪنڌ نه جھڪائڻ سبب استادن طرفان عبدالحق سڏيو ويو. پاڻ مولوي حاجي احمد ملاح جي بدين واري مدرسي ۾ ٽي سال ۽ ديوبند واري مدرسي ۾ به ٽي سال پڙهيا . مولوي محمد چنڊ جن لکيو آهي ته مولانا عبدالحق رباني صاحب جن کي وڏي ڄاڻ ۽ وڏو حافظو هو. مولوي صاحب جو ورتاءُ سخت هوندو هو پر ان ۾ محبت ۽ پيار سمايل هوندو هو. مولانا عبدالحق رباني جي جنازي نماز مون پڙهائي هئي. عبدالقادر ميمڻ ( تڏهوڪو ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ) لکن ٿا ته مولانا صاحب کي سنڌ جي عوام محبت ۽ عقيدت سان شيخ السنڌ جو لقب ڏنو. مولانا صاحب جي طبيعت ۾ ڪمال جي سادگي هوندي هئي ۽ مولانا صاحب جھموريت جا قائل هئا .پروفيسر ڊاڪٽر غلام قادر قاضي چيئرمين اسرا يونيورسٽي حيدرآباد جن لکيو ته مولانا صاحب هڪ جامع شخصيت هو پنهنجي پريس مان هميشه قلمي جھاد جاري رکيائين . ڪامريڊ روچي رام لکي ٿو ته مولانا صاحب هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ ۽ کين حق وٺي ڏيڻ لاءِ جدوجھد کي پنهنجو فرض سمجھندو هو. مولانا صاحب نه رڳو حق پرست عالم هو پر ساڳئي وقت بي باڪ سياسي سماجي رهنما پڻ هو. جنهن پنهنجي سموري زندگي حق ۽ سچ جو علم بلند رکيو .ايڊووڪيٽ عاشق حسين لغاري جن لکن ٿا مولانا صاحب سنڌي ماڻهن سان حقيقي محبت ڪندا هئا جنهن ڪري انهن کيس شيخ السنڌ جي لقب سان نوازيو. مولانا صاحب پنهنجي وقت جو وڏو عالم قرآن شريف ۽ حديث جو ڄاڻو هو ۽ وڏو مدبر سياستدان هو جنهن تي سنڌ کي ناز آهي .خليل الرحمان لغاري جن لکيو آهي ته مولانا صاحب دور انديش سياستدان هئا جو وقت ۽ حالتن جي نزاڪتن کي محسوس ڪندي مستقبل تي مرتب ٿيندڙ اثرات کي پرکي وٺندا هئا . معراج محمد خان لکي ٿو ته مولانا صاحب وڏو عالم عوام دوست هو مدبر ۽ بهادر هو مولانا صاحب مان آزادي جي خوشبوءِ ايندي هئي . ايڊووڪيٽ يوسف لغاري جن لکن ايڊووڪيٽ يوسف لغاري جن لکن ٿا ته مولانا صاحب دل جو سخي مرد هو سندس روشن خيالي سندس علم ۽ لياقت جي ڪري کيس شيخ السنڌ جو لقب ڏنو ويو .مولانا عزيز الله ٻوهيو لکيو ته مولانا عبدالحق رباني صاحب سنڌ جي تاريخ جي اهم شخصيت هو . مولوي محمد يامين شورو جي لکڻ موجب مولانا صاحب جھالت جي خاتمي لاءِ تعليم ۽ جهاد کي پنهنجو نصب العين بنايو هو مولانا عبدالحق رباني تقرير ۾ سادي ۽ سليس ٻولي استعمال ڪندو هو . خليل الرحمان دائودپوٽو جن لکيو آهي ته مولانا عبدالحق رباني صاحب سدائين خلق خدا کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آجو ڪري آزاديءَ جي روشن راهن جا گس ۽ گھيڙ ڏسيا. عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جي قيام لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو . پروفيسر برڪت علي ڪريمي موجب مولانا عبدالحق رباني صاحب جون تقريرون ۽ خطبا سنڌ جي تاريخ جو اڻ مٽ باب آهن . مولانا عبدالحق رباني سنڌ جي اها شخصيت هو جنهن کي شيخ السنڌ جو لقب مليو مون کان جيڪا ڪوشس ٿي سگھي اها مون ڪئي آهي جيئن سنڌ وارن کي سنڌ جي هن عظيم انسان جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻ ڏيئي سگھون مولانا صاحب تي وڌيڪ معلومات اسان کي محترم ثناءُ الله سومرو جي سهيڙيل ڪتابن مولانا عبدالحق رباني شخصيت ۽ جدوجهد ۽ ٻئي ڪتاب اسلام جي حقيقي تعليم ۽ اسان جو مذهبي طبقو مان ملي سگھي ٿي اسان کي اهي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ گھرجن اسان کي اهي ڪتاب ساگر پبلشنگ هائوس گلشن اقبال ڪراچي وٽان ملي سگھن ٿا .هيءُ جيڪو مون مواد گڏ ڪيو آهي مثي ذڪر ڪيل ڪتابن تان کڻي ترتيب ڏنو آهي جنهن جي لاءِ انهن جو آئون شڪريو ادا ڪريان ٿو . اسان جي ڪوشش آهي ته اسان نصرپور شهر جي انهن عظيم ماڻهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيون جيڪي اسان جي سنڌ ديس جو سرمايوهئا هڪ دفعو آئون انهن سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن جي ڪتابن جي مدد سان مون هيءُ مواد تيار ڪيو آهي . اسان جي شهيد صحافت ساٿي شهيد امان الله دائودپوٽو کي اوچتو ڪنهن ايڊيشن بابت خيال ايندو هو ته مون کي چوندو هو ته اهو ايڊيشن ڪڍون . شهادت کان ڪجھه ڏينهن پهرين مون کي چيائين ته شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني کي توهان ڏٺو هو. مون هن کي چيو ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي پاڙي مان مولانا صاحب لنگھندو هو اسان راند روند ۾ هوندا هئاسين ته ساٿي اچي چوندا هئا ته مولانا صاحب اچي پيو پوءِ اسان لڪي ويندا هئاسين .جڏهن اسان مولانا صاحب کي ڏٺو هو ته ان وقت اسان مئٽرڪ ۾ پڙهندا هئاسين . سائين جن مون کي چيو ته ٻي ڪا ڄاڻ مون چيو ته نه آهي پاڻ چيائون ته توهان کي ڄاڻ نه آهي ته توهان جي هم عمر ماڻهن کي ڇا هوندي تنهن ڪري مولانا صاحب اسان جي سنڌ جو سرمايو هو هن بابت معلومات گڏ ڪجي جيئن اسان جو موجوده نسل ان بابت ڄاڻي سگھي ته سنڌ جي هن عظيم شخصيت جو ڪيڏو مان مرتبو هو . پاڻ کي هن بابت ڪوشش ڪرڻي پوندي مون چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا . آئون پنهنجي کوجنا کي لڳي ويس مون روزاني عبرت 19 ڊسمبر 1991ع جي عبرت جو ڪالم اڄوڪو ڏينهن ليکڪ بدر پاٽولي ، سوجھرو پبليڪيشن 1985ع نصرپور جا اولياءَ ولي، بزرگ اديب ليکڪ يوسف شاڪر ابڙو ،بريلوي ڇو نه بڻيس، ليکڪ حافظ غلام محمد ميمڻ متعلوي ، اسلام جي حقيقي تعليم ۽ اسان جو مذهبي طبقو سهيڙيندڙ ثناءُ الله سومرو ،شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني شخصيت ۽ جدوجھد سهيڙيندڙ ثناءُ الله سومرو مان مواد گڏ ڪرڻ لڳس انهن جي ٿورن سان ئي هي مضمون ڪجھه تيار ڪيم جنهن مان به اسان جي سنڌ وارن کي ڪافي ڄاڻ ملي سگھندي. شهادت کان ڪجھه ڪلاڪ پهرين آئون سائين جن وٽ ويو هوس مون کي چيائون مواد مليو يا نه مون کين چيو ته ڪجھه مواد مليو آهي ان کي ترتيب ڏيڻو آهي پر جڏهن سندس شهادت جي خبر پيئي ته ڪم رڪجي ويو پر سندن هڪ سپنو هو جنهن کي پورو ڪرڻو هو. مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن جي شڪرئي سان هيءُ مضمون لکي رهيو آهيان .( روزاني عبرت حيدرآباد مان ورتل )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو