ھڪڙو ھيو ۔ فقير محمد لاشاري ! ۽ ٻيو ھي آھي فقير محمد سنڌي !! يار محمد چانڊيو ٻنھي جي سڃاڻپ صحافتي دنيا آھي ۔ بس ٿورو فرق آھي ۔ هڪ ماضي آھي ته ٻيو حال !! ڪم ته ٻنھي جا ساڳيا ئي آھن ۔جھڙي طرح فقير محمد لاشاري جديد صحافت جو بنياد وجهي ھر پل سنڌ جي سيوا ڪئي ۔ تھڙي طرح فقير محمد سنڌي جو قلم به ڌرتي ڌڻين جي آواز کي ايوانن ۾ ، ديو جي ننڊ ستل بي ضميرن کي جنجهوڙي ٿو ۔ پر هو گهري ننڊ ستل آھن ۔ ھنن قوم جي آوازن کان ڪن لاٽار شروع ڪئي آھي !! فقير محمد سرت ۽ ساڃاھ جي مورچي تي بيٺل اھو سالار آھي ۔ جيڪو درد وندي قوم جي ھر فرد جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ٿو۔ ھو مضمون نگار به آھي ۔ شاعر به ۔ سماج جي تبديلي جو خواب کڻي ھو مسلسل سچ لکي ٿو ۔ اھو سچ ۔ جتي سنڌ مايوسين جي ڌٻڻ ۾ گهيريل اھي ۔ جتي ڌرتي ڌڻي ڏکيو جيون گهارن ٿا ۽ ڌرتي ڌڪاڻن جا ٺٺ آھن ۔ ھٿ ٺوڪي ۽ انڌير نگري جي ان انتھا کي سڄي دنيا ڏسي ٿي ۔ ڪير ڪڇي ۔ سڀني جا چپ سبيل آھن ۔معدني وسيلن سان خوشحال ڌرتي جا مارو بيمار ۽ ڪمزور آھن !... فقير محمد اھڙين سماجي ابترين خلاف لکي مزاحمت ڪرڻ سبب پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاھي آھي ۔ ڪھاڻي رنگ ۾ پيش ڪيل سندس ڪھاڻي ” آخري ٽٻي “ به ان ئي شعور جي ساکي آھي ۔ جنھن سان بھترين ڪردارن جي دريافت ۽ چونڊ ڪري سگهجي ٿي ۔ ” آخري ٽٻي ” ڪھاڻي آھي۔ان ڳوٺ / شھر جي ۔جتي ھڪ ماڻھو پنھنجي مثبت ڪردار سان پيار جي لائق سمجهيو وڃي ٿو ۔ پاڙيسري ۔ پاڙيسري سان ڏکي وقت ۾ ساٿ نه نڀائي ته انسانيت ڇاجي ؟ ڀائپي ئي ھن ڪائنات جو عظيم تحفو آھي۔ فقير محمد جي ڪھاڻي جو مک ڪردار ماروئڙن سان پيار ڪندڙ ۽ ڏکي وقت ۾ ڪم ايندڙ آھي ۔انھن سان گڏ جيئي ۽ گڏ مري ٿو ۔ اھڙن ڪردارن جي چونڊ ھن سماج جي بھتري طرف وکون کڻڻ برابر آھي !! اسان جا ڪجھ دوست فقير محمد جي ھن ڪھاڻي تي فني ۽ فڪري حوالي سان خوب ڳالھائيندا ۔ برابر ھن ڪھاڻي ۾ ڪجھ جهول به آھن ۔ جيئن قبرستان ۾ قبر جي کوٽڻ سان خوشبوء جي اچڻ وارو واقعو اڻپورو ڇڏيو ويو آھي ۔ پر سوال اھو به لازمي آھي ته اسان ھڪ ڪالم نگار ساٿي کي ڪھاڻي جي دنيا ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪھڙو ٿا ڪيون ؟ ڪھاڻي آھي ڇا ۽ ڪھڙي سماجي ڪارج کان لکي وڃي ٿي ؟؟ انھن سڀني سوالن جا جواب اسان جي انھن سينيئر ساٿين وٽ به ناھن ھوندا ۔ جيڪي پاڻ کي ڪھاڻي جا ابا سڏائين ٿا!! فقير محمد وٽ ڪھاڻي جي ڪردارن کي ٺاھڻ ۽ سنوارڻ جو سٺو ڏانء آھي ۔ هن ” نيرولي “ ۔ ” نياڻي جي پوتي “ مھان سوچ“ عنوانن ھيٺ تمام ٿوريون ڪھاڻيون لکيون آھن۔ پر جيڪي لکيون آھن، انھن جو ڪارج سماج کي ابتري حالتن کان ٻاھر وٺي اچڻ وارو آھي ۔ ڪجھ فني ويسارين جي باوجود ھئ ڪھاڻي ” آخري ٽٻي “ به بھترين اسلوب واري ڪھاڻي آھي! اھو سچ آھي ته ٻين لاء جيئندڙ ڪردارن کي متعارف ڪرائڻ واري اجتمائي خوبي به ڪنھن ۔ ڪنھن ليکڪ وٽ ھوندي آھي ۔ ايئن ۔ جيئن آمريڪي ليکڪن ايڊٿ وارٽن ۔ او۔ ھينري يا ارنيسٽ ھيمنگوي جي لکڻين جا نرالا ڪردار عوام جي دلين جي ترجماني ڪري اجتماعيت ۾ رھڻ ۽ جيئڻ کي اتساھن ٿا!!!