غزل عامر گڏاڻي ڀاڪرن تي بندشون پئجي ويون هيل تنهنجي ڳوٺڙي ۾ ڪيئن اچون. چئو طرف راڪاس گهوري ٿو پيو شهر جون خالي گهٽيون ڇرڪن پيون. سوچ تي پهرا لڳائي ٿا ڇڏيو. آجپي جي ڳالھ ڪنهن سان ڪيئن ڪيون هن جي ڳولا ۾ شهر آهي سڄو، تنهنجي وارن ۾ رکيون جنهن آڱريون. ڪاش تنهنجي گهر مان ڪي ڳڀرو کڄن ڪاش تن کي ڀي ملن ڪي اذيتون. هن جي لاشي تي لکيل ڏس سنڌ آ پنهنجي در تي ڏس لکيل لک لعنتون. نازبوء جي گل جهڙي آن سکي پوپٽن جان پئي ڏنم توکي چميون. شخص هڪڙو تون نه هئين سنسار ۾ کوڙ ڀيرا هن ڪيون هون محبتون. آ جڳن کان ريت اها ئي رهي. عاشقئ جي جهول ۾ بس تهمتون. .