حڪيم محمد يوسف کتري
سينيئر رڪن
منهنجو نالو حڪيم محمد يوسف ولد محمد صالح کتري آهي آئون ماتلي ۾ 1959 ۾ پيدا ٿيس .ابتدائي تعليم ماتلي ۾ئي حاصل ڪيم ،انهيءَ کان پوءَ ماتلي مان لڏي ٽنڊو محمد خان جا وڻ ڏٺم ، ميٽرڪ جو امتحان 1975 ۾ ٽنڊو محمد خان هاءِ اسڪول مان پاس ڪيم ، انهيءَ سان گڏ طب سان لڳاؤ ڪري فاضل طب و جراحت جو امتحان پاس ڪيم.انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪيم سنڌي ادب سان لڳاؤ ڪري ،ڪافي تحقيقي مضمون لکيم جيڪي نئين زندگي .لطيف ڊائجيسٽ ڪينجھر ۽ سوجھرو ۾ شايع ٿيا ، انهيءَ کان علاوه هڪ سنڌي اخبار بنام ڏات جاري ڪيم جنهن ڪافي ادبي نمبر شايع ڪيا پر بدقسمتيءَ سان ان اخبار تي ٽندو آدم ۾ ڪيس داخل ٿيو جيڪو اڃان تائين ڀوڳي رهيو آهيان .
روزگار جي معاملي ۾ طب تي دارو مداراٿم انهيءَ ڪري هڪ رسالو بنام ”ماهوار صحت سرير جي “جاري ڪيم جيڪو اڃان تائين جاري آهي .انهيءَ کان سواءَ هڪ ذاتي ويب سائٽ بنام www.hakimmohdyousif.com جواجرا ڪيو اٿم . جنهن ۾ ٽي پراجيڪٽ ڪم ڪري رهيا آهن هڪ طب جي دنياٻيوعوام دوست اخبار۽ ٽيون ٽنڊو محمد خان تاريخ جي آئيني ۾ .انهيءَ کان سواءِ هڪ اشاعتي ادارو بنام لطيفي طبي اڪيڊمي جي ڪم ڪري رهيو آهي .هن اداري طرفان ويهارو کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾ طب کان علاوه شاعري جا ڪتاب به شامل آهن .ذاتي طور ويهارو کن ڪتابن جو مصنف آهيان لکڻ پڙهڻ جو شوق ٻال جتي کان آهي. هن وقت به جيڪڏهن ٻه ڪلاڪ نه پڙهان ته ننڊ نه ايندي آهي.اهوئي سبب آهي ته ڪتابن گڏ ڪرڻ جي شوق ڪري هڪ وڏي ذاتي لائيبريري پڻ آهي جيڪا لطيفي ويلفيئر سوسائٽي جي حوالي ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن ۾انشاء الله هڪ هزار فوٽ کان مٿي پلاٽ ۽ بلڊنگ سوسائٽي جي حوالي ڪئي ويندي. منهنجو دوستن کي اهو نياپو اهي ته هو وڌ کان وڌ سنڌي ادب جي خدمت ڪن جيڪو نه صرف پڙهڻ لکڻ ۽ شايع ڪرڻ تائين محدود هجي پر سڄي دنيا ۾ رو شناس ڪرائڻ لاءِويب سائٽن تي به پنهنجا جوهر ڏيکاريندا رهن.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت