پيارا سنڌي دوستو السلام عليڪم منهنجو نالو رميز خواجا آهي ، شهر ٽنڊو محمد خان منهنجو جنم ڀومي آهي هن شهر ۾ منهنجو جنم 21 ڊسمبر 1987ع ۾ ٿيو، منهنجي تعليم بيچلر آف انجينيئرنگ آهي ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر آهي موجوده وقت ۾ آئون سي ايس ايس جي تياري ڪري رهيو آهيان ،سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو ڏس پتو محترم نثار ناز ڏنو،ڪوشش ڪندس ته سنڌين جي هن محبتي اڱڻ لا پنهنجي مصروفيت مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجون جيڪي به صلاحيتون آهن سي پنهنجي قوم لا وقف ڪريان ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ ادا اوهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي۔ اوهان کي شڪارپوري فقير دل جي گهرائن سان ڀليڪار ٿو چئي
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ واه ادا واه مهرباني جو توهان پنهنجو تعارف ڪرايو يقينن جهڙي توهان جي تعليم آهي اسان کي توهان کان وڌيڪ معلومات ملندي مهرباني
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ادا اسان کي يقين آهي ته توهان جي قابليت مان اسان کي فائدو رسندو ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جوانتظار رهندو ادا ان کي علاوه مان اوهان کي هن محبتي اڳڻ تي اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو سدائين گڏ
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ ڀائڙا رميز خواجا، سنڌ ٻولي جي هن اوطاق تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۔۔۔ ڀائڙا اوهانجي تعليم ۽ تربيت جا حٍوالا انتهائي حوصلا ڏياريندڙ آهن ۽ اميد آهي ته اوهين ڪميشن جي امتحان ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندا ۽ اسانکي هڪ سهڻو سنڌ دوست بيوروڪريٽ ملندو ۔۔۔ بس اسانجي التجا آهي ته خدارا، جڏهن ڪنهن منزل تي پهچي وڃو، جڏهن ڪنهن اوچائي تي هجو ته سنڌ ڏانهن ورائي ضرور ڏسجو ۽ پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪجو ۔۔۔ اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ نثار ناز جيئان اسانجي اڱڻ کي روشن ڪرڻ لئه پنهنجي علم جي روشني مان اسانجي ڪکائن گهرن کي پڻ ڏيئا ٻاري روشن ڪندا ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي پنهنجن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ ادا رميز ۡخواجا توهان جو تعارف پڙهي دل کي ڏاڍي خوشي ٿي، سنڌ سلامت تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. اميد ته سنڌ سلامت کي اوهين پنهنجي قابليت سان فائدو رسائيندو۔۔۔
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ قبلا وڏي توهان جي مهرباني جو اوهان هن آڳند تي محبتي قدمڙا ڀري آيا آهيو۔۔۔۔۔ اوهان کي دل جي گهرائين سان واڌايون ٿا پيش ڪريون۔۔۔۔
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ سڀني کان پهرين حد ادب سلام ، سڀني سنڌ واسين کي۔ آئون توان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان ، جن منهنجي سنڌ سلامت ۾ آمد کي ساراهيو ۔ چوندا آهن ته دعائن سان تقديرون مٽجي وينديون آهن، اميد ته توان سڀ دوست منهنجي ڪاميابي لا دعاگو ٿيندا۔
جواب: مون سان ملو، آئون آهيان رميز خواجا۔ ادا رميز توهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ اچڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو۔