تعليم باوجود اخلاقي قدرن جي اڻوهوند

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تعليم باوجود اخلاقي قدرن جي اڻوهوند

    صراط بلوچ

    سائين اسان جي ملڪي نظام ۾ اعليٰ کان اعليٰ درسگاه يونيورسٽي هوندي آهي. يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد جنهن کي مثال هجن گهرجي ماڻهپي جو، جنهن کي سراپا انسانيت هجڻ گهرجي تنهن طرفان جهالت ڀريون حرڪتون عجيب ته لڳن ٿيون حيرت ٿئي ٿي. سينئرس جن کي اداري ۾ ايندڙ نئين دوستن جو اڌار ڀاءُ ڪرڻ گهرجي جن کي جونيئر دوستن کي اپنائيت جو احساس ڏيارڻ گهرجي. انهن ئي طرفان حيران ڪندڙ حرڪتون، ماڻهپي کان پري، انسانيت جي درجي کان ڪريل عمل ريگنگ جي نالي تي ڪنهن جي دل تي ڪنهن جي روح تي زخم هڻڻ هي علم پرائيندڙ تعليم جي روشن نگري جي رهندڙن طرفان سمجهه کان ٻاهر آهي. هي ڪهڙي قسم جي انسانيت آهي ته جونئيرن کي ريگنگ جي نالي تي اهيو چيو وڃي ته تون پنهنجي ڪلاس جي خوبصورت ترين ڇوڪري کي گل ڏئي پرپوز ڪر. تون ڪلاس اندر پنهنجي شرٽ لاهي بورڊ کي ان سان صاف ڪر. سائين بس منهنجو قلم ان کان اڳتي ڪجهه به لکڻ کان قاصر آهي هي جيڪي مون ٻه ڳالهيون لکيون آهن سي تمام ننڍڙيون آهن. ريگنگ جي بي اخلاق عملن مان شروعاتي آهن ان کان اڳتي قصو تمام وڏو آهي. هي حرڪتون، هي عمل انهن شاگردن طرفان جيڪي تعليمي ادارن مان سڀ کان اعلي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن بس سائين ڪهڙو تجزيو ڪجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ڇا چئجي. چيو ويندو آهي، ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي به ڏسو هر ڪو اها ساڳي ئي ڳالهه ڪري ٿو، سڀني جي خبر ساڳي ئي هوندي آهي. ڪهڙي خبر ڪهڙي ڳالهه اها ئي ته علم حاصل ڪبو آهي، علم پرائبو آهي جئين انسان ۾ شعور اچي انسان ۾ انسانيت اچي انسان ۾ ماڻهپو اچي انسان ۾ سوچ پيدا ٿئي انسان ۾ سمجهه پيدا ٿئي غلط ۽ صحيح کي سڃاڻي سگهي. غلط ڇا آهي صحيح ڇا آهي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا نه ڪرڻ گهرجي. هي مڙئي ڳالهيون آهن جنهن لاءِ چيو وڃي ٿي ته علم سکاري ٿو علم پرائڻ سان هي ڳالهيون انسان ۾ اچن ٿيون. انسان اخلاق سکي ٿو. ٻين جي عزت ڪرڻ سگهي ٿو. وڏن جي عزت ڪرڻ سگهي ٿو، ننڍن سان پيار ڪرڻ سگهي ٿو. علم انسان کي انسان ٺاهي ٿو. جيڪي ڳالهيون انسان کي جانورن الڳ ڪن ٿيون، جيڪي ڳالهيون انسان کي حيوانن کان ممتاز ڪن ٿيون، انسان ۽ حيوان ۾ جيڪي شيون تميز پيدا ڪن ٿيون انهن تميز پيدا ڪندڙ شين کي انسان اندر آڻڻ، علم جو ڪم آهي.اسان وٽ علم پرائڻ جون، تعليم حاصل ڪرڻ جون ڏاڪي به ڏاڪي درسگاهون آهن. جنهن ۾ سڀ کان پهرين درس گاهه سڀ کان پهريون ڏاڪو سڀ کان پهرين تعليم پرائڻ جي جاءِ گهر کي ئي سمجهيون وڃي ٿو. گهر اندر به ماءُ جي پياري هنجهه کي چيو ويندو آهي. سڀ کان پهرين تعليم سڀ کان پهرين تربيت جيڪا ڪري ٿي سو ماءُ ڪري ٿي ان بعد ساڳي ئي گهر ۾ پيءُ هوندو آهي چاچا هوندا آهن، ڏاڏو هوندو، ڏاڏي هوندي آهي ڪيترائي مائيٽ ميٽ ڪيترائي رشتي دار هوندا آهن جنهن کان انسان علم پرائيندو آهستي آهستي پنهنجي منزل طرف وڌندو آهي. اڳتي هلي ٻار اسڪول ۾ باقائدي تعليم جي حصول لاءِ داخل ڪيو ويندو آهي ٻئين درس گاهه يعني اسڪول جي شروعات ٿيندي آهي. اسان وٽ ان اسڪول کي پرائمري اسڪول چيو ويندو آهي. قبلا پرائمري اسڪول جي ڳالهه تي آئون اوهان سان ماضي جي طرف تقريبن 1990 جو دور هو جڏهن اسان پهرين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين. ان پهرين ڪلاس ۾ استاد اسان کي سليبس ۾ موجود ڪتاب ته پڙهائيندو ئي هو پر ان سان انسان سازي جي شروعات پڻ ڪرائي وئي هئي. حيوان کان ممتاز ٿيڻ ۽ ماڻهو اندر ماڻهپو، انسان اندر انسانيت پيد ڪرڻ جي ڪوشش پهرين ڪلاس کان ئي استاد طرفان شروع ڪئي وئي هئي. اڄ به اهي ڳالهيون ياد آهن جيڪي پهرين ڪلاس ۾ اسان کي اسان جي استاد سيکاريون هيون. اسان جي رهنما جنهن ڳالهين طرف رهنمائي ڪئي هئي. اسان ۾ ماڻهپي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ماڻهپي واري واٽ طرف وٺي وڃڻ جي شروعات ڪئي هئي. پهرين ئي ڪلاس ۾ جنهن ڳالهين ته سائين زور ڏيندو هو سي هيو ته بابا ڪنهن سان به وڙهبو ڪونه ڪنهن کي به تنگ نه ڪبو، وڏن جو چيو مڃڻو آهي پاڻ کان جيڪي ننڍا آهن انهن کي پيار ڪبو انهن کي پيار ڏبو، انهن کي تنگ نه ڪبو، انهن کي چيڙائبو نه انهن کي روئاروبو نه انهن کان ڪا شيءُ کسبي نه. پنهنجن ننڍڙن ڀيئنرن، ڀائرن، سوٽن، ماساتن يا ميٽن مائٽن جي پاڻ کان ننڍڙن ٻارن کي پريشان هرگز ڪين ڪبو. جيئن عمر وڌندي رهي جئين پڙهائي جي درجن ۾ اضافو ٿيندو رهيو تئين ئي انهن سادين ڳالهين جي سمجهائڻ جو انداز ڪجهه تبديل ٿيڻ لڳو پر انهن اخلاقي ڳالهين، ماڻهو ۾ ماڻهپو پيدا ڪندڙ ڳالهيون جو ورجائو هر دفعه هر درجي هر ڪلاس ۾ ڪنهن نه ڪنهن استاد ڪيو ضرور ٿي. انهن ڳالهيون جو تسلسل برقرار ضرور رکيو ويو انهي تسلسل سان گڏ انهن ڳالهين جي مفهوم ۾ وڏي وسعت پيدا ٿيڻ لڳي. هنن کي اپنائڻ ڇو ضروري آهي. هنن تي عمل ڪرڻ ڇو ضرور آهي انهن جو فائدو ڇا آهي هنن کي سرانجام نه ڏيڻ ڪري ڇا ٿيندو. انهن جي نقصانن تي به مختلف تريقن سان روشني وجهي ويندي رهي.

    سائينان سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود الاءِ سبب ته ڇا آهي. الاءِ ڳالهه ته ڪهڙي آهي جو اڪثر علم پرائيندڙ شاگرد انهن اخلاقي ڳالهين تي نٿا هلن. هي ڳالهيون هنن جي گفتار ۽ ڪردار جو حصو نٿيون بڻجن. علم جي راهه ته هلندڙ پانڌيئڙن کي هي ماڻهپي واريو ڳالهيون، هي انسانيت واريو ڳالهيون اپنائڻ ۾ مشڪل پيش اچي ٿي. اسان وٽ شاگرد 12 ڪلاسن بعد اسان جي ملڪي تعليمي نظام ۾ موجود سڀ کان اعليٰ درس گاهه جنهن کي يونيورسٽيچيو وڃي ان ۾ داخلا وٽن ٿا. ٻارنهن ڪلاسن تائين جنهن کي عام طرح انٽرميڊيٽ به چيو وڃي ٿو تنهن ڪلاس کي پاس ڪرڻ تائين رسمي، غير رسمي، نصابي طرح سان ڪيترائي انسانيت جا ڪيترائي ماڻهپي جا درس پڙهي چڪو هوندو آهي ڪيترائي درس پرائي چڪو هوندو آهي.تنهن بعد به ماڻهپو موجود نه هجي. تنهن بعد به انساني عملن ۽ انسانيت کان ڪريل عملن وچ ۾ فرق ڪرڻ نه اچي ته پوءِ معيار ڪنهن کي ڏجي. بس ڳالهه شايد سڄي هي آهي ته اگر طبعيت ئي مائل نه آهي اخلاق طرف ته پوءِ درس ڇا ڪندا. تبليغون ڇا ڪنديون، تعليم ڇا ڪندي. بس ڳالهه اقبال جي شعر جي هڪ لائين تي ختم ٿا ڪيون ته ” يه جتنا پڙهتي جاتي هين جهالت بڙهتي جاتي هي“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو