السلام عليڪم دوستو! يوٽيوب هونئن ته دنيا جي پهرين وڊيو شيئرنگ ويب سائيٽ آهي، ان جي مقابلي ۾ ڪيتريون ئي نيون ويب سائيٽون نڪري پيونآهن۔ جنهن جي ڪري مقابلو سخت ٿي پيو آهي ۔۔ هاڻي ظاهر آهي يوٽيوب کي پنهنجو نالو بچائڻو آهي ته کيس نوان فيچر متعارف ڪرائڻا پوندا۔۔۔ يوٽيوب جي نئين فيچر جي مطابق اوهان جيڪڏهن هڪ وڊيو ڏسي رهيا آهيو ۽ انهيءَجڳهه تي وري ٻي وڊيو سرچ ڪندو ته سرچ جي نتيجي ۾ پيج جا ٻه فريم ٺهي ويندا۔۔ هيٺئين فريم ۾ اهو ساڳيو پيج جنهن تي اوهين موجود هئا يا سولي سنڌي ۾ ته جيڪا وڊيو اوهان ڏسي رهيا هئا اها جاري رهندي۔۔ ۔جڏهن ته پيج جي مٿئين حصي يا مٿئين فريم ۾ اوهان جيڪا سرچ ڪئي آهي ان جي رزلٽ ملندي۔۔۔ جيڪڏهن اڃان سمجهه ۾ نه آيو هجي ته هيٺين تصوير ڏسو۔۔