شاعري

عامر گڏاڻي

سينيئر رڪن
غزل
عامر گڏاڻي

ڀاڪرن تي بندشون پئجي ويون
هيل تنهنجي ڳوٺڙي ۾ ڪيئن اچون.

چئو طرف راڪاس گهوري ٿو پيو
شهر جون خالي گهٽيون ڇرڪن پيون.

سوچ تي پهرا لڳائي ٿا ڇڏيو.
آجپي جي ڳالھ ڪنهن سان ڪيئن ڪيون

هن جي ڳولا ۾ شهر آهي سڄو،
تنهنجي وارن ۾ رکيون جنهن آڱريون.

ڪاش تنهنجي گهر مان ڪي ڳڀرو کڄن
ڪاش تن کي ڀي ملن ڪي اذيتون.

هن جي لاشي تي لکيل ڏس سنڌ آ
پنهنجي در تي ڏس لکيل لک لعنتون.

نازبوء جي گل جهڙي آن سکي
پوپٽن جان پئي ڏنم توکي چميون.

شخص هڪڙو تون نه هئين سنسار ۾
کوڙ ڀيرا هن ڪيون هون محبتون.

آ جڳن کان ريت اها ئي رهي.
عاشقئ جي جهول ۾ بس تهمتون.

.
 
Back
Top