هڪ ڀيري پپنو سائيڪل تي چڙهي مارڪيٽويو، سودو وٺڻلاءِدڪان جي ٻاهران سائيڪل بيهاري اندر ويو، ٻاهر جو اچي ڏسي ته سائيڪل لڀي ئي ڪانه۔۔۔ پپنو وڏي واڪي سان چوڻ لڳو، جنهن به منهنجي سائيڪل چوري ڪئي آهي جلدي مون کي موٽائي ڏئي نه ته قسم آهي مون کي هن سودي جو، مان به ڪندس بابي وارو ڪم۔۔۔۔! چور جيڪو ٿوري دير اڳ ۾ سائيڪل چوري ڪري ويو هو، ڀرسان ئي بيٺو هو، واپس موٽائي اچي سائيڪل ڏنائينس۔۔۔ ۽ پڇڻ لڳس۔ پپنو ڏي خبر سائيڪل نه ملئي ته ڪهڙو ڪم ڪرين ها جيڪو پڻهين به ڪيو هو؟؟ پپنو سائيڪل تي چڙهندي چيو! چاچا ڪجهه به نه، صرف نئين سائيڪل وڃي وٺان ها بابا وانگر۔۔
جواب: بابي وارو ڪم۔۔۔ پپنو جي بابي ڪم ته اصل صفا لاجواب ڪيو هو پپنو جو به نيڪ خيال هو لاجواب ادا مست سدائين گڏ
جواب: بابي وارو ڪم۔۔۔ ڀلا اهو چاچو ڪير هو ۔۔۔؟ الائجي ڇو چاچي لفظ تي ڪجهه ياد ٿو اچي ”۔۔؟ اسانجي اڱڻ تي ڪو چاچو ته ڪونهي نه۔۔؟؟
جواب: بابي وارو ڪم۔۔۔ سائين اها ته توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته هتي ڪهڙي شخصيت کي چاچو سڏيو ويندو آهي۔۔۔ اسان ته ستين ڪال آيا آهيون۔۔ ڀلا اها راز جي ڳالهه اسان مستن کي به کڻي ٻڌايو۔۔
جواب: بابي وارو ڪم۔۔۔ ادا مست، هوندو ڪو چاچو ته پاڻ ئي ظاهر ٿيندو، نه ته اسان به ڪنداسي بابي واري ڪار ۔۔۔ ڪيئن ؟؟؟