• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوشت جا شوقين هيڏانهن اچن

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
چٽ پٽو گوشت۔
اجزاءٌ
گوشت اڌ ڪلو
ثابت الاچي ٻه عدد
ثابت لونگ چار عدد
ثابت ڪارا مرچ اٺ عدد
ثابت دالچني ننڊي ٻه عدد
هلدي اڌ چمچ
سفيد زيرو حسب ذائقا
ڏهي هڪ پاءٌ
لوڻ ۽ گاڙها مرچ حسب ذائقا
گيهه حسب ضرورت

طريقو؛
سڀ کان پهرين گيهه ۾ مٿي ڏنل سڀ ثابت شيون وجهو ۽ اڌ چمچ هلدي وجهي
گوشت وجهو ۽ پچايو
10 منٽن کان پو۽ ڏهي وجهي پچايو جڏهن رس گهاٽي ٿئي ته سفيد زيرو ۽ ڪارا مرچ گڏ پيسي هڪ چمچ وجهو ۽ چمچ هلايو 5 منٽ کان پو۽ دم ڏئي لاهيو چت پٽو گوشت تيار آهي
 
جواب: گوشت جا شوقين هيڏانهن اچن

هڪ عاشق ٻيو وري سولنگي ته بس پو گوشت ڪيئن نه پچائيندو ۽ کائيندو ۔۔۔ باقي ادو عاشق پاڻ به پچائي ڄاڻي يا وري اسانکي تجربا ڪرائڻ لا نسخا موڪلي رهيو آهي، اڄ ته سنڌ سلامت تان اصل گوشت، سبزين ۽ پڪوڙن جي تر جي خوشبو ٿي اچي ۔۔۔ آ ته سنڌ سلامت تان ڀيرو ڪري وري وڃي بورچيخاني جو چڪر ٿو هڻان ۔۔۔۔

ٿورا ناهن ٿوار مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔۔ يار عاشق جي پچائي ڄاڻين ته ٻيلي دوستن کي دعوت نه ڏجان نه ته اسانجا لڪل دوست ڪافي آهن جي صرف دعوت جي انتظار ۾ هوندا آهن ۔۔۔!!!
 
جواب: گوشت جا شوقين هيڏانهن اچن

بهترين آهي بنائي مون کي موڪلي ڏيو.
 
سائين سچ ٿا چئو۔۔۔ ادو عاشق الائي جي پاڻ به رڌ پچاءُ‌به ڪري ٿو الائي جي نه يا وري تجربا اسان کان ڪرائڻ ٿو چاهي۔۔۔
يار عاشق! الله خير ڪري پاڻ شادي کان پهرين رڌڻي جو پاڻ چڪر هڻندا هئاسين، ڪڏهن چانهه، ڪڏهن پڪوڙا، پٽاٽا يا بيدو۔۔۔ بس ان کان وڌيڪ پاڻ کي ٻيو ڪجهه نه ايندو آهي، هاڻ ته پاڻ واري مستياڻي جي هٿ جي ذائقي واري کاڌن تي هري پيا آهيون، پيٽو ٿي پيا آهيون، هاٺيءَ ۾‌فرق جيڪو پيو آهي اهو ته منهنجي دوستن ۽ گهروارن کي خبر آهي۔۔۔ ڀلا الله خير ڪري ڪڏهن مستياڻي ڳوٺ وئي ته پوئتي سنڌ سلامت جي هن سيڪشن ۾ ادا عاشق سولنگيءَ جي ونڊ‌ ڪيل هنن موضوعن مان فائدو وٺنداسين۔۔
نه ته جيڪي دوست پرديس ۾‌ڇڙا رهيا پيا هوندا آهن، انهن لاءِ‌ته لازمي طور تي فائدي واري شئي آهي۔۔
 
ادا مست سچ پڇين ته مان ڪڏهن بيدو به پنهنجي هٿن سان ڪون تيار ڪيو آهي۔
پاڻ کي اڃان پنهنجي محبوبه ڪان ملي آهي۔ :((
امڙجيجل جي هٿن جي تيار ٿيل کاڌي جو مزو ئي پنهنجو هوندو آهي۔
سو ادا اُهوبه اسان چنڊن کي 6 ڪي 12 مهيني نصيب ٿيندو آهي۔
باقي پٺاڻن جي هٿ جو کاڌو پاڻ روز کائيندا آهيون۔
هاڻي پنهنجي ڪوشش آهي ته پنهنجي گهوٽي پيئون ڇوته وڏا موالي چوندا آهن پنهنجي گهوٽيل ۾ نشا گهڻا هوندا آهن۔
هي ونڊ هر ڪنهن جي ڪم جي آهي۔
 
جواب: گوشت جا شوقين هيڏانهن اچن

واه عاشق مجبور واه

تمام سٺو ڏس ڏنو آهي توهان سنگت کي

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو
سدائين گڏ
 
Back
Top